سرگوڌا ۽ گوادر ويجھو ڌار ڌار حادثن ۾ 23 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

16

سرگوڌا ۽ گوادر ويجھو ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن.

ريسڪيو عملدارن موجب سرگوڌا جي تعلقي ڪوٽ مومن واي علائقي ۾ ڪوھيڙي سبب مني ٽرڪ واھ ۾ ڪري پئي.

حادثي ۾ 7 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ ٻين زخمين کي ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران وڌيڪ 7 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو.

حادثي وقت ٽرڪ ۾ مجموعي طور تي عورتن ۽ ٻارن سميت 23 ڄڻا سوار ھئا، جيڪي اسلام آباد کان فيصل آباد جنازي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رھيا ھئا، ڪوھيڙي سبب موٽروي بند ھجڻ ڪري ڊرائيور لوڪل روٽ استعمال ڪيو.

حادثي جي اطلاع تي ٽيمن پھچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتين ۾6 ٻار، 5 عورتون ۽ 3مرد شامل آھن.

فوتين ۾ مصري خان، حلميہ بي بي، ياسين، سونيہ بي بي، پٺاڻي، ھانيہ، ايمان، فاطمہ، راڻي بي بي، حارث، وسيم، حورين، آمنہ، حرم فاطمہ ۽ ثقلين شامل آھن.

ٻئي پاسي بلوچستان جي ضلعي گوادر ويجھو مڪران ڪوسٽل ھاءِ وي تي تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 9 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 15 زخمي ٿيا آھن.

ڪوسٽل ھاءِ وي پوليس موجب حادثو ڪراچي کان جيوالي ويندڙ مسافر بس سان پيش آيو، ڪوچ بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي پئي…..

Leave A Reply

Your email address will not be published.