اچو ته پنهنجي ڪلچر کي بچايون ۽ ڦهلايون ــــــ 6 ڊسمبر 2009 ٽوپي ڏينهن
دوستو!
Sindhi Cap
ائين ٿو لڳي ته شاهد مسعود پاڪستان ملڪ جي موجوده صدر جي ثقافتي لباس ۽ ٽوپيءَ تي ڳالهائي ڄڻ سنڌي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جوڪم ڪيو آهي . شاهد مسعود جي متعصبانه تنقيد اسان لاءِ انڪري مثبت ثابت ٿي آهي جو اسان جا سنڌي ماڻهو ڪنڊ ڪڙڇ مان گڏجي هڪ ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي لباس ۽ ڪلچر جي بچاءَ لاءِ سراپا احتجاج ٿي کڙا ٿيا آهن ۽ قوم ۾ ايڪي ۽ ٻڌي جو رواج مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه اسان سڀني جي لاءِ هڪ سٺو سنوڻ آهي.
هونئن ئي قوم گهڻي عرصي کان سوچي پئي ته جيڪر گڏجي ڪم ڪجي، نه ته اڪيلا ٿي وکري وينداسين، ان حوالي سان تازا مثال ٻه ڪامياب لانگ مارچ آهي، هڪڙو جسقم پاران ”آزادي مارچ“ ، ۽ ٻيو عوامي تحريڪ پاران 46 ڏينهن وارو لانگ مارچ . ٻئي مارچ وڏا پرامن ۽ انتظام جي حوالي سان ڪامياب رهيا ۽ وڏي عرصي کان پوءِ لڳو ته ڪراچي سنڌين جي هجي…..!
انهن لانگ مارچن کان پوءِ شاهد مسعود جيڪو صدر پاڪستان (جيڪو سنڌي آهي ) ان جي افغانستان واري دوري تي اهو ڳالهايو ته صدر صاحب ننڍي صوبي جو ٿي ڪري سنڌي ٽوپي پائي گهمندو پيو وتي، اسان لاءِ پڻ هڪ سٺو سنوڻ ثابت ٿيو ته قوم هڪ دفعو ٻيهر سراپا احتجاج ٿي پئي ته اسين سنڌي هڪ آهيون ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين پاڪستان جا ٺاهيندڙ آهيون ۽ اسان کي گذريل 60 سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي اسان کي ڀت سان هنيو ويو آهي، ۽ اسين 5000 هزار سال جي تاريخ رکون ٿا. شاهد مسعود کي اهو آئڊيا نه هو ته هو ڇا پيو ڳالهائي ، اهڙا ماڻهو رڳو اسٽيبلشمينٽ جون رڪارڊ ٿيل ۽ ٽيپ ٿيل تحريرون پڙهي ڪري صحافي ٿيل هوندا آهن، جن کي نه ڪا تهذيب هوندي آهي نه اخلاق، جي هن وٽ اهي ٻ شيون هجن ها ته هو ڪڏهن به سنڌي قوم جي costume تي ڪڏهن به اهڙا رمارڪس پاس نه ڪري ها ، هن سنڌ ، سنڌين ۽ 5000 هزار سالا قوم کي للڪاري وڌو ۽ قوم پاڻ سان ڪيل ان بد تهذيبيءَ تي جاڳي اٿي آهي جيو ٽي وي جي متعصبانه رويي خلاف آواز بلند ڪري چڪي آهي ته اهڙن چئنلس جو بائڪاٽ ڪيو وڃي جيڪي قومن جي اخلاقي ۽ فطري حقن خلاف نفرت پيا پهلائن.
ان ڪري 6 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي پائڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هر سنڌي پنهنجو فرض سمجهي حصو وٺي رهيو آهي ۽ شاهد مسعود ۽ اهڙن ڀاڙيتو قسم جي صحافين ۽ بغض اوڳاڇيندڙن خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻي اسان واري قوم کي گهڻن ئي پردو پوش مڪروهه چهرن ۽ منصوبن جو پتو پئجي چڪو آهي، جن رازن کي ، بغض ڦهلائيندڙ پاڻ ئي قوم اڳيان آڻن پيا.
اسين بس هڪ اهو عرض ڪنداسين ته قوم ان ئي ايڪي ۽ اتحاد سان پنهنجو ڪم جاري رکي ۽ ڪنهن به غاصب ۽ غدار اڳيان جهڪڻ ۽ ڏڪڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، اهڙن متعصب ماڻهن کي اهو پتو نه آهي ته هنن پنهنجي ساڙ قلعا جيڪي هوا ۾ اڏيا سي ڊهي چڪا آهن ۽ اميد ته قوم آئينده به ائين ئي هر مسئلي تي گڏجي سڏجي حصو وٺندي ۽ پنهجو دفاءُ پاڻ ڪندي .
_حسام ميمڻ
02 ڊسمبر 2009
| Print article | This entry was posted by admin on December 2, 2009 at 11:49 am, and is filed under اداريو. Follow any responses to this post through RSS 2.0. You can leave a response or trackback from your own site. |