سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي




نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 
  پرنٽ پيش منظر

خوابن جو سفر (1st online sindhi novel) مظهر ابڙو __ حصو ٻيو
مصنف پيغآم
تحريرموڪليل: سومر آگسٽ 10, 2009 5:30 am 
آف لائين
ايڊيٽر

داخلا جي تاريخ؛: جمعو فيبروري 27, 2009 5:21 am
تحريرون: 181
ٻيو حصو

نوٽ:
اسان کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسين سنڌ جي نوجوان تخليقار مظهر ابڙو جو هي ناول آن لائين ڪري رهيا آهيون . مظهر جي به اها خواهش آهي ته هي ناول آن لائين ٿيڻ گهرجي، جيستائين اسان جي معلومات آهي ته سنڌ ۾ هي پهريون آن لائين ناول آهي، جيئن ته هي سمورو ناول ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلن جي ڪري اسان هڪ ئي صفحي تي رکي نٿا سگهون ، انڪري اسان هن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي . هي ناول جو ٻيو حصو آهي. سنڌ فورم هڪ مهل 60000 لفظ رکي سگهي ٿو، جڏهن ته هن ناول ۾ 10000 کان به مٿي لفظ آهن، ان ٽيڪنيل رنڊڪ جي ڪري اسان ناول کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي ۽ مٿان ٻنهي حصن تي حصو نمبر لکيو آهي ته جيئن پڙهندڙ آسانيءَ سان ناول کي ٻن حصن ۾ پڙهي سگهن ۽ تسلسل برقرار رهي سگهي . پهريون ناول آن لائين ڪرڻ جو ڪريڊٽ سنڌ فورم ڏي وڃي ٿو.

حسام ميمڻ
10 جولاءِ 2009
________________________________________________


مون لاءِ دنيا جو مشڪل کان مشڪل ڪم عورت ذات جو ڀيد سمجهڻ رهيو آهي. عورت، جيڪا سمجهه ۾اچڻ تي پئي ته فورن اچي وڃي، نه اچي ته سال گذري وڃڻ باوجود به هڪ پراسرار پرولي ئي رهندي آهي، جنهن جي ڀڃڻي ڪنهن وٽ نه هوندي آهي. عورت جي ڪسوٽيءَ جي حوالي سان نوجوان شاعر خادم منگيءَ جي غزل جون هيٺيون سٽون مون لاءِ هميشه معنيٰ خيز رهيون آهن:

