'ٽوپيءَ جي پويان ڇاهي'؟ Beyond the Topi
امداد سومرو
--------------------------------------------------------------------------------
جي هو صحافتي ادب بجاءِ صفا نج ادبي ڪم ڪري ته هن جي ادبي طنز (Satire) جارج آرويل جي پائي جي ٿي پئي. ڏينهن ٿيا تيز ڪٽ ڌار جهڙي طنز مون سنڌي ادب يا صحافت ۾ نه پڙهي آهي. اهڙي طنز– راڪ اسٽارز جي رفتار جهڙي– ڪڏهن حليم بروهيءَ ۾ هوندي هئي. پر حليم بروهي عمر جي وڌندڙ روڳ ۽ بيماريءَ سبب ان کان هاڻ محروم ٿي ويو آهي– نه ته هو گل محمد عمراڻيءَ کان متاثر ٿيڻ بدران سائين عزيز پليءَ جي موت تي شاندار ڪالم لکي سگهي ها– ۽ هن جو اهو ڪالم عمر خيام جي ڪالم وانگر شاندار هجي ها.
حسن مجتبيٰ اسان جو جارج آرويل آهي يا نه پر هن جي لکڻيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها ڪاٽ نظر اچي ٿي جيڪا هن جي لکڻين جي سڃاڻپ آهي. مون کي هڪ اهڙي سنڌ ۾ جڏهن هڪ ميڊيا هائوس کان مرعوب ٿيڻ ۽ ان آڏو اختلاف راءِ رکڻ جي جرئت نه ڪرڻ هڪ روايت جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي حسن مجتبيٰ جو هي بلاگ انتهائي زبردست لڳو. ڇا ڪجهه هڪ اهڙي سنڌ جتي هڪ شاعر هڪ اخبار کي ”سنڌي قوم جي ماءُ“ ۽ ”سنڌ جي نياڻين جي لڄ ۽ لوئي“ سڏي، تڏهن توهان تصور ڪريو ٿا ته ساڃاهه ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيتري پستيءَ تائين هليو ويو آهي.
سنڌي ٽوپيءَ وارو ڏيهاڙو پنهنجي ڪيترين مثبت ڳالهين سان گڏ اسان جي قومي ڪردار جي حوالي کان به ڪيئي سوال ڇڏي ويو آهي. مان سوچيان ٿو ته عوامي شرڪت جو مانُ رکندي به ۽ هجوم جي نفسيات سان کيڏندي به، اسان کي پنهنجي راءِ ايمانداريءَ سان رکڻ وارو فرض ضرور سرانجام ڏيڻ گهرجي.
11 ڊسمبر 2009 تي بي بي سي اردو تي حسن مجتبيٰ جو بلاگ آيو آهي ۽ هن جي بلاگ تي ردعمل به اوترو ئي آيو آهي. ڪنهن هن کي بي بي سي اردو سروس جي پنجابي ۽ مهاجرن جي چاپلوسي ڪرڻ سڏيو آهي ته ڪنهن هن کي صرف زرداري مخالف سڏيو آهي. ڪنهن هن کي ڍنگ جي ڳالهه نه ڪرڻ جو طعنو ڏنو آهي ته ڪنهن هن جي بلاگ سان اتفاق به ڪيو آهي. سنڌي ٽوپيءَ جي حوالي کان لکيل منهنجي ڪالمن تي ڪنهن چيو ته اهو بغضِ معاويه آهي ته ڪنهن چيو ته مان مجموعي طور انهيءَ ڏيهاڙي جي افاديت سمجهڻ کان قاصر آهيان. ممڪن هجي ته مون سان ايئن به هجي پر جڏهن سڄو شور ماٺو ٿي ويندو ۽ ڌوڙ ٿمجي ويندي تڏهن اسان کي سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ وٿي ملندي. تڏهن اسان سمجهي سگهنداسين ته اسان هروڀرو ڇو عوام جي جذبات سان کيڏڻ واري غلطي ڪيون ٿا.
بهرحال مان هتي حسن مجتبيٰ جو بلاگ هيٺ ڏيان ٿو:
6 ڊسمبر تي نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر کان پاڪستان ۾ خيرپور ميرس جي مريم توب تائين سنڌي ٽوپيءَ يا سنڌي ثقافت جو ڏيهاڙو ملهايو ويو. هيءُ سڄو ميلو جيو ٽي وي چئنل جي اينڪر پاران صدر آصف علي زرداريءَ جي تازو افغانستان جي دؤري تي سنڌي ٽوپي پائي وڃڻ تي ڏنل ريمارڪس جي نتيجي ۾ شروع ٿيو.
