سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي




نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 
  پرنٽ پيش منظر

گورنر ۽ وڏي وزير جي ملاقات به ناڪام
مصنف پيغآم
تحريرموڪليل: اربع مارچ 10, 2010 4:35 pm 
آف لائين
رُڪنن جي نمائندا تصوير

داخلا جي تاريخ؛: سومر آڪٽوبر 12, 2009 12:20 pm
تحريرون: 19
گورنر ايم ڪيو ايم جي موقف جي وڪالت ڪندي، مشرف واري نظام ۾ وڌيڪ ترميمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو،
ضلعي ۽ شهري حڪومت کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي گهر

گورنر ۽ وڏي وزير جي ملاقات به ناڪام، مڪاني نظام بابت اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

عوامي آواز ڪراچي،سنڌ
ڪراچي (رپورٽ: قاسم راڄپر) سنڌ ۾ نئون مڪاني نظام آڻڻ جي حوالي سان ڪالهه گورنر هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سراج دراني سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ نئين مڪاني نظام جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيل گڏجاڻين جو جائزو ورتو ويو. سنڌ حڪومت جي ذريعن مطابق ملاقات ۾ نئين مڪاني نظام جي حوالي سان معاملن ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، ذريعن مطابق صدر آصف علي زرداري جي هدايت کان پوءِ گورنر ۽ وڏي وزير وچ ۾ پهرين گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ گورنر ايم ڪيو ايم جي موقف جو دفاع ڪندي جنرل مشرف واري پراڻي مڪاني نظام جي نه فقط وڪالت ڪئي پر ان ۾ ڪجهه وڌيڪ ترميمون ڪري صوبائي حڪومت جا وڌيڪ اختيار ضلعي حڪومتن کي ڏيڻ ۽ ڪراچي جي شهري ناظم کي شهر جو مڪمل ڪنٽرول ڏئي ان کي مڪمل طور خود مختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي، ذريعن مطابق سنڌ جي وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن واري وزير 2001 ۽ 1979 بدران نئين مڪاني نظام جي ڳالهه ڪندي گورنر آڏو واضع ڪيو ته هڪ وفاق ۾ رهندي سنڌ ڌار مڪاني نظام لاڳو نه ٿي ڪري سگهي، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ من پسند نظام لاڳو ڪرائڻ لاءِ ٻين صوبائي حڪمران جماعتن سان گڏجاڻيون ڪري کين راضي ڪري ته پيپلز پارٽي کي ڪو به اعتراض نه هوندو، ذريعن مطابق ملاقات ۾ في الحال ان معاملي تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
افسوس سنڌ جي ان مقدس سنڌ گورنر هائوس کي انهي ڪتي پليد ڪيو آهي، پر اسان جي سنڌين م غيرت ئي ناهي جو انهن ڪتن کان سنڌ جي اهڙن مقدس جاين کان پاڪ ڪريون ؟


_________________
Sahil Mahar


واپس مٿي
 تعارف برقی خط  
 

پراڻين تحريرن جو مطالعو:  ترتيب ڏنل  
نئون موضوع موڪلڻ موضوع جو جواب ڏيو  [ 1 تحرير ] 

سڀ وقت سنڌ جو معياري وقت [ DST ] جي مطابق آهي


ڪير موجود آهي

فورم تي موجود رُڪن: ڪوبه رجسٽر ٿيل رُڪن آن لائين نه آهي ۽ 0 مهمان


آپ کو اجازت نہیں ھے: هن فورم ۾ نوان موضوع شروع ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ جواب موڪلڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ موجود پنهجي تحريرن جي ترميم ۽ تبديلي ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجو تحريرون ختم ڪرڻ جي
توهان کي اجازت نه آهي:هن فورم ۾ پنهنجي تحريرن سان گڏ فائل ڳنڍڻ جي

ڳولا برائي ــــ:
رجوع بہ:  
cron