ڊاهي عورت، ٺاهي عورت،
ڀڃ پرولي، ڇاهي عورت؟!
دنياداري ۽ گهرداري،
ٻنهي ساڻ نباهي عورت
آدم کان وئي جنت وسري،
داڻو ٿي کارائي عورت
هن جا ڀي ڪي جذبا هوند،
پاءُ اٽو ٿي کائي عورت
شروع شروع ۾ ’سُرهاڻ‘ کي سمجهڻ لاءِ به مونکي تمام گهڻي پريشانيءَ سان منهن ڏيڻو پيو هو. ابتدا ۾ هن جو ۽ منهنجو سٻنڌ ايترو ته الجهيل هيو جنهن کي سلجهائڻ لاءِ مونکي پنهنجو گهڻو ڪجهه گنوائڻو پيو هو، پر پوءِ هڪ ڏينهن سُرهاڻ پاڻ ئي ’مشڪل ڪشا‘ بڻجي منهنجي اها مشڪل آسان ڪري وڌي هئي. ان ڏينهن هن مونکي سائين جي.ايم سيد جو ڪتاب ’ديارِ دل ۽ داستانِ محبت‘ پڙهي ڏسڻ جي صلاح ڏني هئي.
سائين جي.ايم.سيد، جيڪو هڪ وڏي ذهن ۽ عظيم ڪردار جو مالڪ هو، تنهن پنهنجي هن ڪتاب ذريعي پنهنجي ذاتي زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا ۽ واقعا بيان ڪندي مون جهڙن ڪيترن ئي منجهيلن کي محبت ۽ عشق متعلق سوليون سمجهاڻيون ڏئي نيون سوچون، نوان نظريا عطا ڪيا آهن. رهبرِ سنڌ ’ديارِ دل ۽ داستانِ محبت‘ ۾ عشق بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: عشق ڪنهن شيءِ ڏي ڪشش يا لاڙي ۽ وصال جي خواهش آهي. عشق علم ۽ عمل کي ملائڻ جو ذريعو آهي، عشق بي ڪيف زندگيءَ ۾ سرور پيدا ڪرڻ جو وسيلو آهي. عشق بذات خود هڪ ڪيفيت آهي جنهن جي موجودگي ٽامي کي سون بنائي ٿي، خاڪ کي ڪيميا جو درجو ڏئي ٿي. عشق ماڻهوءَ کي هوش کان بي هوش ڪري ٿو، زمين کان آسمان ڏي نئي ٿو، اهو زمان ۽ مڪان جا سنڌا سيڙها مِٽائي ڇڏي ٿو، وصال جي باغ جا ميوا چکائي خوشيءَ کي دائمي بنائي ٿو ۽ فراق جي باهه مان لنگهائي ريءَ کي سون ڪري ٿو. عشق باهه آهي جنهن جي نزديڪيءَ ۾ رهڻ ڪري لوهه وانگر سڀ باهه جون صفتون حاصل ٿيو وڃن. باهه جو رنگ ڳاڙهو آهي ته لوهه به ڳاڙهو ٿيو وڃي. باهه ساڙي ٿي ته لوهه به ساڙڻ لڳي ٿو. باهه روشني ڏئي ٿي ته لوهه به روشني ڏئي ٿو. محبت متعلق سائين جي.ايم.سيد پنهنجي هن ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته: محبت مذهب جو جوهر آهي، محبت عشق جي پيداوار آهي، محبت اتحاد جي ڪنجي آهي، محبت ايمان جي مخزن آهي، محبت راههِ هدايت جي رهبري آهي. عاشق ۽ معشوق بابت پنهنجا انمول ويچار جي.ايم.سيد هن طرح پيش ڪري ٿو: معشوق استاد آهي، عاشق شاگرد. معشوق امام آهي، عاشق مقتدي. معشوق مرشد آهي، عاشق مريد. معشوق معبود آهي، عاشق عابد. معشوق شمع آهي، عاشق پروانو.
’ديارِ دل ۽ داستان محبت‘ ۾ سائين جي.ايم. سيد پنهنجي شخصي محبت جو ذڪر ڪندي، ڄاڻائي ٿو ته سندس زندگيءَ تي ٽن عورتن اثر وڌو. انهن ٽن عورتن سان پنهنجي محبت جو لاڳاپو ظاهر ڪندي سيد سندن مڪمل نالا ڳجهه ۾ رکيا آهن ۽ انهن جو ذڪر سندن نالن جي ابتدائي اکرن ’م‘ ــ ’س‘ ۽ ’ت‘ سان ڪيو آهي.
’ديارِ دل ۽ داستانِ محبت‘ جي مطالعي سان پتو پوي ٿو ته، سائين جي. ايم. سيد جو ’م‘ نالي جنهن پهرين عورت سان لاڳاپو ٿيو هو، اها هڪ شادي شده عورت هئي ۽ هڪ ٻئي شادي شده مرد سان محبت ڪندي هئي. اهو مرد سائين جي.ايم.سيد جو هڪ دوست هو. سائين هنن ٻنهي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هڪ همدرد ۽ همراز وارو ڪردار ادا ڪندي مذڪوره عورت جي بي انتها رومانس جي اثر هيٺ لهسجي ويو هو. ’س‘ سان سيد جو سياسي لاڳاپن دوران جذباتي لڳاءُ ٿيو هو. ’ديارِ دل ۽ داستان محبت‘ مان اهو الميو، اها ٽريجڊي پڻ ظاهر ٿئي ٿي ته، شروع ۾ جيتوڻيڪ سائين جي.ايم سيد ’م‘ ۽ ’س‘ لاءِ حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ پريشان رهندو هو، کين پنهنجي عشق جي اظهار طور ’نوحن‘ ۽ ’مرثين‘ نما خط اماڻي پنهنجي محبت ۽ پيار جو اظهار ڪندو رهندو هو، پر اهي عورتون سندس دل جو سمورو حال ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ باوجود به جوابي خطن ۾ هميشه کيس ’پيارا ڀاءُ !‘ يا ’عزيز ڀاء!ُ‘ چئي مخاطب ٿينديون هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ ڪيترا ڪشالا ڪٽڻ بعد سيد کي مشڪل سان وڃي انهن جي قربت نصيب ٿي هئي. البته سيد جي زندگيءَ ۾ آيل ٽين عورت ’ت‘ جيڪا بمبئي سان تعلق رکندڙ هئي، تنهن جي.ايم.سيد سان نه رڳو پيار ڪيو هو، پر کيس مثالي انسان سمجهي سندس نزديڪ رهي روحاني ترقيءَ جا خواب به لڌا هئائين. پر افسوس، سَد افسوس جو سيد اُن عورت جي حياتيءَ ۾ سندس سچي محبت جو قدر نه ڪري سگهيو هو. ’ت‘ هميشه جي جدائيءَ کان اڳ سيد سان ملڻ لاءِ سنڌ اچڻ چاهيو هو، پر سيد ان جي کيس اجازت نه ڏني هئي، نتيجي ۾ هوءَ سيد جو اهو صدمو ۽ وصال جي آس ساڻ کڻي هميشه لاءِ ان پار هلي وئي هئي جتان اڄ تائين ڪو به واپس نه وريو آهي.
’ت‘ جي وفات بعد حالانڪه سيد پاڻ کي ڪيتريون ئي سزائون ڏنيون هيون ، گهڻو ڪجهه وڃايو هئائين، فراق جي صدمي ۾ تن تي ڪارو لباس ڍڪيوهئائين (جيڪو مهناز جي وڇڙي وڃڻ بعد ڪيترن سالن تائين مون به پنهنجي وجود کان ڌار نه ڪيو هو.) پر ان سان نه ته صدمي جي شدت گهٽي هئي نه ئي ٿيل نقصان جو ڪو اذالو ٿي سگهيو هو. پاڻ کي تڪليفون ڏيڻ مان سيد کي دلي سُڪون پلئه ڪونه پيو هو، البته سندس عشق کي وسعتون ۽ رعنائيون ضرور مليون هيون.
سائين جي.ايم.سيد جي زندگيءَ تي عشق جيڪي اثر ڇڏيا هئا، انهن جو اظهار ’ديارِ دل ۽ داستانِ محبت‘ ۾ ڪجهه هن طرح ڪيو اٿس:
عشق مونکي حبُ الوطنيءَ جي ترقي يافته مقام سان روشناس ڪرايو.
عشق اهي ڳالهيون سيکاريون جي نه ذڪر، نه علم ۽ نه فڪر سيکاريون هيون.
محبت اتفاقن آئي پر گهر ڪري ويئي. ان مختلف شين جا قد ۽ قيمتون بدلي ڇڏيا، ان رنديءَ جي راز کان واقف ڪيو.
عشق مونکي احد ۽ احمد جي وچ واري ” م“ جو مطلب سمجهايو.
عشق مونکي عليه عل جي دروازي جي واقفيت ڪرائي.
عشق مونکي عيسيٰ عليه جي صليبي عروج جي منزل کان متعارف ڪرايو.
عشق مونکي شهادت حسين جي راز کان واقف ڪيو.
عشق مونکي منصور جي مام مان آگاهه ڪيو.
عشق مونکي شمس تبريزيءَ جي در جي ساڃاهه ڏني.
عشق مونکي خواجه عطار واري سر حقيقت جي خبر ڏني.
عشق مونکي ڪرشن جي مرليءَ جو آواز ڪنن تائين پهچايو.
عشق مونکي سرمد جي شهادت ۽ راسگوئيءَ جي معنيٰ کان آگاهه ڪيو.
عشق مونکي شري رام جي بنواس اختيار ڪرڻ جي راز کان واقف ڪيو.
عشق مونکي شاهه بلاول عليه جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ ڪري سنڌ جي دشمنن جي پاڙن پٽجڻ جو پتو ڏياريو.
عشق مونکي شاهه عنايت جي ڪلمه حق ۽ يار جي بارگاهه ۾ سِرُ فدا ڪرڻ ۽ بارگران لاهڻ کان واقف ڪيو.
عشق منهنجي سياست جو دائرو وسيع ڪري سنڌ جي رهاڪن لاءِ بنا فرق مذهب ۽ ملت جي محبت پيدا ڪئي.
عشق مونکي راتيون جاڳاريون، اکين مان آب وهارايو ۽ ساري جهان جو درد عطا ڪيو.
عشق مونکي سنڌ جي پنجن هزارن ورهين جي شاندار ماضيءَ سان روشناس ڪرايو.
عشق مون کي عبادت ۾ تسڪين ڏني.
عشق منهنجي علم ۾ رهبري ڪئي.
عشق مون کي عمل ۾ بي راهه رويءَ کان هٽائي دڳ سان لايو.
عشق مون کي بت پرستيءَ ۾ راحت بخشي.
عشق مون کي بت شڪنيءَ جا ڪم ڪرايا.
عشق مون کي مذهبي سَنڌن سيڙهن کان مٿي چاڙهي ڪثرت ۾ وحدت جي پرک ڏياري.
عشق مون مان بي ايماني ڪڍي ايمان کي تازو ڪيو.
عشق مون کي هر جا پرينءَ جو پرتو ڏيکاريو.
عشق مونکي سکن هوندي ڏکن کي ڳولي لهڻ لاءِ آماده ڪيو.
عشق مون کي شاهه لطيف جي ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم جي ساڃاهه ڏني.
عشق مون کي سچل جي مستيءَ جي مام ۽ منصوري نعري جي ڳجهه کان واقف ڪيو.
عشق مون کي مثنوي مولانا روم، حافظ شيرازي، حضرت جاميءَ جي ڪلام سمجهڻ لاءِ ڪنجي عطا ڪئي.
عشق مون کي اها واقفيت عطا ڪئي ته عشق هر ڪنهن جي نجهري ۾ ڪونه ٿو اچي. صرف خوش نصيبن کي ان مان نجرو ملي ٿو.
’ديارِ دل ۽ داستانِ محبت‘ جي مطالعي بعد مونکي جي.ايم.سيد جي ’عشقيه زندگي‘ روس جي انقلابي شاعر ’ماياڪو فسڪي‘ سان ڪافي قدر ملندڙ جلندڙ محسوس ٿئي ٿي. جنهن پڻ سيد وانگر پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ ئي وقت ٽن زائفائن سان عشق هلايو هو. ساڳي وقت ٽن عورتن سان جذباتي لڳاءُ رکڻ سبب هن لاءِ اها چونڊ ڪرڻ مشڪل ٿي پئي هئي ته هو آخر ڪنهن سان گذارو ڪري؟! اهڙي ڀيانڪ ويچار ۾ ويڙهبي هُو پنهنجي اندر ٽُٽِي ٽڪرا ٿي پيو هو. احساسن جي گهڻي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ نيٺ پنهجي هڪ پرڻيل پريمڪا سان زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو هئائين. هن جي اها محبوبه سندس هڪ اديب دوست جي زال هئي، جنهن تي هن زور ڀريو هو ته هوءَ پنهنجي مڙس کي ڇڏي ساڻس شادي ڪري . ماياڪوفسڪيءَ جو اهڙو جذباتي فيصلو ٻڌڻ بعد هن جي محبوبه کانئس ڪجهه محلت گهري هئي، ته جيئن جنهن شخص سان هن هڪ عمر آندي آهي، تنهن کان علحدگي اختيار ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هوءَ ڪو مناسب جواز جوڙي وٺي. پر ماياڪو، جيڪو محبت جي معاملي ۾ بي حد جذباتي ۽ انتهائي اٻهرو هو، تنهن کي سندس محبوبه جي اها ورندي نه آئڙي هئي، جنهن ڪري آخري ڀيرو جڏهن هوءَ ماياڪوفسڪيءَ کان موڪلائي، سندس گهر مان ٻاهر مس نڪتي هئي ته ماياڪو پاڻ کي گوليءَ سان پورو ڪري ڇڏيو هو. هن جي محبوبه موٽي اچي سندس رت ۾ ليٿڙيل لاش ڏٺو هو.
سائين جي.ايم.سيد جو ڪتاب ’ديارِ دل ۽ داستانِ محبت‘ هونءَ ته سراسر سونُ آهي، پر منهنجي زندگيءَ ۾ اهو هڪ خوبصورت خواب ۽ حسين آدرش جيتري اهميت ان ڪري به رکي ٿو جو ان انمول ڪتاب سان منهنجي شناسائي سُرهاڻ جي معرفت ٿي هئي. هن ڪتاب مونکي منهنجي سُرهاڻ ۽ سندس محبت کي سمجهڻ جي آگهِي ڏني هئي. اڄ به هي ڪتاب جڏهن منهنجي اڳيان ايندو آهي ته يادن جي البم مان نڪري اها رات به ازخود منهنجي سامهون اچي بيهندي آهي، جيڪا سموري رات مون ۽ سُرهاڻ پنهنجي پنهنجي شهرن ۾ هڪ ٻئي کان الڳ الڳ هجڻ باوجود هن ڪتاب جو اکر اکر ۽ لفظ لفظ گڏجي پڙهيو هو. ان رات اسان موبائيل تي ”ايس.ايم.ايس“ ذريعي هن ڪتاب جي متاثر ڪندڙ هڪ هڪ ڳالهه پل پل ۾ هڪ ٻئي سان شيئر ڪندا رهيا هئاسون. اها رات بظاهر هڪ ٻئي کان ڪيترو ڏور هجڻ باوجود مان ۽ سُرهاڻ پاڻ ۾ ان ڪتاب جي ورقن وانگر ڪٺا هئاسون. انهيءَ ساڳي رات ’ديارِ دل ۽ داستانِ محبت‘ پڙهي پورو ڪرڻ بعد جهونجهڪڙي جو مون سُرهاڻ کان ’اياز‘ جو گيت ”سکي، پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي.“ ٻڌائڻ جِي فرمائش ڪئي هئي. جنهن تي هن اڳئين ڀيري کي ياد ڪري انڪار ڪندي چيو هو ته، ”ڪونه ٻڌائيندس، ڇاڪاڻ جو تون وري روئي پوندين.“ هن ساڳيا اذيتناڪ لمحا هڪ ڀيرو ٻيهر دهرائڻ کان لنوائڻ خاطر چيو هو، ”تون مرد ماڻهون آهين ۽ مونکي مردن جو زائفن وانگر روئڻ صفا ڪونه وڻندو آهي.“ مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي هن وڌيڪ اهو پڻ چيو هو ته، ”پاڻ کي سنڀال. همٿ هارڻ ڀاڙين جو ڪم هوندو آهي. مان توکي پهاڙ کان به مضبوط ڏسڻ چاهيان ٿي.“
•••
توڙي جو ’سُرهاڻ‘ منهنجي خواهشن ۽ آرزوئن جو ڀنڀور اڪثر ڊاهي ڇڏيندي هئي، پر مون کي پوءِ به پنهنجي ايندڙ زندگي ۽ ان جي منصوبن بابت جيڪو چوڻو هوندو هو، سو سڀ کيس چئي ڇڏيندو هئس. اها اپريل 2007ع جي ڳالهه آهي، جڏهن خيرپور جي بهترين علائقي ”گلشنِ نظير“ ۾ واقع منهنجي ننڍڙي خوبصورت بنگلي جِي مٿين ماڙ جو اڏاوتي ڪم هلي رهيو هو. تڏهن هڪ ڏينهن سُرهاڻ کي رومن لپِيءَ ۾ ”ايس.ايم.ايس“ اماڻيندي لکيو هئم ته:
“Begum, mathen mar tay to lai alag ghar payo thahrayan”
منهنجو اهڙو ”ايس.ايم.ايس“ پڙهندي سُرهاڻ بِرُ ٿي ويئي هئي ، مون ڏانهن جوابي ”ايس.ايم.ايس“ موڪلي چيو هئائين، ”بيگم ڇو ٿو سڏين؟ شرم ڪر، سپنن جا محل سجائڻ ڇڏي ڏي. ناممڪن ڳالهيون ڪري تنگ نه ڪر.“ هن جي موقف جي موٽ ۾ مون پهريان ته پنهنجي مزاح واري حِس sense of humer استعمال ڪندي کيس اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته مون توکي ”بيگم“ نه پر ”بي غم“ لکيو آهي. پر، پوءِ فورن سنجيدو ٿي کيس ڪال ڪري انتهائي ڳنڀيرتا واري انداز ۽ گهگهي ڳلي سان هن کي امداد حسينيءَ جو هِي نظم ٻڌايو هئم:
مون به ته توسان لائون لڌيون آهن،
جاڳ ۾ نه سهي،
خواب ۾ ئي سهي.
مون به ته تنهنجو مينديءَ رتو هٿُ چُميو آهي،
چپن سان نه سهي،
نظر سان ئي سهي.
مون به ته تنهنجي ڏٺي آهي واٽ،
رات کان صبح تائين،
صبح کان رات تائين.
مون به ته جُهوليو آهي جُهولو تنهنجي ٻانهن جو،
حقيقت ۾ نه سهي،
خيالن ۾ ئي سهي.
مون به ته توکي ٻڌائڻ لاءِ
راتيون چنڊ وانگي جاڳي جلي،
سمنڊ وانگر ڦٿڪي لڇي،
لفظن بدران
لڙڪن سان
رچي آهي ڪوتا.
مون به ته توکي پائڻ لاءِ،
وڃايو آهي پاڻ.
مون به ته تو بِن
هِي جيون
آهي ڄاتو
هڪ پاراتو.
مون به ته تو لئه آهي لوچيو،
کن کن کن کن،
پل پل پل پل.
مون به ته آهي سوچيو،
تنهنجي باري ۾ مسلسل!
امداد جو مٿيون نظم سُرهاڻ لاءِ به ٻوجهيلو ثابت ٿيو هو، ڇوته اهو ٻڌڻ بعد هوءَ به مون وانگر هڪدم اداس ٿي ٿڌا شوڪارا ڀريندي رهي هئي.
مان اهو ڏينهن ۽ اهي لمحا به ڪيئن ٿو وساري سگهان، ڪيئن ٿو وساري سگهان اهي پل جڏهن مون پنهنجي دل جي اونهايُن مان ڦٽل پُرسوز آواز ۾ سُرهاڻ کي اردو جو هيٺيون گيت ٻڌايو هو:
کوئی جب تمہارا ردے توڑ دے،
تڑپتا ہوا جب تمہیں چہوڑ دے،
تب تم میرے پاس آنا پئے!
میرا در کهُلا ہے کهُلا ہی رہے گا تمہارے لئے ....
جيڪو ٻڌي سُرهاڻ جو هانءُ هڄي پيو هو ۽ هوءَ ڍانڍيون ڪري رئندي رهي هئي. ۽ مان، جيڪو ان وقت اندران ٻه اڌ ٿي رهيو هئس، پنهنجي تڪليف ۽ پيڙا وساري هن چَريءَ کي سنڀاليندو رهجي ويو هئس. ان ڏينهن هزارها ڪوششن جي باوجود هوءَ پنهنجي ڪمزوري لڪائي نه سگهي هئي. سُڏڪن ۽ اوڇنگارن دوران چيو هئائين ته، ”مان، نٿي برداشت ڪري سگهان... نٿي برداشت ڪري سگهان تنهنجو غم! مان پنهنجي سرَ کي هر تڪليف، هر ستم سهائي سگهان ٿي، پر تنهنجو سُور مونکان سٺو نٿو ٿئي.“ ان ڏينهن سُرهاڻ کي سرچائڻ لاءِ مون وڏا وس ڪيا هئا، پر هن جي من جي اُڌمن ڪنهن به طرح کيس سُڏڪن ۽ آهُنِ کان نجات نه ڏني هئي.
هڪ لڱا سُرهاڻ مونسان اعتراف ڪندي چيو هو ته، ”مان جتان به، جنهن به رستي سان گذرندي آهيان اتي توکي ڳوليندي آهيان. سوچيندي آهيان ته ڪٿان تون مونکي بيهي ڏسين ته ڪونه ٿو؟“ هن اهو به چيو هو ته، ”جڏهن رات ٿيندي آهي، تڏهن الائي ڇو هميشه دل ۾ تنهنجو آواز ٻڌڻ جي چاهنا جاڳي پوندي آهي.“
چيو هوم، ”مون به ڪڏهن توکي پل لاءِ پاڻ کان جدا نه ڀانيو آهي، بلڪل شاهه سائينءَ جي ان بيت وانگر ته:
پاڻياريءَ سِر ٻهڙيو، جَر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
منهنجا جذبا لطيف سرڪار جي بيت جي صورت ۾ ٻڌي سُرهاڻ کان سرد آهَه نڪري وئي هئي، هڪ اهڙي سرد آهه جنهن کان پوءِ بس مري وڃڻ لاءِ دل چوندي آهي. حيرت گاڏڙ لهجي سان ڄاڻڻ چاهيو هئائين، ”آخر تون هڪ نا ممڪن شيءِ جي ڪڍ ڇو پيو آهين؟“
هن جهڙي ئي سرد آهه سان کيس وراڻيو هئم، ” اها ڪمزوري سڀ ڪنهن ۾ ٿيندي آهي.“
انتهائي ڳنڀير ٿيندي چيو هئائين، ” زندگي خوبصورت آهي، تون ان سان پيار ڪرڻ سکُ.“
بيزاريءَ مان چيو هئم، ”ڇا ڪبي اهڙي زندگي جنهن ۾ تون نه هجين؟“
چڙ مان چيو هئائين، ”ڇا رکيو آهي مون ۾، مونکي ڏٺو به اٿئي؟“
چيو هئم، ”جيئن مون توکي ڏٺو آهي، ايئن تو شايد پاڻ کي به ڪونه ڏٺو هوندو.“
چيو هئائين، ”مون کان علاوه به ته تنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه آهي. تنهنجي ونِي آهي، تنهنجا گلن جهڙا ٻارڙا آهن.“
چيو هئم، ” سڀ ڪجهه آهي، پر تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ جي آهي ته رڳو خدا آهي. منهنجي زندگيءَ جي اول ۽ آخر ۾ خدا کان پوءِ تون ئي اچين ٿي.“
چيو هئائين، ” تون دنيا کي فقط تصور جي اک سان ڏسين ٿو، ان کي حقيقت جِي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪر.“
وراڻيو هئم، ”مان تصوراتي ماڻهو آهيان، تڏهن ته منهنجو روح اُجري ڪپڙي وانگر بي داغ آهي. ۽ تون جنهن دنيا جي ڳالهه پئي ڪرين ان کي مان دنيا نه هڪ آتشڪدو ٿو سڏيان، هڪ اهڙو ڪشادو آتشڪدو جنهن ۾ اسان سڀ جلڻ لاءِ اڇلايا ويا آهيون.“
•••

