ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي، ته انٽرنيٽ جي دنيا هاڻي ڪا ڳجهي دنيا نه رهي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ هونئن ئي تعليمي شرح گهٽ آهي ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارن جي شرح ان کان به گهٽ آهي. پر ماڻهن ۾ هڪ شعور بيدار ٿيو آهي ۽ هو آهستي آهستي مواصلات ۽ ابلاغ عامه جي جديد رجحانن ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳا آهن. ان ڪري اسين پر اميد آهيون ته ماڻهو جديد دنيا جي هن لاڀائتي عنصر کي لنوائي ڪونه ٿا سگهن.سنڌ فورم جو مقصد اهو ئي آهي ته اهو سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مامرن کي بحث هيٺ آڻي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ڏي، جتي هو هڪ ته پنهنجي مادري زبان ۾ لکي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ۽ ٻيو پنهنجي ٻولي ، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪو هٿ پير هڻن. دنيا جي سڌريل ملڪن جون ٻوليون گهڻو ڪري آپريٽنگ سسٽم جو جو هڪ اٽوٽ حصو ٿي ويون آهن ، پر سنڌي ٻوليءَ سان اڃ تائين ماٽيجي ماءُ وارو ورتاءُ آهي. سانا جي جي تازي گولڊن جوبلي آمريڪا ۾ ٿي گذري ان ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ قرارداد پيش ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. ٻولي آهي ته سنڌيت به آهي نه ته ڇا ٿو بچي، انڪري باشعور سنڌي ماڻهو پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وٽان جتي ڪٿي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششون وٺي رهيا آهن ، جيڪا هڪ چڱي ريت آهي، اسانجي ماڻهن کي به گهرجي ته هو ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙن!

سنڌ فورم ٻوليءَ جي حوالي سان اهو هڪ ٽيڪنيڪل ڪم ڪري رهيو آهي ته سنڌي ايڊيٽر معرفت سمورا ليک سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇاپي رهيو آهي ته جيئن سنڌي ٻولي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڄي سگهي ۽ جتي جتي سنڌي لوڪ وسي ٿو اهو پنهنجي ٻوليءَ کي پڙهي ۽ ڪجهه اظهاري سگهي.سنڌي ٻوليءُ جي ان پهلوءَ کان سوا سنڌ فورم پنهنجي پراڻي layout کي تبديل ڪري جديد گهرجن مطابق انهن اهم موضوعن کي ڪيٽگوري وائيز رکيو آهي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ آزاديءَ ۽ آسانيءَ سان لکي سگهي يا پڙهي سگهي.

اسين سنڌ جي سڀبي سڄاڻ ڌرين تائين اهو عرض ڪريون پيا ته نه رڳو ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ترقي وٺائڻ جي حوالي سان هو هن فورم کي جوائن ڪرن ، پر هن فورم ۾ جيڪي به ڪيٽگوريز آهين ، انهن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وٽان پنهنجو لکڻيون شامل ڪرن .

اسين اها ڳالهه به ڪندا هلون ته اسين ڪوشش ڪريون ٿا ته معيار قائم رهي، اهڙو مواد شايع ڪجي، جيڪو سچ ۾ تبديلءَ جو ڪارڻ بڻجي ۽ سنڌ ۽ سنڌيت ۾ واڌاري اچي سگهي، اميد ته سنڌ جون سموريون لائق ڌريون اسان سان ان حوالي سان سهڪار ڪنديون.

سنڌ فورم جو مقصد سنڌ ۽ ان ۾ وسندڙ سنڌي لوڪ جي علمي، اخلاقي، ادبي ۽ سماجي خدمت ڪرڻ ۽ ان جي هر مسئلي جو جائزو ، شناخت ۽ حل لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ آهي. هي فورم ڪو سياسي فورم نه پر هڪ ڪلچرل ۽ علمي قسم جو فورم آهي، اسين اميد ڪريون ٿا ته سموري سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ سڄاڻ ڌريون اسان جي ان حوالي سان هر ممڪنه سهڪار ڪندا.

ايڊيٽر: حسام ميمڻ
16 جولاءِ 2009