سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي




نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 
  پرنٽ پيش منظر

هڪ ٻئي بون فائر جي انتظار ۾ A perpetual winter of discontent
مصنف پيغآم
تحريرموڪليل: ڇنڇر ڊسمبر 19, 2009 7:05 pm 
آف لائين
ايڊيٽر

داخلا جي تاريخ؛: جمعو فيبروري 27, 2009 5:21 am
تحريرون: 181
A perpetual winter of discontent
هڪ ٻئي بون فائر جي انتظار ۾....

امداد سومرو
-------------------------------------------------------------------------------

قومي مفاهمتي آرڊيننس 2007 واري فيصلي کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪور ڪمانڊرز جو اجلاس ٿيڻ ۽ اين آر او بابت فيصلي اچڻ واري رات چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ڪيانيءَ جي هيکلائي ۾ صدر آصف علي زرداريءَ سان ٿيل ملاقات کي نه رڳو سياسي ۽ ميڊيائي پنڊت پر پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن به معنيٰ خيزيءَ سان ڏسي رهيا آهن. پنجاب جي بالادستي جي حامي پنجابي دانشورن ۽ ڪالم نگارن طرفان صدر زرداريءَ کي ايوان صدر مان نيڪاليءَ کي هاڻ ججن جي بحاليءَ ۽ مشرف جي وردي لاهڻ واري اشوءَ کان به وڌيڪ اهميت ڏئي ڇڏي آهي.

ڪي اها بوءِ سونگهي رهيا آهن ته گهوڙا اصطبل مان ٻاهر اچڻ لاءِ بيقرار آهن... ڪي جنوريءَ ۾ ڪنهن تبديليءَ جو طبل وڄندي محسوس ڪري رهيا آهن. اين آر او واري فيصلي کان پوءِ روڊن رستن تي ٻاڙائي، واپاري طبقي طرفان ڏيکارجندڙ بيچينيءَ کي هن غير يقيني سياري اڃا وڌائي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ تصور هڪ بيحد آرامده جڳهه آهي پر انهيءَ بيقراريءَ پويان جيڪي پاڇولا لهرائي رهيا آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ چڱي خبر کڻي نه اچي رهيا آهن. پنجاب پنهنجي بالادستيءَ کي جي هاڻ ٽرپل ون برگيڊ ذريعي نه ته هڪ ٻي برگيڊ ذريعي ممڪن بنائڻ گهري ٿو.

هو پيپلز پارٽيءَ کي هلڻ ڪونه ڏيندا ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ اهڙي جمهوري نظام جا قائل نه ٿيندا جنهن ۾ پيپلز پارٽي هڪ وفاقي سيڪيولر پارٽيءَ طور چونڊبي رهي ۽ اقتدار تي ايندي رهي.... جيڪا ڳالهه اسان جا ناصح– ۽ خدا ڄاڻي ته اهي ڪنهن جي چوڻ تي اهو ڪري رهيا آهن– نه ٿا سمجهن سا اها ته جي پيپلز پارٽي اقتدار اسٽئبلشمينٽ جي معرفت قبول ڪري ته پوءِ ڪو مسئلو نه آهي. پر جيئن ته پيپلز پارٽي هميشه ملڪ جي هيٺئين طبقي جي ووٽ تي اقتدار ۾ ايندي رهي آهي ان ڪري اها پنجاب توڻي اردو ڳالهائيندڙ بالادست طبقي کي پسند نه آهي.

ڳالهه فردِ واحد جي نه آهي. آصف علي زرداريءَ جو ماضي آصف علي زرداريءَ جو ماضي آهي. پر هاڻ هو هڪ پاپولر جماعت جو اڳواڻ آهي. اهڙي جماعت جيڪا سڄي ملڪ سان چونڊجي ٿي ۽ جنهن جو اسٽرڪچر ”وفاقي سيڪيولر جمهوري پارٽيءَ جو آهي. ان ڪري هنن کي نواز شريف قبول هوندو. الطاف حسين قبول هوندو. ڪو به ايرو گيرو، نٿو خيرو قبول هوندو پر جي قبول نه هوندو ته اهو پيپلز پارٽيءَ جو اقتداري سنگهاسن تي ويٺل ماڻهو قبول نه هوندو.