منهنجي ٽن ورهين جي معصوم ڌيءَ ”اقرا“ جا ناز ۽ انداز سُرهاڻ کي ڏاڍا وڻندا هئا، جنهنڪري هوءَ فون تي بار بار اقرا جو آواز ٻڌڻ پسند ڪندي هئي. ساڻس ڳالهائڻ وقت منهنجي ريچڪ تي اقرا به کيس پيار مان ”نئين امي!“ ڪري سڏيندي هئي، جنهن تي سُرهاڻ اقرا تان ته ٻلهار پئي ويندي هئي، پر مون سان ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي اقرا کي اهڙيون ڳالهيون نه سيکارڻ جون هدايتون ڪندي هئي. هِڪوار اقرا سان ڳالهائڻ وقت مون سُرهاڻ کي چيو هو، ” اقرا پڇي ٿي ته نئين امي اسان وٽ ڪڏهن ايندي؟“ منهنجي سوال تي سُرهاڻ پهريان ته ڪنهن ٻوڏار ۾ هلي وئي هئي، پر پوءِ اوچتو فيصلائتي لهجي ۾ چيو هئائين، ”اڄ ئي ٿي اچان.“
سُرهاڻ جي مٿئين جملي کي مذاق ۾ چيل ڳالهه سمجهي مون ان وقت ڪا به اهميت نه ڏني هئي، پرساڳي ڏينهن شام جو سُرهاڻ جو چيل اهو هڪ ننڍڙو جملو مون وٽ هزارين حيرتون کڻي آيو هو، ڇوته ان شام اقرا سان ڪيل پنهنجو اقرار پاڙڻ لاءِ سُرهاڻ اوچتو خيرپور اچي پهتي هئي. ان ڏينهن هڪ ئي وقت سُرهاڻ، اقرا کان علاوه مونسان ڪيل هڪ پراڻو واعدو به پاڙيو هو. ساڳيو واعدو ته، ” مان جتي به هوندس اتي تون نه ايندين، تون ڪڏهن به مونسان ملڻ جي ڪوشش نه ڪندين، مان جنهن راهه تان گذرندس تون اهو رستو مٽائي ويندين....“ ها، ان شام سُرهاڻ منهنجي شهر ۾ اچي منهنجي وني ۽ ٻارڙن سان ته ملي هئي، پر منهنجي سامهون هرگز نه آئي هئي. هوءَ منهنجي جيون ساٿياڻيءَ سان کوڙ ورهنوون ۽ ٻارڙن سان اڻميو پيار ڪري ساڻن ته رلي ملي وئي هئي، پر مونکي سمنڊ ڪناري بيٺي به سِپ لاءِ سڪايو هئائين. اها رات سُرهاڻ منهنجي شهر ۾ ترسڻ باوجود خيرپور جي ”لقمان“ پاڙي ۾ پنهنجي مرحوم پيءُ جي هڪ دوست جي گهر وڃي ٿاٿري هئي. سُرهاڻ جنهن رات منهنجي شهر ۾ ترسڻ باوجود منهنجي اکين کي اُساٽ ۾ رکيو هو، ان رات درد منهنجي وجود ۾ کنوڻ جيان کِڄندو ۽ منهنجي رڳ رڳ ۾ وڄ وانگر وراڪا ڏيندو رهيو هو، ان رات منهنجي من ۾ پيڙائون پارَ ڪڍنديون رهيون هيون، ان رات منهنجي دل ريهون ڪري روئندي رهي هئي، ان رات منهنجو ذهن ٽانڊن تي ٽِلندو رهيو هو، ان رات منهنجون اکيون ماتمي ڳوڙهن سان ڀريل رهيون هيون، ان رات اڪيلائيءَ جو زهريلو نانگ مونکي منهنجي ڇاتيءَ ۾ ڦڻ ڪڍي ويٺل نظرآيو هو، ان رات جدائيءَ جي ڏانئڻ منهنجو هانءُ کائيندي رهي هئي ، ان رات منهنجو روح سگريٽ جيان جلندو ۽ رک ٿيندو رهيو هو، ان رات منهنجي هستيءَ ۾ ڄڻ آتش فشان پهاڙ ڦاٽو هو، ان رات مان پنهنجي ذات جي جهنم ۾ ڄراٽبو رهيو هئس، ان رات مون ڪنڍيءَ ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر پل پل ڦٿڪندي گذاريو هو، ان رات لمحا مون لاءِ سڪرات جي عذاب جيان طويل ٿيندا ويا هئا، ان رات سُرهاڻ جا پُور منهنجي اندر کي پاري وانگر کائيندا رهيا هئا، ان رات سُرهاڻ جي ڏنل سُور مون کي اک لاڳاڻو به لڳڻ نه ڏنو هو، ان رات مون تي مڌ جي خنڪي چڙهيل هئي، ۽ مان بي آرام من کڻي پنهنجي شهر جا رستا چڪاريندي، انهن تي ٿاٻڙبو ۽ سُرهاڻ کي ووڙيندو رهيو هئس. ان رات احساس جِي گهرائيءَ جي نتيجي ۾ مون ”خُوابزادي“ جي سِري سان هيٺيون نظم سرجيو هو:
تون اسان جِي خُوابزادي!
۽ اسان جا خوابَ سارا تو اڳيان مجزوب آهن.
خوابَ، جيڪي تنهنجي ظالم سلطنت کي
ڪيترن سنگين ڏوهن ۾ ٿيا مطلوب آهن.
خُوابزادي! خوابَ تنهنجا
جي اسان کي ساهه پنهنجي کان رهيا محبوب آهن،
زندگانيءَ جي ٿڪائيندڙ سفر ۾
آٿتون ۽ راهتون ڏيندا اسان کي خوب آهن.
خوابَ تنهنجا، جي اسان جي حسرتن ۽ آرزوئن
سان رهيا منسوب آهن،
سي اسان جي ئي اکين ۾ تو ڪيا مصلوب آهن.
او اسان جي خوابزادي!
ڇا ٻڌائي تون سگهين ٿي؟
خوابَ، جيڪي ڪنهن به جيوتَ جو جياپو ٿا هجن،
۽ اهي هر زندگانيءَ جو اثاثو ٿا هجن،
تو اهي ئي خوابَ جانان! ڪيئن ڪيا مصلوب آهن؟!
او اسان جِي خُوابزادي!
او اسان جِي خُوابزادي!
منهنجي مٿئين حال جي خبر جڏهن سُرهاڻ وٽ پهتي هئي ته هن کي منهنجي لاءِ پنهنجي پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻڻي پئجي ويئي هئي. منهنجي ان رات واري ڪيفيت بعد هن پهريون ڀيرو مونسان ملڻ لاءِ حامي ڀري هئي، پر شرط اهو رکيو هئائين ته، ” تون، مون وٽ اڪيلو نه، پر پنهنجي فيمليءَ سان ڪٺو ايندين.“
اها 22 جولاءِ 2007ع جي تاريخ هئي جڏهن مان، منهنجي وني ۽ اسان جا ٽي ٻارڙا سُرهاڻ جي دعوت تي ”نوابشاهه“ جي ڀرواري شهر ويا هئاسين، جتي سُرهاڻ عورتن کي ننڍين صنعتن لاءِ قرض ڏيندڙ هڪ غير سرڪاري آرگنائيزيشن ۾ ملازمت ڪندي هئي. اهو آچر جو ڏهاڙو هو، سُرهاڻ اسان جي ڪري پنهنجي ڳوٺ وڃڻ بجاءِ سندس اداري جي هاسٽل تي ترسيل هئي. اسان جڏهن هن جي آفيس پهتا هئاسين ته ان وقت شايد پاڻ ۾ اوچتو منهنجي سامهون اچڻ جو ڀتو نه ڀائيندي هوءَ قرضن جي وصوليءَ بهاني هاسيڪار فيلڊ ۾ نڪري ويئي هئي، پر جڏهن کيس اسان جي آمد جو اطلاع مليو هو ته سڀ ڪم ڇڏي کيس آفيس ورڻو پيو هو. جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو مون اڳيان جلوه افروز ٿي هئي ته مونکي پهرين نظر ۾ ئي منهنجي تصور جو عروج ڀاسي هئي. هوءَ نگاهن کان دل تائين سمورا فاصلا طعي ڪرڻ جي حد تائين سٺي لڳي رهي هئي. کيس ڏسي منهنجو منُ مشڪ جي دٻليءَ وانگر کُلي پيو هو، دل گلاب جي مکڙيءَ وانگر ٽِڙي پئي هئي. سندس سون ورني، سهڻي سلوڻي ۽ حسناڪ صورت منهنجا واڄٽ وڄائي ڇڏيا هئا. هن جو سنگ مرمر جي مجسمي جهڙو روپ سروپ ڏسي مان ٿٿان وٿان ٿي ويو هئس. جڏهن هوءَ سفيد لباس سان اکين مٿان ٿلهن شيشن واري عينڪ لڳائي ۽ لؤ ڻا لوندڙين تي لڙڪائي منهنجي سامهون اچي بيٺي هئي ته مان ڪيتري دير سندس رابيل جهڙن سفيد ڳلن، ڪارن ڪجلن نيڻن، ڪپيل انجير جهڙن چپن، کير جهڙين اڇين ٻانهنِ، چپن هيٺان چمڪندڙ موتيءَ داڻن جهڙن سهڻن ڏندن سميت هن جي ڊيل جهڙي هلت چلت کي حيرت مان ڏسندو رهجي ويو هئس. هن جي چهري تي انوکو حسن ۽ اکين ۾ هڪ عجيب جوت ڏسي دل گهريو پئي ته، جيڪر! سڄي ڄمار سندس سلامي ٿي هن جي در جا گهڙا پيا ڀرجن. منهنجون اکيون اڃا هُن جي چنڊ جهڙي سوني تنَ ۽ برق بدن کي گليل وانگر چُٽيندي سندس چهري جي اُڪار ريکا منهنجي من ۾ اتاري ئي رهيون هيون ته هوءَ مون مٿان اڇاتري لڄوڙي نظر ڦيرائيندي اوچتو ايئن مرڪي پئي هئي جيئن ٻار کي ننڊ ۾ کِل ايندي آهي. هن جي اها اطلسي مسڪراهٽ اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن ابدي آنهريءَ جو اولڙو هئي. هن جڏهن بي انت سنيهه اکين ۾ جهلي مونڏانهن پنهنجي مڌر مُرڪ سان نهاريو هو ته سندس هيپناٽڪ نظر مونکي پنڊ پهڻ بڻائي ڇڏيو هو. مون به جڏهن هن جي روح ۾ ليئو پاتو هو ته هڪ ئي پل ۾ سندس سڀني سپنن، آشائن ۽ دردن کي سمجهي ويو هئس. هوءَ مونکي منهنجي زندگيءَ ۾ آيل سڀني محبومائن کان بنهه مختلف لڳي هئي. مونکي هن جي ميگهه ملار ۽ باوقار اکين ۾ ڪنول جهڙي پاڪيزگي نظر آئي هئي. هن جون عميق اکيون اهڙيون مشعلون هيون جي ڪائنات جي اوندهه کي نهنڊون پائي رهيون هيون. مون هن جي چهري تي اها سنجيدگي پڻ ڏٺي هئي جيڪا دنيا ۾ فقط آسماني صحيفن وانگر مقدس ۽ عظمتن کان به اوچين عورتن جي چهرن تي هوندي آهي. ان ڏينهن سُرهاڻ سان روبرو ملڻ بعد مونکي پهريون ڀيرو اهو سمجهه ۾ آيو هو ته هوءَ فون تي مون اڳيان ” تو مون کي ڪڏهن ڏٺو آهي؟!“ وارو سوال بار بار ڇو ورجائيندي رهندي هئي؟ شايد هن چريءَ ڪڏهن اهو سوچيو به نه هوندو ته پنهنجي جنهن جسماني معذوريءَ کي هن پنهنجو عيب ٿي ڄاتو اها معذوري ته مون لاءِ چنڊ ۾ معمولي داغ جيتري معنيٰ به ماڻي نه ٿي سگهي.
بهرحال، 22 جولاءِ 2007 ع جو ڏينهن منهنجي حياتيءَ جي تمام ٿورن يادگار ڏينهن مان هڪ ڏينهن هيو. ان ڏينهن سُرهاڻ ۽ مون گهڻو وقت هڪ ٻئي جي آمهون سامهون گذاريو هو. ان ڏينهن سُرهاڻ ڏاڍي ادار دليءَ سان اسان جي خاطرداري ڪندي رهي هئي. هن هڪ ئي وقت چانهن، ڪولڊ ڊرنڪ ۽ خشڪ ميوي کان علاوه اسان لاءِ ڪيترا طعام پڻ پنهنجي دسترخوان تي سجايا هئا. منجهند جي ماني کائڻ وقت کاڌي واري ٽيبل تي مان سُرهاڻ جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺو هئس، هوءَ منهنجي پُٽ ”احمّر“ ۽ وڏي ڌيءَ ”روماسا“ کي مڇيءَ مان ڪنڊا ڪڍي ڏيڻ ۾ مصروف هئي. منهنجي بيگم، اقرا سميت ماني کائڻ شروع ڪري ڏني هئي، پر مون اڃا ويٺي سُرهاڻ جي مُنهن ڏانهن نهاريو. مونکي واندو ويٺل ڏسي جڏهن منهنجي بيگم اوچتو منهنجي خالي پيل پليٽ ۾ ڀاڄي لاهڻ لاءِ هٿ وڌايو هو ته پنهنجي اکين مان سُرهاڻ لاءِ وسندڙ پيار جِي برکا رُتِ کي لڪائي نه سگهندي کيس نمرتا مان چيو هئم، ”تنهنجي هٿ سان روز کائيندو آهيان ۽ کائيندو رهندس، اڄ پليز! ڪنهن ٻئي جي هٿن سان کائڻ ڏي.“ منهنجي اهڙي انگل تي منهنجي بيگم مشڪي ڀاڄيءَ جو ڍونگو ٽيبل تي ورائي رکيو هو ۽ پوءِ اهو سُرهاڻ کڻي پنهنجي هٿ سان منهنجي پليٽ ۾ ڀاڄي پلٽي هئي. مانيءَ دوران مان هن تان ۽ هوءَ مون تان اکيون هٽائي نه سگهي هئي. اسان اکين ئي اکين ۾ کوڙ ڳالهيون ڪري ورتيون هيون.اهي ڳالهيون جن جي ٻڌڻ لاءِ ڪنن جي نه ، پر اکين جي حاجت هوندي آهي.
مانيءَ کان پوءِ سُرهاڻ اسان کي پنهنجون ۽ سندس گهرڀاتين جون تصويرون ڏيکاريون هيون. هن نهايت ڳنڀيرتا مان ٻڌايو هو ته گهڻو وقت اڳ سندن پيءُ جي وفات بعد هنن جي ماءُ کين ڪافي تڪليفن سان پورهيا پالهه ڪري پاليو ۽ پڙهايو آهي. هن جو وڏو ڀاءُ غلط صحبت سبب نشي جو عادي ٿي چڪو آهي ۽ ننڍو ڪمائڻ لاءِ سعودي عرب ويل آهي. ڀينرن مان سندن وڏي ڀيڻ ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي ۽ ننڍي ”سنڌ يونيورسٽي“ ۾ پڙهندي آهي. جڏهن ته هوءَ پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائڻ کان ويندي سندن ڀرواري شهر ۾ پنهنجي مرحوم پيءُ جي هڪ مخلص دوست جي ”سُپراسٽور“ تي”سيلز گرل“رهڻ تائين ڪيتريون خانگي نوڪريون ڪندي، اُن جي ئي معرفت هتي اچي پهتي آهي.
22 جولاءِ 2007ع جي ڏهاڙي وقت کي ڄڻ پر لڳي ويا هئا. وقت، جيڪو ڪڏهن به اسان جي مرضيءَ جو تابع نه ٿيندو آهي. لمحا اسان جي خواهشن جا غلام نه ٿيندا آهن. وقت روئڻ واري جو به گذري ويندو آهي ۽ وقت شراب جي نشي ۽ عورت جي ٻانهنِ جو مزو ماڻيندڙ جو به گذري ويندو آهي. وقت اها ظالم شيءِ آهي جنهن کي جڏهن روڪڻ چاهبو آهي ته روشنيءَ جي رفتار سان گذري ويندو آهي ۽ جڏهن ان کان نجات چاهبي آهي ته لمحن جو ڪرب صدين جي ڏکن ۾ بدلجي ويندو آهي. 22 جولاءِ جي ڏينهن به وقت اسان تي ڪو رحم نه کاڌو هو، سُرهاڻ سان ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پتو ئي نه پيو هو جو لمحا وقت جي قيد مان آزاد ٿي ويا هئا. شام ٿي چڪي هئي ۽ اسان نه چاهيندي به سُرهاڻ کان موڪلائڻ جو فيصلو ڪيو هو. موڪلاڻيءَ وقت جيتوڻيڪ سُرهاڻ جون نظرون منهنجي پيرن لاءِ زنجير بڻجي ويون هيون، پر پوءِ به وڇوڙي جي رنڀندڙ ماٺار سان مون کانئس موڪلايو هو. اسان سڀني کي الوداع چوڻ کان اڳ سُرهاڻ ڏاڍي پاٻوهه مان منهنجي بيگم ۽ ٻارن کي الڳ الڳ سوکڙيون ۽ سوغاتون ڏنيون هيون. ۽ پوءِ اسان هن کان موڪلائي پهريان حيدرآباد ۽ پوءِ اتان ڪراچيءَ روانا ٿي ويا هئاسين. رستي ۾ سفر دوران منهنجو سُرهاڻ سان ”ايس.ايم.ايس“ ذريعي پل پل رابطو رهيو هو. اسان ڪجهه ڏينهن تفريح لاءِ ڪراچيءَ ۾ ترسي پيا هئاسين جتي به سُرهاڻ اسان کان فون ذريعي گهڙيءَ گهڙيءَ جي خبر وٺندي رهي هئي. هوءَ صبح جو سوير فون ڪري اسان کان سڄي ڏينهن جو شيڊيول اڳواٽ پڇندي هئي ۽ گهمڻ ڦرڻ جي حوالي سان اڪثر ڪي صلاحون پڻ ڏيندي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ جي تفريحي هنڌن تي پهچندا هئاسين ته هوءَ به گهڻي قدر اسان سان موبائل تي”آن لائين“رهندي، اسان کي پنهنجي ساٿ جو احساس ڏياريندي رهندي هئي. هوءَ بار بار مونکي منهنجي بيگم ۽ ٻارن کي خوش رکڻ ۽ سندن سموريون فرمائشون پوريون ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي هئي. منهنجي بيگم سان ٿيل تفصيلي ملاقات بعد هاڻ هوءَ مونکان وڌيڪ ان جو خيال رکندي هئي. هو ٻئي روزانو فون تي ڪيتري دير پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ڪنديون ۽ ٽهڪ ڏينديون رهنديون هيون.کين کلندو ڏسي منهنجي ڪائنات کِلي پوندي هئي. هاڻ سُرهاڻ منهنجي شريڪِ حيات کي ”ڀاڀي“ چوڻ بجاءِ کيس ”جميله“ سڏيندي هئي ۽ هوءَ وري هميشه کيس شَد مدَ سان ”ساهيڙي!“ چئي ستائيندي رهندي هئي. سُرهاڻ جيئن چڙندي هئي اسان ٻئي زال مڙس کيس تيئن وڌيڪ پاڻيءَ مان ڪڍندا هئاسين. مونکي ياد آهي ته ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ڪناري گهمڻ دوران شرارت جي موڊ ۾ اچي مون سوين ماڻهن جي هجوم ۾ بيهي دهل تي ڏونڪي هڻڻ واري انداز ۾ وڏي آواز سان کيس “I love you.” چيو هو ته هوءَ هڪ ئي وقت پهريان پاڻي ۽ پوءِ باهه ٿي وئي هئي. ڪاوڙ ۾ ڪيتري دير موبائل بند ڪري ڇڏيو هئائين ۽ پوء جڏهن ٻيهر ڳالهايو هئائين ته مونکي ڏاڍو بي مانو ڪيو هئائين.
سُرهاڻ سان منهنجي ٻي ملاقات منهنجي پنهنجي ئي شهر خيرپور ۾ ٿي هئي. اها 29 آگسٽ 2007ع جي رات هئي جڏهن هوءَ ”شبِ برات“ جي موقعي تي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ بجاءِ ڊيوٽيءَ واري هنڌان خيرپور هلي آئي هئي. اها رات هتي گذارڻ بعد ٻئي ڏينهن مان کيس سندس ڊيوٽيءَ واري شهر ڇڏڻ ويو هئس. ان ڏينهن سفر دوران سمورو رستو اسان هڪ بي خودي ۽ سرشاريءَ واري عالم ۾ گذاريو هو. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ اسان ڪوئي خواب ڏسي رهيا هجون. گاڏي اڳتي وڌي رهي هئي ۽ لمحا سِرڪندي ڌنڌلڪن ۾ گُم ٿيندا پئي ويا. اسان جو ن پاڳل دليون هڪ انوکي خواهش ڪري رهيون هيون. ”هي لمحا نه گذرن ، هي لمحا رڪجي وڃن.“ اهوئي سوچي اسان رستي ۾ هالاڻيءَ جي ”تاج ريسٽورنٽ“ تي ناشتي لاءِ ٽيڪسي روڪرائي هئي. ۽ پوءِ اُن ڏينهن پهريون ڀيرو منهنجا ڪيترائي خواب ساڀيان جو روپ ڌاري منهنجي سامهون اچي بيٺا هئا. پهريون ڀيرو مون پنهنجون جڳن کان لڇندڙ ڦٿڪندڙ خواهشون ۽ ڦٽيل چچريل تمنائون پوريون ٿيندي ڏٺيون هيون. اهو پهريون موقعو هيو جڏهن سُرهاڻ مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ ايئن ڀريو هو ڄڻ منهنجي گناهن ۾ ٻڏل ضمير کي پناهه ۾ وٺي ڇڏيو هجائين. ۽ مون به هن جي اڃايل اکين تي پنهنجا بيچين چپ ائين رکيا هئا ڄڻ سندس ڪرچيون ٿيل سپنن کي سهيڙڻ چاهيو هئم. ان ڏينهن سُرهاڻ جي ٻانهنِ ۾ پيهي پهريون ڀيرو منهنجي سيني ۾ ٻرندڙ هڪ ڪهاڻي وسامي ويئي هئي. ان ڏينهن جڏهن مون پنهنجي پراڻي خواهش موجب سُرهاڻ سان ڀِچي ويهي پنهنجو ڪنڌ سندس ڪلهي تي لاڙيو هو ، ۽ هن به پنهنجو مٿو منهنجي مٿي سان ٽيڪي ڇڏيو هو، ته مون ڪجهه لمحن لاءِ جيئڻ مرڻ وساري ڇڏيوهو. ان ڏينهن سُرهاڻ ۽ مون واهڻ جي ڪنهن نئين پرڻيل جوڙي جيان پهريون ڀيرو هڪ ٻئي جو جُوٺو کاڌو ۽ پيتو هو. ان ڏينهن سُرهاڻ پنهنجي آڱرين کي منهنجي وارن جي گهٽين ۾ گهمائيندي منهنجي رڳ رڳ مان سيسراٽ ڪڍي ڇڏيا هئا. هن منهنجي ٻوٽي ٻوٽي ڦڙڪائي ڇڏي هئي. انهن ڳاڻ ڳڻين گهڙين ۾ سُرهاڻ کي پهنجائيندي مون جيڪو سُک، آسيس ۽ آنند ماڻيو هو، اهو پنهنجي حياتيءَ ۾ پهريان ڪڏهن نه ماڻي سگهيو هئس. ان ڏينهن سُرهاڻ به پنهنجا سمورا خواب ۽ خيال منهنجي پوشاڪ ۾ ٽانڪي ڇڏيا هئا.
•••

