موڳيون مُرليون ، جوڳي ڄَٽَ _ ٻولي ڏهاڙي تي لکيل اداريو
Feb 21st
پهاڪو، چوڻي،ڳجهارت، محاورو، اصطلاح، ترڪيب ۽ ورجيس، هي سڀ ٻوليءَ جي سونهن آهن ، پر انهن شين تي سوچڻ وارا تمام گهٽ آهن . ياد ٿو پويم ته سنڌ ۾ ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن ،جن انهن تي ڏينهن رات سوچيو ، لوچيو ، لکيو ۽ پوءِ سهيڙي ڪجهه ڪتاب يا ڪتابڙا ڇپرايا ، نه ته اسان وٽ ته بنهه ڀينگ هجي ها ، جي اسان وٽ مرزا قليچ بيگ،پرمانند ميوارام، عبد الڪريم سنديلو، مرليڌر جيٽلي، ڪاڪو ڀيرو مل ، نبي بخش بلوچ ۽ جديد دور ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو، خالد ڀٽي، نقش ناياب منگي، عزيز ڪنگراڻي ۽ اهڙا ڪجهه ٻيا ملوڪ ماڻهو پيدا نه ٿين ها ته پوءِ سوچيوته اسانجو ته جُهڳو ئي جهڻ هجي ها نه!
پر هاڻي ته پنهنجي محسنن کي ياد ڪرڻ وارو وقت ويو، هاڻي شخصيتن جو دور ناهي، هاڻي اشوز جو دور آهي، هاڻي ادب ويو موڪلائي، هاڻي ته بس سياست آهي، حقيقت ۾ اسان وٽ ته سياست جيڪا پهريان عبادت جي مترادف هئي، هاڻي هيراڦيريءَ جي برابر آهي . جيڪڏهن ڪير هيرا ڦيري ڪندو آهي ته هاڻي اصطلاحن اهو چيو ويندو آهي ته ”سياست پيو ڪرين!“ اهو جملو سنڌ ڇا پر پوري محبوب پاڪستان ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. وقت جي گذرڻ سان گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي، اسانجون ريتون رسمون، قدر ، اخلاق ۽ ذهن ڦري ويو آهي، هاڻي نظرياتي سياست دم ٽوڙي چڪي آهي، هاڻي پارٽي بازي آهي. ان پارٽي بازيءَ جي دور ۾ ٻولي ، ڪلچر، قدر ۽ اخلاق واري ڳالهه گهٽ پر ”علي شير، پٽ پير“ ۽ ”پير منهنجي پڄاءِ“ واري فيلسوفي عام آهي.
انڪري ئي مون پنهنجي ليک جو عنوان ”موڳيون مرليون، جوڳي ڄٽَ“ رکيو آهي ، اهو استاد بخاريءَ جو شعر آهي ته :
موڳيون مرليون، جوڳي ڄٽ
ڳلي ڳلي کي سوگها ڳٽ
ٻوليءَ جو ڏهاڙو هر سال ملهايو پيو وڃي ، هر قوم پهنجي ٻوليءَ جو ڏهاڙو ملهائي پئي، ڇو ته ٻولي به هڪ بنيادي حق آهي، اقوام متحده اهو تسليم ڪيو آهي، ان ئي اهو رونشو ڇڏيو آهي، جيئن ڪجهه وقت اڳ ٽوپيءَ وارو شوشو انهن ماڻهن ڇڏيو ، جن سنڌي ڪلچر کي کٽ کان جديد بيڊ تائين پهچائي ڇڏيو آهي، جن سنڌي عورت کي ڏاڍا نازڪ ڪپڙا پهرائڻ سيکاريو آهي، جن ڌاڙيل ۽ قاتل کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪي ڳوٺ خوني تڪرارن ۾ اڳ ئي ڳاڙها لڳا پيا آهن، تن جي غيرت وڌيڪ پروان چڙهي آهي. سڄي سنڌ الائي ڪهڙي ڪلچر جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي. سمجهه ۾ ئي نٿو اچي. انڪري پاڻ ڪلچري ترويج ۽ توضيح کي رونشي وارو ڪلچر چئون ٿا. اهڙو رونشو اقوام متحده 1947 کان پوءِ UDHR يعني انساني حقن جو عالمي پڌرنامو جي سري هيٺ ڏنو ، جيڪو اڃا تائين جاري ۽ ساري آهي، بلڪه سوشل سيڪٽر جي سري هيٺ متحده ڪلچر (اسانجي مراد اقوام متحده آهي) اين جي اوز معرفت وڌي رهيو آهي. اسان جا گهڻا تڻا تخليقي ذهن متحده ڪلچر جو شڪار ٿي ويا آهن، ڇو ته هو پئسا ڏوڪڙ جام پيا ڏين.
