اچو ته پنهنجن شهرن جي تاريخ نئين انداز ۾ محفوظ ڪيو
هن وقت سنڌ ۾ جيڪا ذهني، سماجي، شعوري ، ثقافتي ۽ هر قسم جي افراتفري آهي ، ان کان اسانجو هر ماڻهو واقف آهي، هر ماڻهوءَ کي اها شڪايت آهي ته ”هي ڇا ٿي رهيو آهي“ .. ڪيئ دوست رڳو اخبارن ۾ لکن ٿا، ڪيئ دوست روز چئنلس تي پنهنجي پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏاهپ پٽاندڙ ڳالهائين پيا، پر سڀني بحثن ۽ مباحثن کي نظر ۾ رکندي جي اهو جائزو ورتو وڃي ته عملي طور اوهان کي نتيجا گهٽ نظر ايندا ۽ ڳالهيون گهڻيون.
چوڻ جو مطلب ته ڳالهائڻ آسان آهي، پر عمل ڏاڍو ڏکيو ۽ قرباني گهرندڙ آهي، انڪري ماڻهو ڳالهائين گهڻو عمل گهٽ ٿا ڪرن، ڇو ته اهو ڪم نسبتن سستو ۽ محنت طلب گهٽ آهي.
اسين پنهنجي هن اداريي ۾ ان ئي ڳالهه کي فوڪس ٿا ڪريون ته ڳالهائجي گهڻو ڪجهه ويو، پر عمل نظر گهٽ ٿو اچي ، ڳالهائڻ لاءِ ڳالهائڻ تي ته ماڻهو عمر ڳاري سگهي ٿو، ڇو ته ڳالهيون کٽڻ جون ناهن.
اسان سنڌ جي سمورن ماڻهن کي هڪ اپيل ٿا ڪريون ته هن وقت سنڌ ۾ 23 ضلعا آهن، جيڪا ايترا گهڻا ناهن ، آباديءَ جي حساب سان اهي گهٽ آهن ڇو ته آبادي گهڻي آهي ۽ وسائل گهٽ ، ماڻهو اڃا گهڻا ٿيندا پيا وڃن پر هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي نفسا نفسيءَ ۾ پورو اهي، انڪري ڪوشش ڪجي ته ڪجهه وقت ڪڍي عمل ڏانهن به سوچجي . جيئن اياز گل جي هڪ غزل جو مصرع آهي ته:
ڪجهه عمل ڏي به سوچ او ڏاها!
تو ته خالي خطاب پوکيا هن
اسانجي گذارش اها آهي ته ورهاڱي کانپوءِ سموري سنڌ زوال پذير ٿي آهي، ۽ مٿان وري فوج ڪشيون، وري ڪرپٽ جمهوريتون، وري لساني ۽ قومي فساد ۽ وفاق جون ارهه زورايون مطلب ته چارسو مسئلن جا انبار لڳا پيا آهن. تاريخ مسخ ٿي چڪي آهي، اين جي او ڪلچر اسان کان اسان جا ٽيلينٽيڊ ماڻهو کسي ورتا آهن ۽ چئنلس وري سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي آڙ ۾ به اسان کان اسان جا تخليقي دماغ کسي ورتا آهن، تخليقي شيون اوهان غور سان ڏسو اوهان کي ورلي ئي ڪي نظر اينديون، تخليقي شين جو مزو ماڻڻ لاءِ اسان کي پوئتي وڃڻو ٿو پوي، جڏهن شهرت وڏي محنت ۽ پيار جي پورهئي کان پوءِ ئي حاصل ٿيندي هئي. انجو مطلب اسان جي تخليقيت به ماضيءَ جو داستان آهي ، اسين ائين ڪونه ٿا چئون ته تخليقي صلاحيت موجود ناهي، يا اسان وٽ ماڻهو ئي ڪونهن ، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، پر هينئر جديد دور آهي، وڌيڪ سائل آهن ، ميڊيا ترقي ڪئي آهي، پر ان جي باوجود تخليقي شيون نظر گهٽ ٿيون اچن.
انڪري ان شيءِ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪري اسين اهو ڪم ڪيون جو پنهنجي پنهنجي ضلعي تي ڪم ڪريون، اتان جي تاريخ، ڪلچر، عوامي ڳالهيون، شخصيتون، شاعر، اديب، تاريخ نويس، صحافي، عوامي ليڊر، هر پهلوءِ کي کڻون ۽ انهن جي تاريخ ضلعي ليول تي الڳ الڳ ڪم ڪريون، جيڪي سکر جا آهن اهي سکر تي ڪم ڪرن ، جيڪي حيدرآباد جا آهن اهي حيدرآباد تي ڪم ڪرن، ۽ اهو سمورو ڪم انٽرنيٽ تي رکجي ۽ ڪوشش ڪجي ته پنهنجي لوڪل شين کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو آڻجي، اسين سمجهون ٿا ته اهو ڪم هڪ ته تڪڙو ٿيندو ۽ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ تي گروپ ، پيج ۽ ويب سائيٽس ٺاهي ته هڪ نئين تاريخ جڙڻ لڳندي. ان جو هڪ مثال شڪارپور آهي، جنهن جي هر پهلوءَ تي انٽرنيٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي، فيس بوڪ جي سوشل نيٽ ورڪنگ جون سهولتون سڀن لاءِ آهن، هر ماڻهو انهن مان فائدو وٺي سگهي ٿو، نه رڳو فيس بوڪ پر اهڙيون کوڙ ساريون ويب سائيٽس آهن جيڪي اهڙيون سهولتون مفت فراهم ڪرن ٿيون. انکان علاوه يو ٽيوب تي وڊيو فارم ۾ تاريخ کي سهيڙي سگهجي ٿو. اميد ته دوست ان ڳالهه تي ڌيان ڏيندا…!
حسام ميمڻ
12 فيبروري 2010
| Print article | This entry was posted by admin on February 12, 2010 at 3:10 pm, and is filed under اداريو. Follow any responses to this post through RSS 2.0. You can leave a response or trackback from your own site. |