مبارڪباد جي مستحق آهن اهي سڀ ماڻهو جن 'سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ' جي لڄ رکي، ۽ يقينن زيادتيءَ تي هئا اهي سڀ ماڻهو جن صدر آصف علي زرداريءَ جي ٽوپيءَ تي اعتراضي جملا ڳالهايا ۽ پوءِ ڊهندڙ ديوار کي هڪ سهارو ڏنو.
گهڻو ڪجهه انهيءَ ٽوپي ۽ اجرڪ جي پويان لڪي ويو. ماڻهو خوش ٿيا ته سنڌي ثقافت جي نالي تي هو ڪئناڊا کان ڪشمور تائين متفق ۽ متحد آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن لکين ۽ هزارين ماڻهن مان ڪنهن به انهيءَ سنڌي ۽ پاڪستاني مرد يا عورت سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو جنهن کي بقول فيض احمد فيض جي، ”پگ زور والون ڪي پائون تلي ڌجيان هوگئين“
پاڪستان ۾ هر سال 3- کان 4 هزار عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ سڀ کان وڏو تعداد صوبي سنڌ ۾ 'ڪارو ڪاري' جي نالي تي قتل ٿيندڙ عورتن جو آهي. ڇا هاڻ ثنا خوان تقدس مشرق وارن ڪڏهن ڪو هڪ ڏيهارو ڪارو ڪاري يا نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل ٿيندڙ عورتن سان يڪجهتيءَ طور ملهايو آهي؟ ٿاڻن تي پوليس ۽ وڏيرن جي اوطاقن، چوڌرين جي اوطاقن ۽ ديرن تي هارين ۽ مزدورن جي پڳن ۾ روز هٿ پون ٿا. ڇا انهن هزارين لکين ماڻهن ڪڏهن جاگيرداري نظام خلاف ڪو ڏينهن ملهايو؟
ڇا ڪنهن ڄاتو آهي ته سنڌي ٽوپي سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي انهن ضلعن ۾ اهي عورتون ٺاهين ٿيون جتي عورتن کي ڪارو ڪاريءَ جي نالي ۾ سنڌي غيرتمند قتل ڪن ٿا. ٽوپيون ٺاهيندڙ اڪثر انهن محنت ڪش عورتن کي مڊل مئن، واڻيو ۽ واپاري ٺڳي وڃن ٿا.
ڇا ڪنهن به ٽوپي ۽ اجرڪ جي عظمت ڳائڻ وارن سنڌ جي انهيءَ نياڻي ڊاڪٽر شازيه خالد کي به ياد ڪيو آهي، جنهن کي مبينه طور هڪ فوجي ميجر جنسيءَ ڏاڍ جو شڪار بڻايو ۽ پوءِ ڊڪٽر شازيه خالد چواڻي کيس ساڳي ٽي وي اينڪر مبينه طور اڳوڻن فوجي حڪمرانن جي چوڻ تي زيادتيءَ جو شڪار بڻيل ڊاڪٽر شازيه ۽ هن جي مڙس کي وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؟
واقعي مرده قوم قبرستانن مان واپس موٽي آئي آهي ۽ صدر آصف علي زرداريءَ ڪنهن جادوگر وانگر پنهنجي ٽوپيءَ جي هيٺان اڇا ڪبوتر ڪڍي ورتا آهن.
....
منهنجي دوست الطاف نظاماڻي (جي الطاف نظاماڻي اهو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهيو هو) حسن جي انهيءَ بلاگ تي انتهائي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي: ”حسن ڀائي، لڳي ٿو ته زرداري دشمنيءَ ۾ تون پاڪستاني ميڊيا کان به ٻه هٿ اڳتي نڪري ويو آهين. جي اها ٽوپي زرداريءَ جي نه هجي ها ته شايد اوهان هيءُ تبصرو به نه ڪريو ها“.
جڏهن ته سڊنيءَ مان علي گل نالي هڪ سنڌيءَ انهيءَ بلاگ تي تبصري ۾ ٽوپي ۽ اجرڪ واري ڏيهاڙي کي ثقافت جي زمري ۽ ڪاروڪاريءَ جهڙن مامرن کي ”معاشرتي برائيون“ سڏي الڳ الڳ ڪيو آهي.
مان رڳو ايترو چوڻ چاهيندس: اسان آخر هر ڳالهه سنڌي ثقافت يا سنڌي هجڻ طور يا آصف علي زرداريءَ جي حمايت يا مخالفت ۾ هجڻ واري ڳالهه ڪري پنهنجو دڪان ڪيسين هلائيندا رهنداسين.... يا پنهنجي پنڊتريءَ کي ماڻهن تي مڙهيندا رهنداسين.... سادو سچ سڀ کان اتم ڳالهه آهي.
imdadsoomro@gmail.com