اهڙي صورتحال کي ڏسي ، مونکي لطيف سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ ٿي ياد اچي ته :
جي تو فارسي سکيو ، گولي تون غلام
جڏهن لطيف سائينءَ اهو بيت چيو هيو ته هن جو مقصد اهو بنهه نه هو ته ڪو فارسي نه سکو ، پر فارسي جيئن ته سرڪاري ٻولي هئي، اسان جو عام ماڻهو به فارسي زده هو ته شاعر حضرات به اها صورتحال ڏسي لطيف سائينءَ جهڙو آفاقي ۽ ڪلاسيڪل شاعر چوڻ لڳو ته اها بنيادي طور غلامن جي ٻولي ۽ اها بنيادي طوري سنڌ جي اصلي ٻولي نه آهي پر اها سامراج جي ٻولي آهي، سامراجي تسلط کي روڪڻ لاءِ سائينءَ اهڙا سخت لفظ چيا ، نه ته لطيف ته اهو آهي جيڪو چوي ٿو :
هو چوني تون مَ چئهءُ ، واتان ورائي
مان اهو پڪ سان چوان ٿو، لطيف جي دور ۾ ڪا عالمي جنگ نه ٿي هئي، ۽ نڪا ليگ ٺهي هئي، ۽ نڪا اقوام متحده ، پر سامراج جا پير پختا هيا، ان سڄي صورتحال کي ڏسي لطيف سائين پيار سان به احتجاجن به ، فطري طور به ۽ مقابلي لاءِ به پنهنجي سنڌي ٻوليءِ کي ڍال بڻايو ۽ گفتو گفتو اهڙو چيو ، جيڪو اڄ ۽ ايندڙ وقت تائين اهو وکر ثابت ٿيو جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو. ان کي ئي ڪلاسيڪيت چئبو آهي.
ٻولي ءَ ان سوا ڪا قوم ٺهي ئي نٿي سگهي ، ٻولي بنياد آهي ڪلچر ۽ تهذيب جو ، انڪري ٻوليءَ کي وڌائڻ ويجهائڻ، تاتڻ ۽ پالڻ سان گڏ ان جي سنڀال به ضروري آهي نه ته ٻولي به دريا وانگر ئي ٿئي ٿي، جيڪا پنهنجا رخ مٽائي ٿي، ڪجهه شيون پاڻ ڇڪي کڻي ٿي، ڪي شيون هن سان پاڻ ڇڪجيو اچن.
21 فيبروري مادري زبان جو عالمي ڏهاڙو آهي، ڇو ته اهو قانون متحدو پاس ڪيو آهي، متحدو جو ڪردار سڀني ڏٺو آهي، انڪري ان تي اعتماد نه ڪيو، پاڻ تي ڀروسو ڪيو، پاڻ پنهنجي ٻوليءَ کي پاڻ سنڀالڻ گهرجي، ڪير ٿو چئي ته فيشني ڏينهن نه ملهائڻ گهرجن ، ڀلا ڪير اهو ته ٻڌائي ته ڇا عورتن جو عالمي ڏهاڙو سالن کان نه پيو ملهايو وڃي ، ڪير ٻڌائي ته عورت خلاف تششدد ۽ ظلم ۾ ڪا جوڳي گهٽتائي آئي آهي، طلاقون ، ٻٽيون ٻٽيون شاديون، ٽٽيون ٽٽيون شاديون، هروڀرو عورت مٿان عورت اچڻ کي ڪير روڪي سگهيو آهي ڇا، ڪير ٻڌائي ته اولاد نه ٿيڻ ڪري، يا ڌيئاڻو اولاد ڪري عورت نفرت جي نگاهه سان اسان وٽ نه ڏٺي ويندي آهي، پوءِ به هر سال عورتن جو عالمي ڏينهن وڏي طمراق سان ملهايو ويندو آهي.