منهنجي اکين تي جاڳ ۾ ته سدائين سُرهاڻ جي خوابن جا پهرا رهندا هئا، پر هڪ رات جڏهن مون ننڊ ۾ به هن متعلق هڪ خواب ڏٺو هو ته ان خواب منهنجي هستيءَ جو بنياد ئي ڌوڏي ڇڏيو هو. مان پيرن جي نهنِ کان وٺي، سِر جي تارونءَ تائين ٿر ٿر ڪنبي ويو هئس. خواب مان جاڳڻ تي مون پاڻ مٿان حاوي ٿيل اضطرابي حالت سبب پنهنجو سمورو وجود پگهرسان شل ۽ دل کي معمول کان تيز، گهڻو تيز ڌڙڪندي پاتو هو. جاڳ بعد ننڊ ۾ ڏٺل خواب کي ذهن جي سئربين ۾ دهرائي ڏسڻ سان منهنجي اکين اڳيان ڳوڙهن جو پردو اچي ويو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڳوڙهن ڳلن کي تَر ڪري ڇڏيو هو. خواب ڇا هو، ڄڻ ڪو زهريلو نانگ هيو جيڪو منهنجي وجود کي ڏنگي، منهنجي رڳ رڳ ۾ بيچينيءَ جو زهر اوتي ويو هو. انهيءَ خواب کي سوچي مان ڪيتري دير ايئن ٿڙڪندو رهيو هئس جيئن تيز هوا ۾ سُڪل پن ٿڙڪندا آهن. خواب ۾ مون ڏٺو هو ته، ” مان هڪ وڏي گاڏيءَ ۾ ڪنهن ويران روڊ تي سفر ڪري رهيو آهيان. هلندي هلندي هڪ هنڌ گاڏي اچانڪ بريڪ ڏئي بيهي رهي ٿي، مان گاڏيءَ مان هيٺ لهي دروازي واري پاسي کان ٻاهر نهاريان ٿو ته سامهون رڻ ۾ مونکي هڪ عاليشان عمارت نظر اچي ٿي. عمارت ڪنهن خواب جهڙي خوبصورت آهي، جنهن ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قدآور قدآور وڻ به لڳل آهن. وڻن جي ڏارين تي ننڍڙا ننڍڙا خوبصورت پکي پرڙا ڦڙڪائيندي مٺڙين ٻولين ۾ لاتيون لنوي رهيا آهن. رنگين گل ٻوٽا پنهنجي مست سڳنڌ فراخدليءَ سان وکيري رهيا آهن، زمين تي هر پاسي ساوڪ جي بخملي ڪالين وڇايل آهي. جنت جهڙو اهو منظر ڏسندي يڪايڪ منهنجِي نظر عمارت جي پيشانيءَ تي لڳل بورڊ تي پئجي وڃي ٿي، جنهن تي وڏن ۽ واضح اکرن ۾ ”سُرهاڻ“ جو نانءُ لکيل آهي. بورڊ جي عبارت جا وچيان ۽ آخري اکر ڌنڌلا هجڻ سبب مونکي سمجهه ۾ نٿا اچن. جنهڪري مان اهو سمجهي نٿو سگهان ته عمارت ڇا جي آهي؟! ڏسندي ئي ڏسندي منهنجا پير بي ساخته اڳتي وڌڻ لڳن ٿا ۽ مان تڪڙيون ٻرانگهون کڻندي اُن گلستان اندر گهڙي وڃان ٿو. جتي ساوڪ، گلن ۽ عاليشان عمارت کانسواءِ مونکي آدم ذات نظر نه اچي ٿي. گلن جِي خوشبوءَ جي هڳاءَ سان ذهن کي تازه دم ڪندي مان موبائل تي سُرهاڻ جو نمبر ڊائل ڪريان ٿو، ۽ کيس ٻڌايان ٿو ته، مان ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تنهنجي نانءَ سان منسوب هڪ جنت جو سير ڪري رهيو آهيان. ايتري ۾ ڀَر مان سُٺي لباس ۾ ملبوس بنا مڇ ــ ڏاڙهيءَ جي هڪ سهڻو سيبتو جانٺو جوان، مونکي پاڻ طرف ايندي نظر اچي ٿو. هو منهنجي ويجهو پهچڻ بعد مون پاران پاڻ هُرتو ان عمارت اندر داخل ٿي آزاديءَ سان سير ڪرڻ واري عمل تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي، مونکي ٻاهر جو رستو ڏيکاري ٿو. ۽ ٻئي لمحي پنهنجي پيرن هيٺان زمين ۽ مٿي مٿان آسمان کِسڪندي محسوس ڪري، ڌڪارجڻ جو احساس ساڻ کڻي، نه چاهيندي به مان انهيءَ جنت کي الوداع چئي، اتان ٻاهر هليو اچان ٿو.“
انهيءَ رات ذڪر ڪيل ”خوابِ پريشان“ مان بيدار ٿيڻ بعد منهنجي حالت بلڪل اهڙي ٿي وئي هئي جهڙي طوفان جي لپيٽ ۾ آيل ڪنهن ڪمزور ديوار جي ٿيندي آهي. ان رات گُگهه اوندهه ۾ دروازو تلاش ڪرڻ جهڙي ڪيفيت ۾ وڪوڙبي مون چاهيو هو ته ڪاش! ديوارن کي به زبان ملي پئي ۽ اهي مون سان ڳالهائڻ شروع ڪن. دل گهريو هو ته ڪمري ۾ موجود هر شيءِ خود بخود گفتگو شروع ڪري، مونکي اهو سمجهائي ته، خواب ۾ مون پاران سُڃ جو سفر جهاڳڻ، سُرهاڻ جي نانءَ سان منسوب جنت ۾ پهچڻ ۽ بعد ۾ اوچتو اُتان ڌڪاريو وڃڻ جو مطلب ۽ مقصد ڇا هيو؟! ان رات منهنجي من تي آئيندي جا اونداها پاڇاوان پوڻ سبب ڪوئي اڻلکو اونو منهنجي سيني، دل، ذهن ۽ روح ۾ ڪنهن تير وانگر چڀندو رهيو هو، منهنجي پيشانيءَ تي اُڻ تُڻ جا تهه چڙهي ويا هئا ۽ دل ۾ ٻُڏتر ڪنهن گهايل تتر جيان پر هڻندي رهي هئي. اندر ۾ خزان جي شام جهڙي اُداسي ڇانئجي وئي هئي. ذهن ۾ انديشن جا ٻج زهر ڦهلائي رهيا هئا. خواب جي ڪيفيت مونکي خوف جي چادر ۾ ويڙهي ڇڏيو هو. ذهن لاٽونءَ جيان هڪ ئي محور تي بيهي رهيو هو. ڄڻ ڪو سولِي کڻي منهنجي ڪڍ اچي رهيو هو. مون بار بار شدت سان اهو محسوس پئي ڪيو ته، ”شايد منهنجي تقدير پنهنجي المناڪ اُڪلاءَ طرف تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ وڇوڙو سُرهاڻ ۽ منهنجي وچ ۾ ڪرٽُ جهليو بيٺو آهي؟!“ هڪ سوال هو جو بار بار منهنجي ذهن جي پردن سان ٽڪرائي رهيو هو، هڪ خيال هو جو وري وري منهنجي دماغ جي گوشي گوشي کي جنجهوڙي رهيو هو. منهنجون اکيون ايئن اُجهامي ويون هيون ڄڻ ڪنهن طوفان ۾ ڏيئو ٻاريو هجي.آخر ۾ هڪ شڪست کاڌل مايوس سپاهيءَ وانگر اُن خيال اڳيان پنهنجو ڪنڌ ايئن جهڪائي ڇڏيو هئم ڄڻ منهنجي زندگيءَ سان گڏ منهنجو نصيب به بي رحم، ظالم ۽ جابرحالتن جي چنبي هيٺ اچي ويو هجي.
ٻئي ڏينهن موبائل وسيلي جڏهن مون سُرهاڻ سان پنهنجو ننڊ ۾ ڏٺل خواب شيئر ڪيو هو ته کيس خواب جو پويون حصو ٻڌائيندي منهنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ مڇيءَ جو ڪنڊو ڦاسي پيو هو. اکين ٻاهر ئي نه نڙيءَ ۾ به ڪي سيلاب موڪليا هئا، جنهنڪري منهنجو آواز گهگهو ٿي ويو هو. چاهيندي به نڙيءَ ۾ ڦاٿل سُڏڪن کي روڪي نه سگهيو هئس، جنهن سبب سُرهاڻ به ٽُٻيءَ ۾ پئجي وئي هئي. هن کي به ڍڪرن اچي ورايو هو. منهنجي داخلي ۽ خارجي ڪيفيت محسوس ڪندي کيس به جذباتي ڌڌڪو رسيو هو. هن جي وجود تي به غم ۽ الم جا پاڇا پئجي ويا هئا ۽ هوءَ به پيڙا واري ڪيفيت ۾ وڪوڙجي وئي هئي. پر، مونکي هانءَ ڏڍ ڏيڻ خاطر بظاهر انتهائي اچرج مان ”الله اڪبر!“ چوندي، مونکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين ته، ” ننڊ ۾ ڏٺل خوابن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. اصل ۾ اسان جن ماڳن مڪانن تي شعوري حالت ۾ پهچي نه سگهندا آهيون اتي خوابن ذريعي لاشعور ۾ هليا ويندا آهيون“ جيتوڻيڪ ان وقت مونکي ”بيوقوف“ سڏيندي سُرهاڻ مونکي پريشان نه ٿيڻ ۽ خوش رهڻ لاءِ ٻيون به کوڙ ساريون سمجهاڻيون ۽ هدايتون ڏنيون هيون، پر مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي خواب اصل ۾ هن جي من کي به ڪيئي کُٽڪا ڏيئي ڇڏيا هئا. هن کي مون لاءِ ڪهڪاوَ ويڙهي ويا هئا، تڏهن ته ٺيڪ ٻئي ڏينهن تي هوءَ منهنجي مايوسين جي انڌيارن ۾ دعائن جا ديپ ٻارڻ لاءِ ڀٽائي سرڪار وٽ وڃي پهتي هئي. ان ڏينهن شام جي پهر مونڏانهن ڪال ڪندي سُرهاڻ ٻڌايو هو ته، ” هن وقت مان مرشد لطيف جي نگريءَ ۾ آهيان.“ چيو هئومانس، ” ڀٽائي سرڪار جي چانئٺ چمي مون پاران سندس پيرن تي هٿ رکي چئجانس ته ” اي عاشقن جا امام! مون ڪالهه رات ننڊ ۾ جيڪو خواب ڏٺو هو اُن جو منهنجي اصل زندگيءَ تي پاڇو به پوڻ نه گهرجيِ.“ موٽ ۾ مونکي ستائڻ خاطر هن معصوم ۽ شرارتي کِل کلندي چيو هو، ” ائين ڪونه چونديس، مان مرشد لطيف کان پنهنجي مطلب جي دعا پندس...“ اهو چئي هن مونسان پنهنجي هڪ سَرتي ”صدا“ جي ڳالهه ٻولهه ڪرائي هئي. مون صدا سان هڪ ڀيڻ وارو ناتو ڳنڍيندي کانئس پڇيو هو ته، ”منهنجي ڀيڻ! پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڀٽائي سرڪار کان هڪ دعا پندينءَ؟“ صدا به مونکي پنهنجو ڀاءُ مڃيندي هڪدم هائوڪار ڪئي هئي جنهن تي کيس هڪ امين طور ڀٽائيءَ لاءِ سنيهو ڏيندي چيو هئم، ”ڀٽائي سرڪار کي چئجانءِ، منهنجي ڀاءُ کي سندس زندگيءَ جي وارياسي ۾ هڪڙو گُل گهرجي، ڇا تون سندس تمنا جي تڪميل خدا تعاليٰ جي بارگاهه مان مستجاب ڪرائڻ ۾ هن جو وسيلو ٿيندين؟“ جنهن پل صدا منهنجي ”صدا“ لطيف سرڪار تائين پهچائڻ جو وچن ڪري مونکان موڪلائي رهي هئي، ان لمحي کيس هڪ پل لاءِ روڪيندي، کانئس پڇيو هئم، ”صدا! تنهنجي ڀاءُ کي جنهن گل جي طلب آهي، لطيف سرڪار کي ان جو نانءُ ڇا ٻڌائيندينءَ؟“ موٽ ۾ هن مونکي جواب ڏيڻ بدران مون کان ئي سوال ڪندي پڇيو هو ته، ”ڇا ٻڌايانس؟!“ مون صدا کي ورندي ڏيندي چيو هئو، ”سُرهاڻ!“ ۽ پوءِ هن مونکي”الله نگهبان!“چئي، موبائل سيٽ سُرهاڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.
رات جو دير سان سُرهاڻ کان پڇيو هئم، ” مرشد لطيف کان ڪهڙي دعا گهريئي؟ “ لهجي ۾ ساگر جهڙي گهرائي پيدا ڪندي ٻڌايو هئائين ته، ” ڀٽائي سرڪار کي چيم، ماسات جي گهر سرمد ڄمي ۽ هن کي دل جو چئن ۽ پنهنجي ننڍڙي جنت ۾ سُڪون سان رهڻ جو ڏانءُ ملي!“
•••

