تاريخي فيصلن جي موسم؟ A perfect winter of discontent
امداد سومرو
--------------------------------------------------------------------------------
جڏهن اڃا اين آر او وارو فيصلو آيو نه هو ته اسان کي ٽي وي اينڪرز طرفان ”تاريخي فيصلي“ (historic judgment) بابت بار بار ٻڌايو پئي ويو: تاريخي فيصلو آيو ڪي آيو. اعليٰ عدالت يا ماتحت عدالتن جو فيصلو تاريخي آهي يا نه– ان متعلق فيصلو ٽي وي چئنل ڪندا ۽ قوم کي اهڙن تاريخي فيصلن سان نوازيندا رهندا. اسان گذريل ڪيتري عرصي کان جيڪي تاريخي فيصلا ٻڌندا آيا آهيون، مثال جنرل مشرف جي 4 نومبر واري ايمرجنسيءَ کي غير قانوني قرار ڏيڻ وارو تاريخي فيصلو جنهن ۾ پي سي او ججن کي هٽايو ويو هو– کي به اسان تاريخي فيصلي طور ورتو هو ۽ ڪالهه– 16 ڊسمبر تي به اسان اين آر او کي تاريخي فيصلو قرار ڏئي چڪا آهيون.
ياد رهي ته مشرف واري ايمرجنسيءَ کي غير قانوني قرار ڏيڻ ۽ پي سي او-2 تحت حلف کڻندڙ ججن کي هٽائڻ واري فيصلي ۾ 12 آڪٽوبر 99ع واري مشرف جي ڪو (coup) بابت ڪجهه به نه چيو ويو هو ۽ نه پي سي او بابت ڪجهه انهيءَ تاريخي فيصلي ۾ اسان کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مليو ڇو ته 99ع واري coup کان پوءِ پي سي او تحت جن جج صاحبن حلف کنيو هو ان ۾ موجود لارڊشپس (lordships) مان اڪثر جج صاحبان موجود هئا. مائي لارڊ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به انهن مان هڪ هو.
شايد اسان کي اهڙا تاريخي فيصلا ٻڌڻ لاءِ اڃا ملن. دنيا ۾ عدالتي فيصلا ايترا ڪڏهن به ”تاريخي“ نه رهيا آهن جيئن اسان وٽ اچي رهيا آهن. خاص طور جڏهن اسان کي هاڻ انڪشاف ٿيو آهي ته جيڪي به تاريخي فيصلا ايندا اهي اصل ۾ اعليٰ عدليه مان ايندا. باقي ادارا بنجر رهندا. ”تاريخي فيصلن“ مڙهڻ وارو فيصلو هاڻ اسان جي ڪجهه ٽي وي چئنلن جي هٿن ۾ آهي.
پر جڏهن موجوده چونڊيل جمهوري حڪومت (مان ورجايان ٿو ته 'چونڊيل' جمهوري حڪومت نه ڪي 'ٿاڦيل' جمهوري حڪومت) هڪ اوچتي آرڊر تحت آءِ ايس آءِ جي سياسي ونگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ حڪومت خلاف– خصوصي طور پيپلز پارٽيءَ خلاف– لهر جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ مشرف دؤر ۾ زبردست تنقيد جي زد هيٺ آيل آءِ ايس آءِ رات وچ ۾ محب وطن ٿي وئي. موجوده حڪومت کي مجبوريءَ جي حالت ۾ اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو.
مولانا صوفي محمد جي خطبي کان پوءِ اهلِ پنجاب اٿلي پيو ۽ طالبان سان معاهدو ختم ڪري سوات آپريشن شروع ڪيو ويو. سوات آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ سڄو پنجاب– سياسي مذهبي جماعتون توڻي سول سوسائٽي– اسلام آباد ۽ لاهور جي رستن تي نڪري آيون پر عسڪري قيادت جي حق ۾ نه ڪي چونڊيل جمهوري حڪومت جي حمايت ۾.