اسان جي چوڻ جو مقصد صاف ۽ سولو آهي ته هر سال اهي ڏهاڙا ڀلي ملهائجن پر اهي ڪم روز جا آهي، روز روز جي ها، هر روز اهي ڏهاڙا ملهائڻ گهرجن ، روزي ائين سمجهجي ته اڄ عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن آهي، اڄ ٻارن جي حقن جو عالمي ڏينهن آهي، اڄ ٻوليءَ جي حق جو عالمي ڏينهن آهي. مان سمجهان ٿو اهي ڏهاڙا ملهايا ئي انڪري ٿا وڃن جو ماڻهن انهن شين جو احترام ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جي هر ماڻهو انهن شين کي صحيح سمجهي ٿو ته پوءِ اڄ کان شروعات ڪرڻ گهرجي نڪي سال کان پوءِ وري سال کان پوءِ.
آعا سليم پنهنجي کوڙ سارن ليکن ۾ چيخوف جو هڪ جملو ورجائيندو رهيو آهي ته ” مان سڄي عمر پنهنجي اندر جي حيوان کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان“ رڳو پنهنجي اندر جي حيوان کي مارڻ جي ضرورت آهي، جي اندر جو حيوان وس ۾ اچي ويو ته ڪلچر به ٺيڪ ٿي ويندو، ٻولي به ، اخلاق به، هر شيءِ ٺيڪ ٿي ويندي، باقي رڳو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪم آهن جو ماڻهو ءَ جي زندگي ڪم ڪري ڪري ڳريو وڃي ، پر اهو ڪم ڪهڙي ڪم جو ، جيڪو ڪم جو نه هجي . منهنجي مشاهدي ۾ اها شيءِ آيل آهي ته ڪجهه اسان جا سنڌي دوست وڏا وڏا سنڌيءَ ٻوليءِ ۽ قومي ٻوليءَ تي ڊگها ڊگها ليک لکندا رهيا آهن، گهر ۾ وري اردو ڳالهائيندا آهن، ٻارن کي اردو سيکاريندا آهن، اردوءَ کي ترجيع ڏيندا آهن، ڪي وري صفا اڳتي هلي ويندا آهن ، اهي وري ڊائريڪٽ انگريزي سيکاريندا آهن .
اسان سڀني جي اڳيان هڪ عام مثال آهي، موبائيل جي ميسيجز وارو، سنڌي ماڻهو هڪٻئي ڏي موبائيل تي پيغام به اردوءَ ۾ لکن ٿا، جي پڇون ته بابا سنڌيءَ ۾ ڇو نه ته لکو، چوندا اردوءَ هٿ ٺهي ويو آهي يا وري چوندا ته اردو ۾ لکڻ آسان آهي، ساڳي ڪار ياهو تي چيٽ ڪرن واري آهي . مان سمجهان ٿو اڄڪلهه هر ماڻهو ونڊوز ايڪس پي پيو هلائي ، وڏي آسانيءَ سان ان ۾ ايم بي سنڌي سافٽ ويئر انسٽال ٿي ٿو وڃي، ڪيئي ماڻهو انسٽال به ڪرن ٿا، پر جيئن ته هر نئين شيءِ ٿورو وقت گهرندي آهي، پوءِ اسان جي دوست جيئن ته ”تِريءَ تي بهشت“ جا قائل آهن ، انڪري چوندا ، ادا ٽائپنگ جو مسئلو آهي، بلڪل ائين جيئن ماڻهو چوندا آهن ته رياضي ڏکي آهي، پر جيستائين رياضيِءَ جي مشق نه ڪبي تيستائين ته ضرور ڏکي ئي هوندي نه!