زندگي به ڪيئن نه اتفاقن ۽ حادثن سان ڀري پئي آهي! ڪڏهن ڪڏهن ته انسان سان ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه اهڙا اتفاق پيش اچي ويندا آهن جي ذهن مان ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيندا آهن. هڪ ڀيري، هڪ جهڙالي شام جو مان پنهنجي ڪجهه يارن سان پنهنجي ئي رهائشي علائقي ۾ ڪنهن دوست جي بيٺڪ تي چوياريءَ ۾ ويٺو هئس ته دروازي تي اوچتو هڪ ڪار اچي بريڪ لڳايو هو. مان اتفاق سان دروازي جي ڀڪ سان ويٺو هئس تنهنڪري ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل شخص مون سان مخاطب ٿي، اسان جي محلي جي هڪ ليڊي ڊاڪٽر جو ڏس پتو پڇيو هو. مان اڃا پتو پڇندڙ شخص کي هن جي مطلوبه ليڊي ڊاڪٽر جي ايڊريس سمجهائڻ لڳو هئس ته اوچتو هن سان ”فرنٽ سيٽ“ تي گڏ ويٺل عورت کي سيٽ تان ڪافي اڳتي جهُڪي پاڻ ڏانهن غور سان نهاريندي ڏٺو هئم. جڏهن مون به هن ڏانهن توجهه ڏني هئي ته اچانڪ منهنجو ڌيان پنهنجو رستو وڃائي ويٺو هو، ڇو ته مان جنهن ڏانهن اکيون اکين ۾ وجهي نهاري رهيو هئس اها ڪائي ٻي نه، پر ماضيءَ ۾ مونکي هجر جو گهرو گهاءُ ڏيندڙ منهنجي ماه لقا ”مهناز“ هئي. مهناز، جيڪا گهڻو اڳ منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ”بيرنگِ خط“ جيان آئي هئي ۽ منهنجي وجود جي گهٽين مان گذري روح جي پُرنور اڱڻ تائين پهچي، مونکي منهنجي زندگيءَ کان وڌيڪ پياري ۽ ساهه کان وڌيڪ ويجهي ٿي ويئي هئي. پر، بعد ۾ اسان سماج نالي بغير چهري واري شيءَ جو شڪار ٿي ويا هئاسون. ڪافي عرصي کان پوءِ مهناز کي ايئن اوچتو سامهون ڏسي منهنجي اکين جي ڍنڍ ۾ ڪنول تري آيا هئا. ٻاهر ڏٺو هئم ، ان وقت مون وانگر آسمان به آگميل هيو.
هي دل ۽ ان جون وارداتون انسان کي ڪيڏو نه بيوس ۽ لاچار ڪري ڇڏينديون آهن؟! مون به پنهنجي دل سان پيش آيل مٿين واردات جو ذڪر جڏهن سُرهاڻ سان ڪيو هو ته مستقبل تي نظر وجهندي هن مزاڪ واري نوع ۾ منهنجي منهن تي هڪ ڀوائتي حقيقت وهائي ڪڍي هئي. چيو هئائين، ” توسان اهڙو ئي هڪ ٻيو حادثو به پيش اچڻ وارو آهي، جنهن لاءِ هاڻي کان ئي پاڻ کي تيار ڪرڻ شروع ڪري ڏي.“ کيس موٽ ۾ چيو هئم، ” حادثا منهنجي زندگيءَ جو اٽوٽ حصو ٿي ويا آهن، ۽ هاڻ مان انهن جو عادي ٿي چڪو آهيان.“
اڄ جڏهن مان پنهنجي پُراڻين يادن کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، هوش مان جاڳائي، پنهنجي حياتيءَ جي حادثن کي حرفن جي صورت ۾ ڪاغذ تي قيدي بنائڻ لاءِ سانگ ساري رهيو آهيان، ته منهنجو من وڃايل ويلائن جي ٻوڏار ۾ ٻُڏڻ لڳو آهي. اڄ مونکي يادن جي گنبذ مان هڪ ٻي به صدا اچڻ لڳي آهي. منهنجي سوچن جي راهگذر تي مانوس پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي. مونکي پنهنجي آس پاس هڪ مخصوص مهڪ جو احساس ٿي رهيو آهي. مان ڄاڻان ٿو اها صدا، اها آهٽ ۽ اها مهڪ منهنجي پهرين محبت ۽ ننڍپڻ جي لاشعوري چاهت ”پنڪيءَ“ جي آهي. پنڪي، جنهن کي جڏهن مون پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته پهرين نهار سان ئي هوءَ پنهنجي ڳاڙهي خوبصورت فراڪ ۽ ڊگهن ڪارن وارن کي سنڀاليندي منهنجي نيڻن مان اوتجي منهنجي روح ۾ لهي وئي هئي. ۽ مون، مون ڄڻ ته پنهنجي سيني جي کاٻي ڀاڱي ۾ اندر لهي هن لاءِ ان کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪيو هو. چئوڦير گلاب سجايا هئم ۽ روح کي هن جو پاسبان بڻائي هن جي پارت ڪئي هئم. پر، پوءِ ڇا ٿيو جو ننڍپڻ وارو هن جو ڳاڙهو فراڪ ۽ ڊگهن ڪارن وارن وارو رُوپ ئي منهنجن نيڻن ۾ سپنو بڻجي سمائجي ويو ۽ هوءَ ڪنهن ٻئي جي ڏيئي جي لاٽ بڻجي ويئي. ڪيترا ڀيرا سوچيم هن سان اقرار ڪريان ته، ”منهنجو من کيس چاهي ٿو.“ پر، هن کي اهو ڪڏهن به چئي نه سگهيس. نه ڄاڻيان هن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا مونکي اهو سڀ ڪجهه چوڻ کان روڪيندي رهي. خبر ناهي منهنجا خيال، منهنجا جذبا ۽ منهنجا چپَ ڪهڙي پل جو انتظار ڪندا رهيا ۽ پوءِ معلوم ٿيو ته، ”هوءَ، پرائي ٿي وئي.“ ڀلا هوءَ پنهنجي ڪڏهن هئي!! پراوا ته اهي ٿيندا آهن جيڪي پنهنجا هجن. مان ته هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي پنهنجي چاهت جو اظهار به ڪري نه سگهيس. ۽ هاڻي اقرار جا اهي سڀئي لفظ جيڪي هن آڏو گلن جيان پيش ڪرڻا هئا، اُهي سڀئي سيني جي کاٻي ڀاڱي ۾ ان جاءِ تي وکيري ڇڏيا اٿم جتي پنڪي اڄ به پنهنجي ڳاڙهي خوبصورت فراڪ ۽ ڊگهن ڪارن وارن واري رُوپ سميت موجود آهي. اڄ به روح جسم جي ان ڀاڱي جو سائبان بڻيل آهي، پر هاڻ مان پنهنجو نه رهيو آهيان. مون ، پنڪيءَ کي جيڪڏهن شدت سان ياد نه ڪيو آهي ته کيس وساريو به نه اٿم. يا شايد کيس ڪڏهن به وساريو نه اٿم....!! سوچيان ٿو جيڪر ٻاروتڻ ۾ هن سان پنهنجي پيار جو اقرار ڪرڻ لاءِ لفظ سِرجي سگهان ها ته شايد اڄ ايئن ونڊيل ورهايل نه هجان ها!! ۽ اڄ پنهنجي روح کي پنهنجي جسم سان گڏ سمهاري سگهان ها.
منهنجيون اکيون آليون ٿي رهيون آهن. شايد مان پنڪيءَ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان...!!
منهنجي خيال ۾ جيڪو به زندگيءَ جي پهرين محبت نه ماڻي سگهي ٿو، اهو تاحيات تاسارو ئي رهي ٿو. ان جو عشق لا انتها ٿي پوي ٿو.
ڪجهه عرصو اڳ ڪافي سالن پڄاڻان هڪ اتفاق سان منهنجو پنڪيءَ سان منهن مقابل ٿيو هو. هاڻ هوءَ جوان اولاد جي ماءُ ٿي چڪي آهي. ان ڏينهن هن کي سندس قد ڪاٺ سان برابري ڪندڙ سندس ڌيئرن سان انتهائي خوش ڏسي مون کي بي حد سرهائي محسوس ٿي هئي. ان وقت منهنجي اکين ۾ هن لاءِ نيڪ تمنائن جي شبنم تري آئي هئي. شبنم جي هر قطري مالڪِ ڪائنات کي دعا لاءِ ٻاڏائيندي چيو هو، ”يا خدا! پنڪيءَ جي اڱڻ ۾ سدا بهار رهي، هن جي چپن تي هر لمحي مرڪن جا پوپٽ اڏامندا رهن، سندس اکين ۾ خوابن جا روشن ڏيئا سدائين سلامت رهن ۽ اهي هميشه تارن جيان چمڪنديون رهن. هوءَ حياتيءَ ۾ غمِ حسين کانسواءِ ڪو به غم نه ڏسي، هوءَ هميشه امام ضامن جي ضمانت هيٺ رهي، کيس زندگيءَ ۾ خوشين جا هزارين جزيرا ملن ۽ اهي راس به اچن. هن جي دل جي هر تمنا، هر خواهش سندس چپن تي ايندي ايندي سندس پيرن ۾ پهچي وڃي. هن جي دل ۾ ڪو به ارمان باقي نه رهي. ۽ تنهنجي رحمت سدائين ساڻس ساڻ رهي.“
.... ۽ آخر ۾ منهنجي دل جي گهراين مان ”آمين!“ جي هڪ ڀرپور صدا به اُڀري هئي.
•••