اهو ساڳو پنجاب ۽ اها ساڳي سول سوسائٽي وڪيلن واري تحريڪ دوران آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني توڻي مضبوط جمهوريت ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ جي حوالي کان سنجيدگيءَ جي عالم مان گذري رهيو هو. اسان پنجاب جي انهيءَ سنجيدگيءَ کي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
18 هين فيبروريءَ وارين چونڊن جي نتيجي ۾ جڙيل جمهوري حڪومت جيئن وجود ۾ آئي آهي ته ڪرپشن جو جال وَهي هليو آهي. هن کان اڳ ڪرپشن نالي ڪنهن شيءِ کان اسان واقف نه هاسين. ڪرپشن نه انفرادي ۽ نه ادارتي شڪل ۾ اسان ڏٺي هئي. پر جيئن آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ قدم رکيو ته ڪرپشن شروع ٿي وئي. جڏهن ته مختلف ادارن ۾ جيڪا ڪرپشن آهي ان بابت اسان ڪڏهن به ميڊيا تي نه ٻڌو هو. پر جي ڪنهن اداري– جيئن اسٽيل ملز– جي ڪرپشن تي لکيو به ويو ته انهيءَ ۾ موجوده حڪمران ڌر کي ٽارگيٽ ٺاهيو ويو. جيئن ته حڪمران ڌر پيپلز پارٽي آهي ان ڪري انهن جي نااهلي ۽ ڪرپشن بابت اوهان جا ڪن نه ٻڌڻ لاءِ سڪندا ۽ نه اکيون ڏسڻ لاءِ سڪنديون.
فوجي جنتا وارن توڻي آزاد عدليه جي وڏن آوازن مان ڪڏهن به اوهان ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل تي قوم کان معافي وٺڻ جو نه ٻڌو هو. آڌيءَ رات وارن فيصلن ۽ قدمن– پوءِ اهي جنرل هيڊ ڪوارٽرز مان آيا يا اڳوڻي اعليٰ جوڊيشريءَ مان– جا آواز اڄ به اسان کي haunt ڪندا رهن ٿا.
ڪرپشن کي ڪير ٿو justify ڪري؟ پر ڪرپشن ۾ امتيازي سلوڪ اسان هن دؤر ۾ ئي نه پر اڳ به ڏسندا رهيا آهيون. مثال مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل تي ڇو نه ٿو نوٽيس ورتو وڃي. ايئرمارشل (ر) اصغر خان جي پٽيشن ڏيڍ ڏهاڪي کان سپريم ڪورٽ ۾پيل آهي پر سيد سجاد علي شاهه کان سواءِ ڪنهن انهيءَ پٽيشن واري فائل تان ڌوڙ هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. سيد سجاد علي شاهه اها پهل ڪئي ۽ نواز ليگ سپريم ڪورٽ تي چڙهائي ڪئي. رٽائرڊ ايئر مارشل هاڻ 78 سالن جو ٿي چڪو آهي ۽ هو بار بار سپريم ڪورٽ کي ۽ موجوده چيف جسٽس کي لکي چڪو آهي ته، منهنجي زندگيءَ تي ڪو ڀروسو نه آهي ته ڪنهن وقت سج ٻڏي وڃي ان ڪري براءِ ڪرم منهنجي پٽيشن تي سماعت شروع ڪئي وڃي. پر جهوني ايئرمارشل جي درخواستن تي اڃا نظر ڪرم ٿي نه سگهي آهي.
برگيڊيئر (ر) امتياز ٻلو مختلف ٽي وي چئنلن تي اچي چئي چڪو آهي ته آءِ ايس آءِ محترمه بينظير حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ سمورين سياسي مذهبي توڻي قومپرست جماعتن کي پئسا ڏئي استعمال ڪيو ويو. ويندي نواز ليگ پاران نواز شريف جي نالي اچڻ تي صدر زرداريءَ خلاف الزام هنيو ويو ته هو نواز شريف خلاف ميڊيا ٽرائل هلايو پيو وڃي پر اسان جي ميڊيا گهڻو تڻو ان ڪيس تي آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. سپريم ڪورٽ تي چڙهائي واري وڊيو فاضل عدالت جي رڪارڊ جو حصو آهي. انهيءَ چڙهائي کي ڪنهن ليڊ ڪيو هو اهو سڀ ڪجهه موجود آهي پوءِ ڇو نه ٿو انهيءَ چڙهائي ۾ ملوث اڳواڻن خلاف ڪيس اٿلايو وڃي.
ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏيو رڳو ايئرمارشل (ر) اصغر خان جي پٽيشن تي ٻڌڻي شروع ڪئي وڃي ته به گهڻو ڪجهه وائکو ٿيندو. ڪي حاسد چون ٿا ته ان ڪيس ۾ جيئن ته مظلوم ڌر پيپلز پارٽي آهي ۽ باقي سموريون ڌريون انهيءَ ۾ جوابدار آهن ان ڪري انهيءَ پٽيشن تي ٻڌڻي شايد ممڪن ٿي نه سگهي. پر اميد پرستن اڃا به اها اميد نه وڃائي آهي ته مائي لارڊ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري هڪ ڏينهن انهيءَ پٽيشن واري فائل کي کوليندو.
اين آر او بابت فيصلو اچڻ واري رات مختلف ٽي وي چئنلن طرفان مختلف آئيني ماهرن ۽ رٽائرڊ ججن جي وات ۾ پنهنجا لفظ وجهڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ واري راءِ ٻڌڻ جو تماشو اسان خوب ڏٺو ۽ هڪ موقعي تي اچي مهربان جسٽس (ر) فخرالدين جي ابراهيم کي ڪامران خان سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي اڌ ۾ ڇڏڻو پيو. هن پوءِ هڪ ٻئي چئنل تي نيٺ اهو اظهار ڪيو ته هڪ چئنل جي اينڪر هرو ڀرو پنهنجي مرضيءَ جا لفظ منهنجي وات ۾ وجهڻ ٿي چاهيا.
اسان اهو به ڏٺو ته ڪمال ڪاريگري ۽ لفظن جي جادوگريءَ ذريعي انهيءَ فيصلي (هتي تاريخي لفظ نه لکڻ باوجود پڙهيو وڃي) اچڻ کان پوءِ صدر زرداري کان ”اخلاقي“ سطح تي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. آئين ۾ صدر زرداريءَ کي جيڪو تحفظ حاصل آهي ان حوالي کان پڻ دلچسپ ڪامينٽري ٻڌڻ لاءِ ملي.
چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ کي مقدس تعويذ سمجهندڙ نواز ليگ کي ڇا چئجي ته هو ڪهڙي سياست ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهن. نواز ليگ اڳواڻ خواجه آصف ”ذاتي راءِ“ جو اظهار ڪندي صدر زرداريءَ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ۽ ساڳو ئي مطالبو (هتي به ذاتي راءِ ڪري پڙهيو وڃي) سعد رفيق ڪيو. عمران خان پنهنجي عظيم ڪامريڊئيءَ جو مظاهرو ڪندي پڻ صدر زرداريءَ جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ۽ شامل حال قاضي حسين احمد به استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. ياد رهي ته قاضي حسين احمد هاڻ جماعت اسلاميءَ جو امير نه رهيو آهي پر ڇا ڪجي جو وقت اچڻ تي هنن جا مئل به قبرن مان ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن.
ڇا اوهان کي حالتون پي اين اي واري تحريڪ جيان نه پيون لڳن جڏهن مذهبي- سياسي مُلن ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو هو؟ رڳو چهرن جو فرق آهي. باقي عمران خان، قاضي حسين احمد، نواز ليگ، گجرات جا چوڌري– ۽ ساڄي ڌر جو فڪر رکندڙ ميڊيا ۽ انٽلجنشيا سڀ ساڳا آهن.