انڪري ڪري اسان واري مرلي موڳي انڪري آهي، جو اسين جيڪي جو ڳي آهيون اسين مرلي چڱي طرح وڄائڻ سکون ئي ڪونه ٿا، پوءِ ظاهر آهي، رڳو ڏهاڙا نه ملهائبا ته ٻيو ڇا ڪبو….!
حسام ميمڻ
21 فيبروري 2010
اچو ته پنهنجن شهرن جي تاريخ نئين انداز ۾ محفوظ ڪيو
Feb 12th
هن وقت سنڌ ۾ جيڪا ذهني، سماجي، شعوري ، ثقافتي ۽ هر قسم جي افراتفري آهي ، ان کان اسانجو هر ماڻهو واقف آهي، هر ماڻهوءَ کي اها شڪايت آهي ته ”هي ڇا ٿي رهيو آهي“ .. ڪيئ دوست رڳو اخبارن ۾ لکن ٿا، ڪيئ دوست روز چئنلس تي پنهنجي پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏاهپ پٽاندڙ ڳالهائين پيا، پر سڀني بحثن ۽ مباحثن کي نظر ۾ رکندي جي اهو جائزو ورتو وڃي ته عملي طور اوهان کي نتيجا گهٽ نظر ايندا ۽ ڳالهيون گهڻيون.
چوڻ جو مطلب ته ڳالهائڻ آسان آهي، پر عمل ڏاڍو ڏکيو ۽ قرباني گهرندڙ آهي، انڪري ماڻهو ڳالهائين گهڻو عمل گهٽ ٿا ڪرن، ڇو ته اهو ڪم نسبتن سستو ۽ محنت طلب گهٽ آهي.
اسين پنهنجي هن اداريي ۾ ان ئي ڳالهه کي فوڪس ٿا ڪريون ته ڳالهائجي گهڻو ڪجهه ويو، پر عمل نظر گهٽ ٿو اچي ، ڳالهائڻ لاءِ ڳالهائڻ تي ته ماڻهو عمر ڳاري سگهي ٿو، ڇو ته ڳالهيون کٽڻ جون ناهن.
اسان سنڌ جي سمورن ماڻهن کي هڪ اپيل ٿا ڪريون ته هن وقت سنڌ ۾ 23 ضلعا آهن، جيڪا ايترا گهڻا ناهن ، آباديءَ جي حساب سان اهي گهٽ آهن ڇو ته آبادي گهڻي آهي ۽ وسائل گهٽ ، ماڻهو اڃا گهڻا ٿيندا پيا وڃن پر هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي نفسا نفسيءَ ۾ پورو اهي، انڪري ڪوشش ڪجي ته ڪجهه وقت ڪڍي عمل ڏانهن به سوچجي . جيئن اياز گل جي هڪ غزل جو مصرع آهي ته:
ڪجهه عمل ڏي به سوچ او ڏاها!
تو ته خالي خطاب پوکيا هن
اسانجي گذارش اها آهي ته ورهاڱي کانپوءِ سموري سنڌ زوال پذير ٿي آهي، ۽ مٿان وري فوج ڪشيون، وري ڪرپٽ جمهوريتون، وري لساني ۽ قومي فساد ۽ وفاق جون ارهه زورايون مطلب ته چارسو مسئلن جا انبار لڳا پيا آهن. تاريخ مسخ ٿي چڪي آهي، اين جي او ڪلچر اسان کان اسان جا ٽيلينٽيڊ ماڻهو کسي ورتا آهن ۽ چئنلس وري سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي آڙ ۾ به اسان کان اسان جا تخليقي دماغ کسي ورتا آهن، تخليقي شيون اوهان غور سان ڏسو اوهان کي ورلي ئي ڪي نظر اينديون، تخليقي شين جو مزو ماڻڻ لاءِ اسان کي پوئتي وڃڻو ٿو پوي، جڏهن شهرت وڏي محنت ۽ پيار جي پورهئي کان پوءِ ئي حاصل ٿيندي هئي. انجو مطلب اسان جي تخليقيت به ماضيءَ جو داستان آهي ، اسين ائين ڪونه ٿا چئون ته تخليقي صلاحيت موجود ناهي، يا اسان وٽ ماڻهو ئي ڪونهن ، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، پر هينئر جديد دور آهي، وڌيڪ سائل آهن ، ميڊيا ترقي ڪئي آهي، پر ان جي باوجود تخليقي شيون نظر گهٽ ٿيون اچن.