عورت ، جيڪا ڪهڙي به خطي جي هجي. ڪهڙي به فطرت رکندڙ هجي، اها نيٺ عورت ٿيندي آهي. پاڻ کي ڪمزور سمجهڻ جي عادي ۽ سهارن جي متلاشي! مستقل سهارا اُن لاءِ وڏي اهميت رکندا آهن. عورت مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مخلص، لطيف ۽ حساس مخلوق هوندي آهي.اصولي طور هوءَ انهيءَ جي خواهشمند هوندي آهي ته مرد کيس پيار محبت ڏئي اهم سمجهي. پر، افسوس جو اسان جي معاشري ۾ اڪثريت اهڙن مردن جي آهي جيڪي عورت کي فقط رڍ ۽ ٻڪري سمجهندا آهن. جنهن جي گهڻو عرصو پرورش ڪرڻ سبب هُو ان جي زندگيءَ تي پنهنجو ڀرپور اختيار حاصل رکندا آهن. معنيٰ ته انهن وٽ عورت جي پنهنجي ڪابه مرضي يا ذاتي اختيار اهميت نه رکندو آهي. هو پنهنجين عورتن جي حياتين تي مالڪيت جو مڪمل حق پاڻ وٽ محفوظ رکندا آهن. پوءِ سندن مرضي آهي ته پاڻ وٽ پاليل رڍ يا ٻڪري ماري ڇڏين يا جنهن کي چاهين وڪڻي يا بخشي ڇڏين. ڪير به انهن تي اعتراض واري نٿو سگهي. اهڙا ماڻهو عورت کي بازار ۾ شوڪيس اندر وڪري لاءِ رکيل رانديڪو سمجهندا آهن. جيڪو جنهن جي هٿ ۾ آيو ان جي ملڪيت بڻجي پيو.
مطلب ته هن سماج ۾ عورت جي ذات کي ايترو ته ڪمزور بڻايو ويو آهي جو ظلم ۽ جبر جي هوا جو هر جهوٽو کيس پاڻ سان اڏاري کڻي وڃي سگهي ٿو. مجبور ۽ لاچار عورت کي هتي هر روز هڪ نئين شڪل ۾ آندو وڃي ٿو. ۽ کيس روزانو هڪ نئون رنگ ڏنو وڃي ٿو. هر گهنٽيءَ تي کيس اٿاري سگهجي ٿو ۽ هر اشاري تي کيس ڪنهن محفل ۾ نچائي سگهجي ٿو. عورت جي زندگي رڳو بندشن، زنجيرن ۽ ويرانين کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. کيس پابند رکڻ لاءِ مرداڻي سماج ڪجهه رسمون ۽ ڪي قدر جوڙي ڇڏيا آهن. جن کي ڪٿي مذهب، ڪٿي قانون ته ڪٿي اصولن جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انهن هٿ ٺوڪين اصولن ۽ مدي خارج قدرن ۾ اڄ جي عورت گهڻي قدر جڪڙيل آهي.
سُرهاڻ به ساڳئي سماج سان تعلق رکندڙ عورت هئي. پر، هوءَ هن فرسوده سماج سان بغاوت ڪندي هئي. هن قدامت پرست گهريلو عورت ٿيڻ بجاءِ ترقي پسند ٿيڻ کي ترجيح ڏني هئي، جنهن جي کيس تمام وڏي قيمت به چڪائڻي پئي هئي. هن جي آزاد خياليءَ سبب سندس گهر ۽ خاندان جو تقريبن هر فرد ساڻس ڏاڍي رُکي انداز سان پيش ايندو هو. هن جي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي اعتراض جو پهلو اٿاريو ويندو هو. هن پاران الڳ ٿلڳ ۽ خاموش رهڻ تي به کيس ڪجهه نه ڪجهه چيو ويندو هو. پر، اها تنهائي ۽ خاموشي به ته کيس گهر ۽ خاندان وارن پاران بِنا گُهرئي ڏني وئي هئي.
اهو سچ هو ته سُرهاڻ پاڻ کي پنهنجي ذات جي خول ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، پر ان لاءِ کيس مجبور ڪنهن ڪيو هو؟ هن جو قصور ڪهڙو هو، رڳو ايترو ته هن اونداهي رات جو حصو ٿيڻ بجاءِ پرهه جي رنگن کي ڏسڻ چاهيو هو، هن کنڊرن ۾ پورجڻ بدران پولارن ۾ اُڏرڻ گهريو هو، هن ڪنهن معمولي جيت جڻي جيان ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسي ڦٿڪڻ بجاءِ ٽانڊاڻي وانگر پنهنجي حصي جي جوت جاڳائڻ پسند ڪئي هئي. جنهنڪري سڄي گهر لاءِ بار بڻجي پئي هئي. کيس خبر نه هئي ته پنهنجي مرضيءَ جي آزاد زندگي جيئڻ جو انجام اهڙو ٿيندو آهي. انسان پنهنجي ئي گهر ۾ اجنبي بڻجي پوندو آهي. پنهنجن جي توجهه کان محروم ٿي ويندو آهي. شروع ۾ جڏهن هن کي پنهنجن کان اجنبيت جو احساس ٿيندو هو ته سڀني جي سامهون ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. پر، جڏهن پوءِ به ڪنهن جي توجهه حاصل نه ڪري سگهي هئي ته سڀ جي سامهون لڙڪ لاڙڻ ڇڏي ڏنا هئائين. پوءِ هن پنهنجي دل کي سخت ڪري پٿر بڻائي ڇڏيو هو. پنهنجو پاڻ کي ڪتابن ۾ غرق ڪري ڇڏيو هئائين.
هڪ ڀيري سُرهاڻ مون کان پڇيو هو ته، ”جيڪا عورت نپولين جي قول موجب هڪ هٿ سان ٻار جو پينگهو ۽ ٻئي هٿ سان سموري دنيا کي لوڏي سگهي ٿي، اها ساڳي عورت اسان جي هن سماج ۾ رٻڙ جي هڪ مصنوعي گڏيءَ وانگر چاٻيءَ تي کيل ڇو ڏيکاريندي رهي ٿي؟“
کيس جواب ۾ چيو هئم، ” تون عورت جي مظلوميت جي ڳالهه ٿي ڪرين. جڏهن ته هتي مردن کي ئي سندن حقن کان محروم رکي، کين روزانو ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙيو وڃي ٿو. اسان جو سماج هڪ اهڙو سماج آهي جتي ڪوبه پنهنجي آدرشن ۽ خواهشن سان آزاد زندگي جِي نٿو سگهي. اصولن هر انسان کي ڪنهن قالب يا سانچي ۾ قيد ٿي رهڻ بجاءِ پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي، پر اسان جي سرد خاني جهڙي سماج ۾ اسان جيئري ئي مرندا رهون ٿا. هڪ عورت سان اسان هڪ جيئري مرد جيان محبت ڪريون ٿا ۽ ٻيءَ عورت سان بلڪل هڪ مُردي وانگر سلهاڙيل رهون ٿا. ائين روزانو مردن جو ڪيترو انگ اسان کي رستن تي گهمندڙ ڦرندڙ لاشن جيان نظر اچي ٿو. جڏهن ته عورتن جو ججهو تعداد پڻ مئل مئل لڳي ٿو. هڪ اهڙي پيانوءَ وانگر جنهن جا اڌ سُرَ بي آواز ٿي چڪا هجن.
•••

سُرهاڻ جون دلربايون به هن جي شخصيت جهڙيون ئي شاندار ۽ نراليون هيون. هوءَ منهنجي خوابن جي ڦلواڙيءَ ۾ ڏٺي ڏينهن سپنن جا طرحين طرحين ڦول پئي پوکيندي هئي. هاڻ هوءَ مون کي دل ۽ جان سان چاهڻ لڳي هئي. مان هن جي ذات ۾ مڪمل طرح ڳوهجي چڪو هئس. هن منهنجي شعري مجموعي ”درد جي آسپاس“ ۾ شامل تقريبن سمورن غزلن کي مٺڙيون مٺڙيون ڌنون ڏيئي ڇڏيون هيون. جيڪي سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارين ۽ وٺ وٺان کان پوءِ رات جي پهر ۾ مونکي موبائل تي ٻڌائي پنهنجا ۽ منهنجا سارا ٿڪ ڇنڊي ڇڏيندي هئي. هڪ لڱا هن جو موهه ڏسي کانئس پڇيو هئم، ”ڇا محبت آسماني جذبو ناهي؟“
هن وراڻيو هو، ” محبت دنيا جي حسين ترين شيءِ آهي، محبت زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خوشيءَ جو نانءُ آهي.“
پوءِ جڏهن مون هن کي پنهنجي محبت جو آغاز ياد ڏياريو هو ته پڇيو هئائين، ” تو ته اڳ به ڪيترين ڇوڪرين سان محبت ڪئي آهي ني؟“
ظاهري حيرانيءَ سان چيو هئم، ”بيشڪ! مان توکي پنهنجي ماضيءَ جو سير ڪرائي چڪو آهيان.“
پڇيو هئائين، ”اڃا انهن مان ڪنهن سان منسوب به آهين؟“
کيس وراڻيو هئم، ” هن وقت مان توکان علاوه ڪنهن سان به منسوب ناهيان. باقي اها حقيقت آهي ته هن کان اڳ محبت مون ويهه دفعا ڪئي آهي.“
توائيءَ مان سوال ڪيو هئائين، ”شرم ڪونه ٿو اچئي؟“
جواب ۾ چيو هئم، ” محبت ڪرڻ ۾ ڇا جو شرم؟ محبت نه هجي ته جيئرو رهڻ جو ڪهڙو فائدو؟“
ويڻ واري انداز مان چيو هئائين، ”تنهنجو پاڻ لاءِ جنون ڏسي مان سمجهندي آهيان تو رڳو مونسان ئي محبت ڪئي آهي.“
چيو هئومانس، ”جيتوڻيڪ مان هڪ ابدي عاشق آهيان، پر هن وقت مان رڳو توسان ئي محبت ڪريان ٿو.“
ڪروڌ مان وراڻيو هئائين، ”پر، مان توکان نفرت ڪريان ٿي.“
کيس سنجيدگيءَ سان سمجهايو هئم، ” جنهن سان هڪ دفعو محبت ٿي ويندي آهي، ان کان ڪڏهن به نفرت نه ڪري سگهبي آهي.“
چيو هئائين، ”تون ڪجهه به کڻي چئه، پر مان توکان ناراض آهيان.“
کيس نرماڻ مان سمجهايو هئم، ” ڇڏ جهيڙي کي اچ ته پرچي، وري پاڻ ۾ عاشق معشوق ٿي وڃون.“ مون کيس وڌيڪ سمجهائيندي چيو هو، ” محبت ايئن ڦٽي ڪرڻ جي شيءِ ناهي. محبت دنيا ۾ حسين ترين شيءِ آهي. هاڻي هاڻي تو پاڻ ئي ته چيو هو.“
چيو هئائين، ”مون نه تو چيو هو.“
کيس ياد ڏياريندي چيو هئم، ” مون کان پوءِ تو به ته چيو هو.“ کيس پرچائڻ لاءِ وڌيڪ چيو هئم، ”پياري! پاڳلپڻو ڇڏ. اچ ته محبت ڪريون، جيستائين اسان ڪري سگهون. اچ ته ڪِٽي ختم ڪري وري دوستي ڪريون. “
چيو هئائين، ”مان رڳو تنهنجي دوست ئي آهيان. ٻيهر جڏهن به مون سان ملين ته منهنجي گهڻو ويجهو نه اچجانءَ، مون کي ڳراٽڙي نه پائجانءَ. تون وڏو جادوگر آهين، الائي ڪهڙي منڊ ۾ منڊي ٿو ڇڏين.“ ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ وڌيڪ اهو انڪشاف ڪيو هئائين ته، ”مرد جو عشق سمنڊ آهي جيڪو دنيا جي نظرن اڳيان ڇلڪندو ٿو رهي. عورت جي محبت زيرِ زمين ندي آهي جيڪا زمين جو سينو چيريندي هيٺ ئي هيٺ وهندي رهي ٿي.“
ڪجهه لمحا اڳ مونکي ڪاوڙ مان ڪجهه تلخ ڳالهائڻ کانپوءِ سُرهاڻ مون کان پڇيو هئو، ”منهنجون ڳالهيون توکي ڪساريون ڪونه لڳنديون آهن، تنهنجي انا کي ڪو ڌچڪو ڪونه رسندو آهي؟“
هن جي سوال جو پختگيءَ سان جواب ڏيندي چيو هئم، ”مون لاءِ محبت اڳيان انا ڪا به شيءِ نه آهي.“
وري حيرت مان پڇيوهئائين، ”مظهر!ڇا واقعي تون، مون لاءِ پنهنجي انا جهڙي شيءِ کي به مليا ميٽ ڪري سگهين ٿو؟“
منهنجي زبان مان نڪتو هو، ” انا ته ننڍڙي چيز آهي، مان توتان پنهنجو سِرُ ساهه به گهوري سگهان ٿو...“
” پر، مظهر! ....“ ڳالهه اڃا منهنجي چپن تي ئي هئي جو هن تڙپندي چيو هو، ”منهنجي ته انا ئي تون آهين!“
سُرهاڻ جي دل ۾ پنهنجي لاءِ ايڏي ڪامنا ڏسي منهنجي لونءَ لونءَ هن جي عقيدت سان ڀرجي وئي هئي. ان وقت ساڻس پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي کيس چيو هئم، ”تنهنجون اکيون ڏاڍيون دلفريب آهن. مان توکي پهريون ڀيرو ڏسندي ئي انهن تي عاشق ٿي پيو هئس.“
”منهنجون اکيون...“ چوندي هن جي لهجي ۾ وڌيڪ مٺاڻ اوتجي آيو هئو. چيو هئائين، ” ايڏيون وڻنئي ٿيون ته ڪڍي ڏيانءِ.“
بي تحاشا پيار ۾ ڀرجندي کيس وراڻيو هئم، ”جان! ايئن نه چوندي ڪر، ۽ پنهنجي اکين جو گهڻو خيال رکندي ڪر. ڇو ته دل خدا جو گهر هوندي آهي ۽ اکيون ان جون دريون ٿينديون آهن.“
•••













