سنڌي ادب

پهريون مڪمل آن لائين ناول

خوابن جو سفر

مهاڳ


منهنجو هي ڪتاب، جنهن جي اختصار واري صفحي تي ’صنف‘ جي سِري اڳيان ’ناول/ڪٿا‘ لکيو ويوآهي، دراصل منهنجي ’رومانوي يادگيرين‘ جو هڪ ڳٽڪو آهي. جنهن کي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ خاطر مونکي ڪنهن معياري مخزن لاءِ هڪ ڊگهي ’مضمون‘ طور رڳو ڏهه ٻارهن صفحا لکڻا هئا. پر، جڏهن لکڻ ويٺس ته ورق ايئن وڌندا ويا جو مواد ۽ هيئت جي حساب سان تحرير هڪ ’ناول‘ جِي شڪل اختيار ڪندي وئي. جنهن تي مون مٿس ’ناول/ ڪٿا‘ جو ليبل لڳائي، کيس ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ئي وڌيڪ سيبائتو سمجهيو.
هن ناول جي ڪهاڻي منهنجي ذاتي ’پيار ـ ڪهاڻيءَ‘ تي ٻڌل آهي. پيار، جيڪو پکيئڙن، پوپٽن، گلڙن ۽ صحرائن سميت حيوانن، انسانن ۽ خود خدا لاءِ به انتهائي ضروري سمجهيو وڃي ٿو. پيار، جيڪو هر جيوت جي جياپي جو سڀ کان وڏو سهارو ۽ سڀ کان قيمتي اثاثو ٿئي ٿو. هن ناول جي ڪهاڻي ماءُ جي چادر جهڙي مقدس ۽ چانڊوڪيءَ جهڙي اُجري هڪ اهڙي محبت تي مشتمل آهي، جنهن محبت کي ڪنهن ٻئي نانءَ طور ’عبادت‘ به چئي سگهجي ٿو. هيءَ ڪٿا هڪ اهڙي پيار جي ڪٿا آهي جنهن کي فخر سان ’پيار‘ بجاءِ ’پوڄا‘ به ڪوٺي سگهجي ٿو.

هن ناول جي ڪهاڻي هڪ اهڙي زنجير آهي، جنهن جي هر ڪڙي هڪ نئين خوبصورت خواب سان منسوب آهي. خوابَ، جيڪي مونکي منهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي اکين کان به وڌيڪ عزيز رهيا آهن.

” هئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا!“ واري ڪيفيت ۾ لکيل منهنجي هن ناول جو تانڃي پيٽو هڪ اهڙي بي غرض پيار جي آڌار تي اُڻيل آهي، جنهن کي ”کِلَ جهڙو پيار!“ سڏي سگهجي ٿو. هڪ اهڙو پيار جنهن ۾ ٻاروتڻ سان گڏ جواني به آهي. هڪ اهڙو پيار جنهن ۾ بي چينيءَ سان گڏ رواني به آهي. هن ناول ۾ پکين جي اُن جوڙي جو ذڪر آهي، جيڪو ملڻ کان اڳ وڇڙي وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي باغ جو داستان آهي، جيڪو اُسرڻ کان اڳ اُجڙي وڃي ٿو. هن ناول، هن ڪتاب ۾ آسمان مان ٽٽل انهن ٻن ستارن جي ڪهاڻي آهي، جن مان هڪ هِن پار ته ٻيو هُن پار ڪريو آهي.

اسان سڀ برف جا مجسما ٺاهيندا آهيون ۽ پوءِ انهن کي پگهرندو ڏسي پاڻ به ڀُري پوندا آهيون. مون به ويجهي ماضيءَ ۾ پنهنجي ”صنم خاني“ ۾ هڪ نئون مجسمو جوڙيو هئو، پر دوزخ جهڙي هن سماج ۾ ان جي پگهرڻ بعد مان پنهنجي غم کي لُڙڪن ۾ لوڙهي رهيو آهيان، ۽ منهنجي دل جا لُڙڪ وري منهنجي غم کي مايوسي بنجڻ کان روڪيندي خوبصورت تخليقن سان منهنجي جهول ڀريندا ٿا رهن. منهنجو هي ناول منهنجي عشق، منهنجي عبادت جي پاڪائي ۽ پارسائيءَ جو چِٽو ثبوت آهي.اميد ته منهنجي پيار جو هي پورهيو منهنجي پڙهندڙن وٽ قبوليت جو درجو ضرور ماڻيندو.

مظهر ابڙو

احمر جو گهر“

گلشنِ نظير، نئين شهباز ڪالوني،

خيرپور ميرن واري، سنڌ.
0300-9317967
0334-2727004

مڪمل ناول پڙهڻ لاءِ هيٺين لنڪس تي ڪلڪ ڪندا


خوابن جو سفر (1st online sindhi novel) مظهر ابڙو _حصو پهريون


خوابن جو سفر (1st online sindhi novel) مظهر ابڙو __ حصو ٻيو

شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو

حسام ميمڻ

نظم

رات ٿئي ٿي
ننڊ اچي ٿي
من کي پياري
مُنڊَ اچي ٿي
گهاٽيون گهاٽيون
واديون آهن
سُندر ڏاڍيون
ساديون آهن
گاههَ لڳن ٿا
گهرا گهرا
ڌرتيءَ پاتا
ڄڻ هِن سهرا
گُل گُل بيٺو بهار جو ڄڻ باب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو

جهومي پريون
پَر ڦهلائن
گيت خوشي جا
ويٺون ڳائن
آد جڳادي
سهڻي وادي
مشڪ عنبر سان
واسيل سادي
مان ڏئي ٿي
گيت رچي ٿو
ساهن منجهه
سُرور اچي ٿو
جنتَ جو من
سارو شوق شباب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو

وهنجي ناري
وارَ ڇنڊي ٿي
ڄڻ رابيلن
هارَ ڇنڊي ٿي
مستيءَ جو ڄڻ
جُهڙ ٿوڇانئي
هن کي ئي من
هن کي چاهي
مَن ڄڻ ڦاٿو
ڀـــا لن ۾ آ
آگم نــيڻَ
غزالن ۾ آ
ڇُل ڇُل ڇلندڙ
مِٺڙي مڌ ، شراب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو

خواب ته هڪڙو
خواب هجي ٿو
جهٽ کان پوءِ
عذاب هجي ٿو
ســــارا سپنا
شيشـــي وانگر
ڪِرچيون ڪِرچيون
شيشـــي وانگر
ائين لڳو ڄڻ
سڀ اتفــــا قي
ڇا ڇا بچندو
ڪجهه به نه باقي
ياد ـ نگر ۾
پوڙهو ڄڻ ته شباب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو