سامي سيمنار19 سيپٽيمبر 1987
Our classical sindhi poet Sami still is ignored, why? I have given a brief report of the seminar, which was held in 1987 in shikarpur..do comment and do write about the poet.
The Fan Page on Sami has been created on sami on face book, become the fan of sami and do own this poet and write on him and elbaorate and progagate his classican Vedantic poetry, the genre he use is called Shloka سلوڪ . Following is the link to become his fan:
http://www.facebook .com/pages/ Sami-smy/ 251618570896
سامي سيمنار19 سيپٽيمبر 1987
پارٽيشن کان پوءِ ساميءَ تي پهريون سيمنار ، ممتاز منگيءَ شڪارپور ۾ 1987 ۾ ”شاهه سچل سامي ريسرڇ سوسائٽي“ پاران ڪرايو ، جنهن ۾ سنڌ جا ڪافي اديب آيا، ۽ کوڙ سارن ماڻهن ساميءَ جي فڪر،فلسفي، تعليم، شاعري ۽ ذهني لاڙن تي خيال ونڊيا . هن سيمينار ۾ ٻه سيشن ٿيا
پهريون سيشن ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي صدارت هيٺ ٿيو ۽ مک مهمان/مهمانِ خاص خاڪي جويو هيو
ٻئي سيشن جي صدارت عبدالله حسين هارون ڪئي ۽ مک مهمان شڪارپورجي سياست جو اڀرندڙ تارو مرحوم جنيد سومرو هيو
هن سيمينار ۾ جن مقالا پڙهيا اُهي هي آهن
کيئل داس فاني انڊيا کان پاڻ اچي نه سگهيو پر مقالو موڪليائين جيڪو پڙهيو ويو
عبد الجبار جوڻيجو جيڪو پڻ اچي نه سگهيو پر هن مقالو موڪليو
فخر الرحمان ادبي اڪيڊميءَ کان هڪ تعريفي خط موڪليو
برڪت علي آزاد
ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي
ملڪ نديم
انيس انصاري
مرحوم نعمت الله ڀٽو
پروفيسر لجپت گانڌي
آفتاب سومرو
دلشاد ڀٽو
ياد رهي ته سيمينار ڪرائڻ کان اڳ ممتاز منگيءَ هڪ پمفليٽ لکيو هو، ”سامي نظر انداز ڇو“ جيڪو چار صفحن تي مشتمل هيو، اهو پمفليٽ سنڌي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موڪليو ويو ۽” خادم وطن“ اخبار اهو سمورو پمفليٽ شايع ڪيو هيو .
اهو به ياد رهي ته پهريان جيڪو پليٽ فارم ٺاهيو ويو ان جو نالو ”سامي ريسرچ سوسائٽي “ رکيو ويو، پر مرحوم علي احمد بروهيءَ جي چوڻ ته ان فورم جو نالو تبديل ڪيو ويو ۽ ان جو نالو ”شاهه سچل سامي ريسرڇ سوسائٽي“ رکيو ويو.
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سامي اڄ تائين نظر انداز آهي، ڇا ساميءَ کي سنڌ ۾ فقط انڪري نظر انداز ٿو ڪيو وڃي يا هن جي سنسڪرتي ڳاڏڙ ٻوليءَ جي ڪري، يا هن جي ويدانتي فلاسافيءَ جي ڪري، اڄ تائين اها ڳالهه قابلي غور آهي. ڇو ته سامي سنڌ جي ٽمورتيءِ Trinity ۾ شامل هوندي به هن تي ايترو ڪم نه ڪيو ويو آهي، جيترو ٿين گهرجي. ساميءَ ته ڪم ڪرڻ جي بهرحال ضرورت ۽ گنجائش آهي، اميد ته هن نظر انداز ٿيل سنڌ ۽ شڪارپور ڄائي ڪلاسيڪي شاعر تي به اسان جا شاعر، اديب ، نقاد ۽ قلمڪار قلم کڻندا.
حسام ميمڻ
16 جنوري 2010