قومي مفاهمتي آرڊيننس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ممڪن آهي ته موجوده زرداري حڪومت قومي مفاهمتي پاليسيءَ کي به في الحال پاسيرو ڪري ڇڏي. ان صورت ۾ مخالف ڌر، ساڄي ڌر ميڊيا، پنجابي اجاردار طبقي ۽ پيپلز پارٽي ۾ سڌو ٽڪراءَ جو امڪان آهي. ملٽري چڙهائي لاءِ اهي حالتون ئي سازگار ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن دهشتگرديءَ خلاف جنگ، اسان جي جاگرافيائي صورتحال ۽ امريڪا موجوده جمهوري حڪومت جي بچاؤ جو سبب بڻجي ويون ته پوءِ عين ممڪن آهي ته صدر زرداريءَ کي سندس سمورا اختيار ختم ڪري تارڙ ٽائيپ صدر رهڻ تي مجبور ڪيو وڃي. اهو به امڪان آهي ته صدر زرداريءَ کي پاڻمرادو استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. يومِ تاسيس جي ڏيهاڙي تي ايوان صدر مان صدر جي ڪيل تقرير جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته اهو ممڪن نه ٿو لڳي ته دٻاوَ ۾ اچي هو ايئن ڪري. صدر زرداريءَ تي اهڙي دٻاوَ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ امڪاني ردعمل کي نظرانداز ڪرڻ به هڪ غلطي ٿيندي.
ملڪ جي بنهه هيٺئين طبقي جي چونڊيل پارٽيءَ خلاف اجاردار طبقن ۽ ادارن جي يُڌ پنهنجي عروج تي آهي. ”ڪرشن ني ڪها ارجن سي نه پيار جٽا دشمن سي- يُڌ ڪر“ واري اميتاب بچن جي ڳايل گيت وانگر حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ لاءِ هي انتهائي اهم موڙ آهي. انتشار ۽ غير يقينيءَ سان ڀريل سامهون موڙ آهي جتي سياري جو ڌنڌ ڇانيل آهي. ڌنڌ هٽجي ويندو ته پتو پوندو ته ڇا ٿي رهيو آهي پر اسان لاءِ حالتن جو گمان ڪو چڱو نه آهي.
قومي مفاهمتي آرڊيننس ڪو چڱو آرڊيننس نه هو پر اهو مشرف جي آمريت مان جند ڇڏائڻ لاءِ وقت جي ضرورت هو. هاڻ مشرف پاران شريف خاندان کي سعودي ٽياڪڙي به ته هڪ ٻيو اين آر او ٿيو. ان تي ڇو سڀني کي نانگ سونگهي ويو آهي؟
12 آڪٽوبر 1999ع واري فوجي چڙهائي تي اسان جي عدليه جي ماٺ به مڙهين ۾ واڪا ڪري رهي آهي. اسان جي عدليا ماضيءَ جو ڪفارو ادا ڪري رهي آهي. جي ها ته پوءِ اهو ان وقت ئي ڇو ممڪن بڻجي ٿو جڏهن لاڙڪاڻي ۽ لاهور وارو مامرو وچ تي اچي ٿو. سوالن جون اهي ڳنڍيون برابر سنڌ ۾ اڃا به کلن ٿيون. محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي ۽ لاهور واري ڳالهه هرڀرو نه ڪئي هئي.
اين آر او متعلق فيصلو متوقع هو جيڪو آيو آهي. ان ۾ ڪو سرپرائيز نه آهي. پر جيڪا ڳالهه هتي ڌيان جوڳي آهي سا اها ته ڄاڻايل فيصلي سان اسان 5 آڪٽوبر 2007ع تي موٽي نه ويا آهيون پر 76-77ع وارين سياسي حالتن طرف واپس ٿي ويا آهيون. جيڪڏهن پنجاب مان ايتري تعصب سان ڏٺو ويو ۽ پنج ند وارن پنهنجي رويي ۽ سلوڪ ۾ تبديلي نه ڪئي ته ممڪن آهي ته حالتون 5 جولاءِ 77ع وارو رُخ اختيار ڪري وڃن. پر ان ۾ هڪ تبديلي هوندي ۽ اهو ته ضروري ناهي هاڻ به خاموشي اهڙي هجي جهڙي 77ع وارن سانوڻين ڀيري هئي.
imdadsoomro@gmail.com