هنن رفيق تارڙ جهڙي ڊمي ماڻهوءَ– جيڪو برادرز پنجاب جو paid ملازم هو– کي صدر طور قبوليو ۽ پوءِ مشرف هن کي انتهائي آرام سان– مکڻ مان وار ڪڍڻ جيان– پريزيڊنسيءَ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. غلام اسحاق خان ۽ فاروق لغاري جهڙا صدر ڪهڙن به اختيارن سان هجن، هنن کي قبول آهن. جي آصف علي زرداريءَ جي جاءِ تي هنن جي پسند جو گڏو صدر هجي ها ته عين ممڪن آهي ته سترهين ترميم جي حوالي سان پنجاب ۾ ايتري بيچيني نه هجي ها. جيئن هاڻ صدر زرداريءَ کي اهي اختيار حاصل هجڻ ڪري آهي... جي سياست ۾ اوهان کي حساب برابر رکڻو آهي ته پوءِ نواز ليگ کي صدر زرداري ڏکيو وقت ڏئي سگهي ٿو. جڏهن نواز ليگ مان صدر زرداريءَ جي استعيفيٰ جو مطالبو ٿئي ته ظاهر آهي پيپلز پارٽي پنهنجي گيم کيڏندي. پوءِ سياسي اخلاقيات وارو ڀاشڻ گهڙي کن لاءِ بند ڪرڻ گهرجي.

موجوده عسڪري قيادت آخر ڇو سويلين حڪومت– ٻين لفظن ۾ پريزيڊنسيءَ– سان الجهيل آهي؟ ان لاءِ 2 ٿيوريز سياسي افق تي نمودار ٿي رهيون آهن. (1) جنرل ڪيانيءَ جي مدي ۾ توسيع– ۽ ان تي صدر زرداري ڏکيائي مان گذري رهيو آهي ۽ (2) اقوام متحده پاران محترمه جي قتل ڪيس واري جاچ روڪرائڻ وارو مامرو پڻ اهڙين ٿيوريز جي گردش ۾ آهي.

نواز ليگ يا ايئن پڙهيو وڃي ته برادرز شريف ڇو آصف علي زرداريءَ جي ذات خلاف ٿي ويا آهن. ان لاءِ هڪ سبب ته صدر زرداريءَ ڏانهن پنجاب جي سويلين ۽ نان سويلين قوتن جو پسند نه ڪرڻ وارو عنصر آهي ۽ ان جا سبب نه هوندا آهن جي ڪو پسند نه هوندو آهي. ٻيو اهو ته نواز شريف لاءِ وڏي رڪاوٽ ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿي نه سگهڻ واري آهي. صدر زرداري ان حوالي کان ان ترميم آڏو رڪاوٽ بڻيل آهي.

باقي عمومي طور پيپلز پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته آڌيءَ رات جا بگهڙ جهنگن مان نڪري ايندا آهن. ميڊيائي خريديل ماڻهو به پنهنجي اسائنمينٽ کي لڳي ويندا آهن. اربن مڊل ڪلاس يا صنعتي طبقو به پنهنجي ڊيوٽيءَ سان لڳي ويندو آهي. جڏهن ته ڪرپشن خلاف راڳ پڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان ۾ ڪوتاهي پيپلز پارٽيءَ جي انهن ڪابينا منسٽرز تي به اچي ٿي جيڪي ”رات آهي ته رات ڪري وٺو ۽ ڏينهن آهي ته ڏينهن ڪري وٺو“ وانگر ڌنڌي سان لڳي ويندا آهن. جي هو پاڻ کي ٿورو مضبوط ٿيڻ ڏين ته هنن خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

مسلسل تذليل انهيءَ سڄي نڀاڳ جي چڪر ۾ ٿي رهي آهي ۽ اها ان عوام جي ٿي رهي آهي جيڪو ووٽ ڏئي ٿو– ۽ لارڊ گواهه آهي ته 18هين فيبروريءَ واريون چونڊون اهي واحد چونڊون هيون جن ۾ انهن ماڻهن به صبح جو ساجهر پنهنجي ووٽ ڏيڻ لاءِ وسان نه گهٽايو هو، جيڪي هونئن چونڊن واري ڏينهن موڪل ڪري گذاريندا آهن. ڇو ته محترمه بينظير ڀٽو واري صدمي کي سنڌ ۾ ووٽ ڏئي طاقت ۾ تبديل ڪيو ويو هو.

