سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي




نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 
  پرنٽ پيش منظر

سائين جي ايم سيد جي سالگره جي مناسبت سان
مصنف پيغآم
تحريرموڪليل: آچر جنوري 03, 2010 9:13 am 
آف لائين
رُڪنن جي نمائندا تصوير

داخلا جي تاريخ؛: سومر جنوري 12, 2009 10:40 pm
تحريرون: 59
رهائش (location): hyderabad
هي جي پوڙهو جهور وڙهندي ٿيو ويڙهاند ۾.

17
جنوري تي دادو جي شهر سن ۾ هڪ اهڙي ٻار جو جنم ٿيو جيڪو اڳتي هلي ن صرف سنڌ اندر جديد قومپرستي جو باني بڻيو پر هو سنڌ جي آزادي لا۽ قربان ٿيندڙ سمورن شهيدن جو والي وارث پڻ هو.
هو ن صرف سنڌ جي محافظي سياسي بنيادن تي ڪرڻ آيو پر سائين سنڌ جي ادب ثقافت سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي اجاگر ڪري شاه لطيف جو پيغام کڻي جهر جهنگ تائين پهچايو.....سائين جي ايم سيد سياست جي شروعات 14 ورهين ۾ ڪئي ۽ پاڻ تنهن وقت يتيم هئي. تاريخ ثابت ڪيو آهي ت يتيم ٻارن دنيا اندر سماج جي سڌاري لا۽ وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ حضرت محمد هڪ وڏو مثال آهن ۽ سائين ب ننڍڙي عمر يتيم ٿي ويا هئا پر دنيا ڏٺو ت اهو يتيم ٻار سنڌ جي سموري قومي تحريج جو باني ۽ والي وارث بڻيو،..
سائين جي ايم سيد جي محبت جو مرڪز سنڌ رهي هو سنڌ جو سچو عاشق هو جنهن عشق جي ڪري سائين 32 سال قيد ۾ رهيو ۽ 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکي سنڌ اندر قومي شعور جهر جهنگ پهچايو ۽ اهو ئي پيغام ڏنو ت سنڌ هڪ ملڪ آهي سنڌي هڪ قوم آهن آزادي سنڌين جو حق آهي ۽ آزادي ممڪن ۽ اڻ ٽر آهي..
سيد هر آمري ۽ نام نهاد جهموري دور ۾ قيد و عقوبتون سٺيون ۽ ڪڏهن ب هڪ قدم ب پوئتي ن هٽيا...سيد پاڪستان جو پهريون سياسي قيدي هو ۽ سائين پنهنجي جسماني وڇوڙي وقت ب پاڪستاني رياست جا قيدي بڻيل هئا..جنهن ڪري ئي ايمنسٽي انٽرنيشنل سائين کي ضمير جو قيدي قرار ڏنو....
سائين جي ايم سيد ن قرف سنڌ اندر سياسي شعور ڏنو پر سيد هڪ اداري جو ڪم ڪيو سيد سنڌ جي تاريخ کا درست ڪري ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي سرڪاري ۽ درباري ماڻهن هٿان لکيل تاريخ کا غلط قرار ڏنو...سيد سنڌ جي ڪلچر سنڌ جي تاريخ،سياست،مذهب،سامجيات،فلسفي ۽ ادب تي ڪيترائي ڪتاب لکي هڪ نئون باب ٺاهيو..سيد شاعرن اديبن سياستدانن جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪري سنڌ کي هر پليٽ فارم تي پاڻ ڀرو ڪيو....سنڌ جنهن سدائين سورهين سرويچن کي جنم ڏنو آهي سيد جي پيدا ٿيڻ ب انهن محب وطن جو تسلسل آهي...
سيد جي فڪر هر دور ۾ ڪاميابي ماڻي آهي اهو چاهي سنڌ جي آزادي تي هجي يا انتها پسندي تي تاريخ سيد جي فڪر کي صحيح ثابت ڪيو‌ آهي...

بشير آريسر


واپس مٿي
 تعارف برقی خط  
 

پراڻين تحريرن جو مطالعو:  ترتيب ڏنل  
نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 

سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي


ڪير موجود آهي

فورم تي موجود رُڪن: ڪوبه رجسٽر ٿيل رُڪن آن لائين نه آهي ۽ 0 مهمان


آپ کو اجازت نہیں ھے: هن فورم ۾ نوان موضوع شروع ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ جواب موڪلڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ موجود پنهجي تحريرن جي ترميم ۽ تبديلي ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجو تحريرون ختم ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجي تحريرن سان گڏ فائل ڳنڍڻ جي

ڳولا برائي ــــ:
رجوع بہ:  
cron