چوندا آهن عشق ۽ مشق لڪائي نه لڪندا آهن. ڪيتري احتياط جي باوجود پيار ڪندڙن جا قصا هوائن سان گڏ هُلي ويندا آهن. سُرهاڻ ۽ منهنجو موهه به نيٺ لوڪان لڪي نه سگهيو هو. سُرهاڻ جنهن آرگنائيزيشن ۾ ملازمت ڪندي هئي، ساڳي آرگنائيزيشن ۾ ميٺ محبت جي علامت سمجهيو ويندڙ هڪ پکيءَ جي نالي واري هڪ ٻي به ڇوڪري ڪم ڪندي هئي. جيڪا هڪ ئي ”فيلڊ“ ۾ سُرهاڻ جي ”ڪليگ“ ۽ سندس ”روم ميٽ“ به هئي. بدقسمتيءَ سان ان ڇوڪريءَ جي فطرت سندس نالي واري پکيءَ جي فطرت کان بنهه ابتڙ هئي. هوءَ پنهنجائپ جي آڙ ۾ پُٺيءَ ۾ ڇُرو ٽنبڻ وارن ماڻهن مان هئي. اهڙا ماڻهو جن جو ڪردار ڏسي ڪڏهن ڪڏهن مجبورن اهو سوچڻو پوندو آهي ته، ”انسان دنيا ۾ جنهن کي سڄڻ سمجهندو آهي، اهو ڪيڏو نه وڏو دشمن ٿيندو آهي؟!“
سُرهاڻ جي ساهيڙي به هن ۽ منهنجو پيار ڏسي، اندر ئي اندر ۾ احساس محروميءَ جو شڪار ٿيندي حسد جي باهه ۾ سڙندي رهندي هئي. جنهنڪري ڳجهه ڳوهه ۾ هن نه رڳو سُرهاڻ ۽ منهنجي تعلق کي ڪنهن ”سيڪريٽ ايجنٽ“ وانگر پنهنجي آفيس جي سموري عملي ۾ ڦهلايو هو، پر ان راز کي فون وسيلي سُرهاڻ جي مائٽن تائين به پهچايو هو. هن سُرهاڻ ۽ منهنجي حوالي سان سندس گهر وارن جي دلين ۾ نه رڳو هڪ چور ويهاري ڇڏيو هو، پر پنهنجي ڌوتيءَ واري ڪردار سان ان چور جو قد به وڌائيندي رهي هئي.
انهن ڏينهن ۾ سُرهاڻ جي گهرڀاتين جو رويو ساڻس وڌيڪ ناروا ۽ ناقابل برداشت ٿي ويو هو، جنهن جو اثر سُرهاڻ جي ذهن تي وڌي ويو هو. بدقسمتيءَ سان ساڳين ڏينهن ۾ ڊاڪٽرن منهنجي گهرواريءَ کي به جيري جي هڪ ڏکي بيماري هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو. منهنجي ونيءَ جي بيماريءَ جو ٻڌي سُرهاڻ جي پريشانيءَ ۾ وڌيڪ واڌارو ٿي ويو هو. هوءَ بار بار فون تي سندس حال معلوم ڪندي رهندي هئي. ڪنهن به ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ ويندا هئاسين ته اسان جي اتي پهچڻ کان اڳ منهنجي موبائل تي سُرهاڻ جي ڪال پهچي ويندي هئي. ”ڊاڪٽر سان مليو؟ ڊاڪٽر ڇا چيو؟ ڦلاڻي ٽيسٽ جو رزلٽ ڪڏهن ايندو؟“ هوءَ بي چيني ۽ گهٻراهٽ مان ورائي ورائي اهڙا سوال پئي پڇندي هئي. سُرهاڻ منهنجي زال کي مون کان به وڌيڪ ڀائيندي هئي. شايد انڪري جو هوءَ ڄاڻندي هئي ته مان ٻن عورتن ۾ ورهايل هڪ اهڙو مرد آهيان جنهن جي ذات جو هڪڙو حصو منهنجي پيار ڪندڙ ونيءَ وٽ محفوظ آهي ۽ ٻيو حصو پنهنجي پريمڪا لاءِ انتظار جي چادر ويڙهيون ويٺو آهي. يا شايد انڪري جو سچو پيار ڪندڙ ماڻهو پنهنجي پريتم سان واڳيل هر شيءِ سان به پنهنجي ذات کان وڌيڪ محبت ڪندا آهن. شايد اهو ئي سبب هو جو منهنجي شريڪ حيات جي بي چاڪائيءَ سبب سُرهاڻ تن ڏينهن ۾ پنهنجي محبت کي منهنجي اعصابن تان ڌوئڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهڻ لڳي هئي. هن هوريان هوريان مون تان پنهنجي توجهه گهٽائي ڇڏي هئي. هوءَ هر وقت مون کي منهنجي ونيءَ جو خيال رکڻ جون هدايتون پئي ڪندي هئي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو هو جنهن منهنجا ۽ سُرهاڻ جا رستا هميشه لاءِ الڳ ڪري ڇڏيا هئا. ان ڏينهن مون سان منهن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ بجاءِ منهنجي موبائل تي ”ايس.ايم.ايس“ اماڻي هن مونسان پنهنجو رابطو ٽوڙي ڇڏيو هو. لکيو هئائين:
”ماسات! منهنجو هِي آخري ميسيج ملڻ بعد مون کي هميشه لاءِ وساري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. مان هاڻي توسان ڪوبه رابطو رکي نٿي سگهان. مان ڪڏهن به توسان ملي نٿي سگهان. مان بدنامي افورڊ ڪري نٿي سگهان. ماڻهو غلط مطلب وٺن ٿا. آزادي ڦاهو بڻجي ڳچيءَ ۾ پوي ٿي. هاڻي مان چپ رهندس. نوڪري ڇڏي گهريلو عورت ٿي ويندس. دل جي سونهري ايوانن مان نڪري پنهنجي اداس ۽ اُجاڙ گهر ۾ رهندس، مصنوعي روشنين کي ڇڏي انهن انڌيارن ۾ موٽي ويندس جيڪي اصل ۾ منهنجو مقدر آهن. مان تمام جلد پنهنجي شاديءَ جي توهان سڀني کي دعوت موڪليندس. تون جميله جو گهڻو خيال رکجان. هن کي تنهنجي ضرورت آهي. هن جو توتي حق آهي. مون سان رابطو ڪٽڻ بعد موبائل نه کپائجان. استعمال ۾ رکجان. گهر جو فون به نه ڪٽائجان. جميله کي تڪليف ٿيندي. پنهنجو، جميله جو ۽ ٻچڙن جو خيال رکجان. منهنجون دعائون هميشه توهان سان گڏ رهنديون. توهان به دعائن ۾ ياد ڪجو. پريشان نه ٿجان ۽ هاڻ ڪڏهن به منهنجو نمبر ڊائل نه ڪجان. ڇو ته اڄ کان پوءِ موبائل مون وٽ نه رهندي.“
هيءَ دنيا هر ڪنهن کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي. هتي انسان کي مرڻ کان اڳ هزارين ڀيرا مرڻو پوي ٿو. سُرهاڻ به ان ڏينهن مون کي ۽ پاڻ کي جيئري ماري ڇڏيو هو. هن بغير ڪنهن رنج رسامي جي مون کان پنهنجو تعلق ترق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن جي خيالن اچانڪ الائي ته ڪهڙو پاسو ورايو هو جو جوش جو دامن ڇڏي هوش اپنائڻ بهتر سمجهيو هو. مون به هن جي رضا خاطر سندس فيصلي جو مانُ رکيو هو. دل کي نه ئي صحي پر دماغ کي سُرهاڻ جو فيصلو مڃائي ورتو هئم. مون قسمت اڳيان پنهنجي هار قبولي ورتي هئي.
منهنجي خيال ۾ زندگي هڪ جُوا آهي ۽ دنيا جُواخانو! هتي ڪنهن کي کٽڻو ته ڪنهن کي هارائڻو پوي ٿو. پر، اسان جو ته معاملو ئي ابتڙ آهي. سُرهاڻ ۽ منهنجي پيار جي بازيءَ ۾ ته اسان ٻنهي هارايو آهي. هتي بازي ته وري ”قسمت“ نالي ٽين ڌر هڻي وئي آهي.
مان هاڻ اهڙو بدنصيب شخص ٿي پيو آهيان جنهن جي دل ۾ ڪابه تمنا باقي نه بچي آهي. مون پنهنجي سڀني خواهشن کي اداسيءَ جي ديوار ۾ لنبائي ڇڏيو آهي. مون لاءِ هاڻ زندگيءَ جي ڪپ ۾ ڪؤڙاڻ کانسواءِ ڪجهه به نه بچيو آهي. مان زندگيءَ جي ٽياس تي ائين ٽنگيل آهيان جيئن فرائيءَ جي دڪان تي ڪُٺل ڪڪڙيون ٽنگيل هونديون آهن. منهنجي ڪيفيت ان مسافر جهڙي آهي جيڪو ٻن چئن قدمن جي فاصلي تي منزل جي ويجهو ئي قسمت هٿان ٺوڪر کائي ڪري پوندو آهي. تقدير منهنجي دل ۾ تمام سخت ڀالا ٽنبي ڇڏيا آهن. مون لاءِ ڄڻ پورو جيون هڪ اکٽ ڪاري رات ٿي چڪو آهي. رات، جنهن جو ڪو به انت نه آهي. ۽ مونکي اها رات جاڳي گذارڻي آهي.
هاڻ سُرهاڻ جي پيار ۾ گهاريل پل ڪنهن گل تان ماڪ ڦڙن وانگر اُڏامي ويا آهن. دل جون سڀ اڪيليون واديون، جيڪي سُرهاڻ جي اچڻ سان ڀرجي ويون هيون، هڪ ڀيرو ٻيهر ويران ٿي چڪيون آهن. اڄ مان پاڻ کي هڪ اهڙو سڪل وڻ سمجهان ٿو جنهن جون ڏانڊيون ذرو به وڌي نٿيون سگهن. سُرهاڻ بِن نه بند اکين ۾ چين آهي نه کليل اکين ۾ قرار. جڏهن کان هوءَ اکنئون اوڏو ٿي آهي تڏهن کان دنيا مون لاءِ ٽينَ جي ڪنهن خالي ٿيل دٻي وانگر ٿي پئي آهي. جڏهن کان مون کان منهنجي زندگيءَ جو حسين خوابُ رسي ويو آهي، تڏهن کان مون لاءِ وقت به ڄڻ هڪ هنڌ بيهجي ويو آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ ڪوبه تحرڪ نه رهيو آهي. هاڻ خواب منهنجي زندگيءَ ۾ نه رهيا آهن، هاڻ ته چوڌاري حقيقت ئي حقيقت آهي. ڀوائتي، اذيتناڪ ۽ ظالم حقيقت!
جيتوڻيڪ هاڻ مون لاءِ هرپاسي اُماوس کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو آهي، پوءِ به الائي ڇو مونکي هميشه هڪ ”خواب ـ چهري“ جو انتظار رهندو آهي. انتظار جيڪو ازل کان منهنجي حياتيءَ جو حصو رهيو آهي. مان شايد انهن ماڻهن مان آهيان جن کي ڄمڻ واري ڏينهن کان مرڻ جو انتظار رهندو آهي. مان پيدائشي بدقسمت آهيان تڏهن ته جسماني موت کان اڳ موت جي آخري فل اسٽاپ جي انتظار ۾ الائي ڪيترا دفعا لِڪي لِڪي مرندو رهيو آهيان. منهنجو جيون ازل کان کوٽو پئسو رهيو آهي. خوشيون زندگيءَ ۾ مونکي ڪڏهن به راس نه آيون آهن، اهي منهنجي جيون ۾ آيون به آهن ته هميشه بي نڪاحي عورت جيان آيون آهن، جيڪا گهڻو وقت گهر ۾ ٽِڪي نه سگهندي آهي.
هاڻ جڏهن مان 2007ع جي Valentine day تي پنهنجي شهر جي گلستان جهڙي علائقي ”وانڍ“ مان سُرهاڻ لاءِ انتساب طور پٽيل ۽ کيس پيش نه ڪري سگهيل گلابن جون پتيون پنهنجي الماڙيءَ ۾ ڪتابن وچ ۾ رکيل ڏسندو آهيان ته مون مٿان موت جهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. مون کي منهنجو وجود قبر ڀاسندو آهي. منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن. ۽ ان وقت مان پاڻ کي بي حد ڪمزور محسوس ڪندو آهيان. ايترو ڪمزور جو شايد ڪا ديوار به مونکي سهارو ڏئي نه سگهي.
هاڻ جڏهن مان استاد راڳي مرحوم سينگار علي ”سليم“ جي جادوئي ۽ پُرسوز آواز ۾ ڳايل پنهنجو غزل:
ساٿ جنهن جو اسان وڃايو آ،
اڄ وري سوئي ياد آيو آ.
ٻڌندو آهيان ته منهنجي اندر جي موسم جهُڙالي ٿي پوندي آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجون اکيون آگم جيان برسي پونديون آهن. پنهنجي محبوب چهري جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ته پٿرائجي ئي ويون آهن، پر هوريان مان پاڻ به ماڻهوءَ مان پٿر ٿيندو پيو وڃان. منهنجي پٿرايل اکين ۾ ڏسي منهنجا ڪجهه دوست مون کي نصيحتون ڪندي چوندا آهن ته، ” تون اجايو خوابن ۾ جيئرو ٿو رهين. جڏهن ته زندگيءَ ۾ خواب ڪابه معنيٰ ڪونه ٿا رکن.“
مان اهو سڀ ٻڌي چپ رهندو آهيان ۽ پٿر بڻجي هنن کي ڏسندو آهيان. ڀلا کين ڪيئن سمجهايان ته ، ”جيڪڏهن خوابَ زندگيءَ ۾ نه هجن ته زندگي پٿر ٿي پوي. خوابن کان سواءِ ته زمين ۽ آسمان به پٿر جا ٿي ويندا آهن.“
اڄ جڏهن مان هڪ ٿڌو ساهه ڀري، آرسيءَ ۾ پنهنجي پيشانيءَ تي گذري ويل ورهين جا پيرا ڏسان ٿو، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي اختصار تي سوچيان ٿو ته پاڻ کي ڪنهن ويران کنڊر کان مختلف هرگز نٿو ڀانيان. منهنجي چهري جا آثار ٻڌائن ٿا ته پنهنجي اصل سرحد کان اڳ وقت منهنجي وجود تي اهڙا سڀئي چِٽَ چِٽي ويو آهي جن جي آڌار تي اٺٽيهه اونهارا، سيارا ڪاٽيندڙ مون پوڙهي شخص کي پنجاهه سالن جا نوجوان به آرام سان ”چاچا“ چئي سگهن ٿا.
مان سمجهان ٿو سڀ قسمت جو کيل آهي. مون کي ڪنهن کان به ڪا شڪايت ڪانهي. سُرهاڻ به مونکي ڪو ڌوڪو يا دولاب نه ڏنو آهي. اسان ٻنهي قسمت اڳيان هار کاڌي آهي. مون سُرهاڻ کي چاهيو، پر کيس پنهنجو ڪري نه سگهيس. هن مون سان محبت ڪئي، پر منهنجي ٿي نه سگهي. وقت گذرندو ته شايد زخم اسان ٻنهي جا ڀرجي ويندا. هوريان هوريان اسان مسڪرائينداسين، ٽهڪ لڳائينداسين، دل کي اها آٿت ڏئي ته، ”ڇا ٿيو جي اسان ملي نه سگهياسين؟! ميلاپ کانسواءِ به ته هڪ جيون هوندو آهي، وڇوڙي جو جيون! جيڪو پريت کي نئون تصور ڏئي روح کي سدا آباد رکندو آهي. دل ته الائي ڪهڙين ڪهڙين شين کي چاهيندي آهي، ضروري ته ناهي ته دل کي گهربل هر شيءِ ملي وڃي!!“
مان جڏهن رات جي اڪيلاين ۾ ساڻو ٿي بيڊ جي ڪنهن ڪنڊ کان پيل هوندو آهيان تڏهن منهنجو روح مون وٽ هلي ايندو آهي ۽ منهنجي لڙڪن کي منهنجي ڏنڀن تي مليندو آهي. انهن پيڙائيندڙ لمحن ۾ سوچيندو آهيان ته، شايد مان آڪاش آهيان تڏهن ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪڏهن به ملي ڪونه سگهيس. مان ، ڌرتيءَ جا سڀ ڏک سُور ڏسندو رهان ٿو، پر ان جي روح جي پيڙائن کي ختم نٿو ڪري سگهان. ڇا اهو سچ نه آهي ته هُن جو هڏ به مون لاءِ ڪرڪندو هوندو، هوءَ به پنهنجي آڪاش کي وساري نه سگهي هوندي!! پر، مان چاهيان ٿو هن کي هاڻ مونکي وساري ڇڏڻ گهرجي. ماڻهو ڇو ونڊيل ورهايل هجي؟! ان کي پنهنجي روح ۽ جسم سميت ڪنهن هڪ جو ٿي وڃڻ گهرجي. منهنجي دعا آهي ته، شال! منهنجي سُرهاڻ جو روح به مون وانگر سندس جسم کان ڌار نه هجي. شال! هوءَ به مون جيان هميشه ويراڳ جي وڍيل نه رهي. (آمين!)

ناول پورو ٿيو

__________________________


Courtesy: Venggus Publication, Khairpur, Sindh, Pakistan


ڳنڍيل:
Picture1.JPG
Picture1.JPG [ 91.74 KiB | ڏٺو ويو 533 دفعا ]
Picture2.JPG
Picture2.JPG [ 24.26 KiB | ڏٺو ويو 533 دفعا ]
Picture3.JPG
Picture3.JPG [ 14.6 KiB | ڏٺو ويو 534 دفعا ]
واپس مٿي
 تعارف برقی خط  
 

پراڻين تحريرن جو مطالعو:  ترتيب ڏنل  
نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 

سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي


ڪير موجود آهي

فورم تي موجود رُڪن: ڪوبه رجسٽر ٿيل رُڪن آن لائين نه آهي ۽ 1 مهمان


آپ کو اجازت نہیں ھے: هن فورم ۾ نوان موضوع شروع ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ جواب موڪلڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ موجود پنهجي تحريرن جي ترميم ۽ تبديلي ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجو تحريرون ختم ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجي تحريرن سان گڏ فائل ڳنڍڻ جي

ڳولا برائي ــــ:
رجوع بہ:  
cron