اسين جيڪي پيپلز پارٽي يا صدر زرداريءَ جي حق ۾ آهيون ۽ اسان ڪنهن به حوالي کان اقتداري ڌر جا beneficiary (ذاتي حساب ۾) نه آهيون. اسان جي روح کي وَڍُ اهو آهي ته هڪ پارٽي جنهن کي عوام پنهنجي مرضيءَ سان ووٽ ڏئي ٿو– ان جو پارلياماني مدو پورو ٿيڻ گهرجي، ان کي سندو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. بلنڊرز مٿان بلنڊرز جي هو ڪن ٿا ته انهن کان حساب وٺڻ وارا به اهي ووٽر آهن نه ڪي اسٽئبلشمينٽ نه ساڄي ڌر وارو ڊرائينگ روم طبقو ۽ ميڊيا.

ڇا اوهان تذليل وارو اهو وَڍُ سندي روح ۾ لهندي محسوس نه ٿا ڪريو؟ هيءُ ڊسمبر به اسان جي تذليل جي بون فائر تي گذرندو– ۽ اکيون ڌنڌلڪي مان ڪنهن روشن صبح پسڻ بجاءِ هڪ نئين رات کي لهندي ڏسنديون.

اهڙي سياري کي مون مڪمل سيارو لکيو آهي ۽ ڪئناڊا مان مظهر ميمڻ ڪالهه مون کي لکي موڪليو آهي ته اهڙو سيارو اسان لاءِ هميشه، مسلسل، رهيو آهي. مان پنهنجي ڪالمن ۾ اي-ميل ورلي ڏيندو آهيان پر مظهر ميمڻ جي اي-ميل مان ڏيڻ کان رهي نه سگهندو آهيان.

هو ستر جي ڏهاڪي واري انهيءَ نسل مان آهي جنهن 77ع وارين سانوڻين کي ڏٺو آهي ۽ ڳڙهي خدابخش جي اداس خاموشيءَ کي ڏٺو آهي ۽ هن اهو سوال ڪيو آهي ته ڇا هي نسل اسان جي نسل کان مختلف آهي جيڪو هاڻ جوان ٿيو آهي؟

”اسان هميشه چڱي اميد سهاري رهيا آهيون پر مسئلو اهو آهي ته هو اهوئي ڪندا جيڪو هو ڪندا آيا آهن“، هو لکي ٿو: ”يا اهو ڪجهه ڪندا جيڪو هميشه ڪندا ايندا آيا آهن. اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسان ڀٽو جهڙي قدآور شخصيت هنن کي ڏني ۽ هاڻ حالتن جي جبر سبب...... ان جاءِ تي زرداري هنن جي مقدس هنڌ تي آهي ۽ هنن انهيءَ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن سان به ساڳو سلوڪ ڪرڻ چاهين ٿا.... اسان کي سکڻ لاءِ اهو سبق آهي ته اسان کي وڌيڪ قربانيءَ لاءِ آڇڻ واسطي هاڻ ڪجهه بچيو نه آهي.“

هو وڌيڪ لکي ٿو: ”اسان 40 سالن تائين ڀٽو جو دفاع ڪيو آهي ۽ اهو وڏي فخر سان ڪيو آهي. هاڻ هنن اسان کي هڪ اهڙي هنڌ آڻي بيهاري ڇڏيو آهي جو اسان کي (صدر) زرداريءَ جو دفاع ڪرڻو پئجي رهيو آهي.... ۽ اها بدقسمتي آهي.... هنن جو خيال آهي ته ويڙهه لاءِ هيءَ دلچسپ صورتحال آهي پر اسان کي پنهنجي ويڙهه– ڇو نه اسان ريت تي بيٺل هجون– پاڻ وڙهڻي پوندي... اسان کي جيڪا عظيم چئلينج آهي سا اها ته اسان کي پنهنجي حقن کي پ پ پ جي دفاع ۽ وقتي پاليسين کان الڳ ڪري ڏسڻو پوندو....

”مون کي ڪو به افسوس نه ٿيندو جي موجوده حڪومت وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ٿي وئي. مون کي پ پ لاءِ ڪا به همدردي نه هوندي ڇو ته هو ڄاڻين ٿا ته هنن کي سنڌ لاءِ جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو هو ته هو هاڻ ڪري چڪا هجن ها....

”سنڌ اڃا گهڻو ڪجهه بهتر جي مستحق آهي نائين زيرو تي سنڌي ٽوپين جي مٽا سٽا ڪرڻ ۽ عزيزآباد جي ڪامياب هڙتال واري سڏ ڏيڻ جي.... (جيئي سنڌ جي هڪ گروپ پڻ تازو ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي).

”مان 77ع وارين خاموشين جو عيني شاهد آهيان ويندي ڳڙهي خدابخش جهڙين جڳهن تي.... ڇا اسان هڪ اهڙو نسل پيدا ڪيو آهي جيڪو منهنجي نسل کان مختلف آهي؟ مان سڪون سان مري ويندس جي ان سوال جو جواب ها ۾ هوندو“.

اي ميل جي آخري سٽ مارڻ برابر آهي– يا اها گارشيا مارڪئيز جي ناول love in the time of cholera واري مرڪزي ڪردار جيان آهي جنهن صرف هڪ لمحي لاءِ سڄي عمر جو انتظار ڪيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ کي سمنڊ جي لهرن حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.

جي مظهر، 27 ڊسمبر واري سنڌ ڏسين ها ته شايد تون اندازو ڪري سگهين ها ته اسان پنهنجي روح ۾ لوهي ميخ ڪيئن ٽنبي هئي، اکين ۾ شيهو ڪيئن لپيٽيو هو ۽ ڪيئن پنهنجو خونِ جنگر باهه تي اُلٽيو هو.... تفصيل روح جي زخم وانگر آهن.

ڄاڻايل اي ميل ۾ منهنجو اختلاف رڳو ان تي آهي ته موجوده پ پ پ حڪومت کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ختم ڪيو ويو ته ان تي اسان کي انڪري به افسوس ٿيندو يا سنڌ ۾ صفِ ماتام وڇندي جو اسان انهيءَ سلوڪ جا هڪ ته مستحق ناهيون. ٻيو ته هي حڪومت چور دروازي کان نه آئي آهي پر عوام جي ووٽ سان آئي آهي جنهن لاءِ عوام سالن جا سال انتظار ڪيو هو. پيپلز پارٽي ڊليور نه ڪيو آهي ته پڇاڻي جو حق به صرف عوام ۽ ووٽر کي آهي.

جيڪي هميشه ڇاتيءَ ۾ بڙڇي ڇپائي آيا آهن گهٽ ۾ گهٽ تو ۽ مون جهڙن ماڻهن کي انهن جي حمايت جي غلطي نه ڪرڻ گهرجي. اسان سان نڀائي نه سگهڻ جي سزا صرف اسان جي ووٽرن کي هجڻ گهرجي نه ڪي مخصوص نان سويلين لابيءَ يا مخصوص اجاردار طبقي کي ان جو حق پهچي ٿو.

اسان جي دعائن ۾ اثر ناهي يا اسان کي بددعائون کائي ويون آهن پر ڏڪار جي هن سياري ۾ اچو ته هڪ ٻئي بون فائر تي جام نوش ڪيون. اسان ڪيستائين شڪست جي بون فائر تي هٿ سيڪيندا رهنداسين....
imdadsoomro@gmail.com


واپس مٿي
 تعارف برقی خط  
 

پراڻين تحريرن جو مطالعو:  ترتيب ڏنل  
نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 

سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي


ڪير موجود آهي

فورم تي موجود رُڪن: ڪوبه رجسٽر ٿيل رُڪن آن لائين نه آهي ۽ 0 مهمان


آپ کو اجازت نہیں ھے: هن فورم ۾ نوان موضوع شروع ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ جواب موڪلڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ موجود پنهجي تحريرن جي ترميم ۽ تبديلي ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجو تحريرون ختم ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجي تحريرن سان گڏ فائل ڳنڍڻ جي

ڳولا برائي ــــ:
رجوع بہ:  
cron