انڪري ان شيءِ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪري اسين اهو ڪم ڪيون جو پنهنجي پنهنجي ضلعي تي ڪم ڪريون، اتان جي تاريخ، ڪلچر، عوامي ڳالهيون، شخصيتون، شاعر، اديب، تاريخ نويس، صحافي، عوامي ليڊر، هر پهلوءِ کي کڻون ۽ انهن جي تاريخ ضلعي ليول تي الڳ الڳ ڪم ڪريون، جيڪي سکر جا آهن اهي سکر تي ڪم ڪرن ، جيڪي حيدرآباد جا آهن اهي حيدرآباد تي ڪم ڪرن، ۽ اهو سمورو ڪم انٽرنيٽ تي رکجي ۽ ڪوشش ڪجي ته پنهنجي لوڪل شين کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو آڻجي، اسين سمجهون ٿا ته اهو ڪم هڪ ته تڪڙو ٿيندو ۽ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ تي گروپ ، پيج ۽ ويب سائيٽس ٺاهي ته هڪ نئين تاريخ جڙڻ لڳندي. ان جو هڪ مثال شڪارپور آهي، جنهن جي هر پهلوءَ تي انٽرنيٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي، فيس بوڪ جي سوشل نيٽ ورڪنگ جون سهولتون سڀن لاءِ آهن، هر ماڻهو انهن مان فائدو وٺي سگهي ٿو، نه رڳو فيس بوڪ پر اهڙيون کوڙ ساريون ويب سائيٽس آهن جيڪي اهڙيون سهولتون مفت فراهم ڪرن ٿيون. انکان علاوه يو ٽيوب تي وڊيو فارم ۾ تاريخ کي سهيڙي سگهجي ٿو. اميد ته دوست ان ڳالهه تي ڌيان ڏيندا…!
حسام ميمڻ
12 فيبروري 2010
اچو ته پنهنجي ڪلچر کي بچايون ۽ ڦهلايون ــــــ 6 ڊسمبر 2009 ٽوپي ڏينهن
Dec 2nd
دوستو!
Sindhi Cap
ائين ٿو لڳي ته شاهد مسعود پاڪستان ملڪ جي موجوده صدر جي ثقافتي لباس ۽ ٽوپيءَ تي ڳالهائي ڄڻ سنڌي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جوڪم ڪيو آهي . شاهد مسعود جي متعصبانه تنقيد اسان لاءِ انڪري مثبت ثابت ٿي آهي جو اسان جا سنڌي ماڻهو ڪنڊ ڪڙڇ مان گڏجي هڪ ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي لباس ۽ ڪلچر جي بچاءَ لاءِ سراپا احتجاج ٿي کڙا ٿيا آهن ۽ قوم ۾ ايڪي ۽ ٻڌي جو رواج مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه اسان سڀني جي لاءِ هڪ سٺو سنوڻ آهي.
هونئن ئي قوم گهڻي عرصي کان سوچي پئي ته جيڪر گڏجي ڪم ڪجي، نه ته اڪيلا ٿي وکري وينداسين، ان حوالي سان تازا مثال ٻه ڪامياب لانگ مارچ آهي، هڪڙو جسقم پاران ”آزادي مارچ“ ، ۽ ٻيو عوامي تحريڪ پاران 46 ڏينهن وارو لانگ مارچ . ٻئي مارچ وڏا پرامن ۽ انتظام جي حوالي سان ڪامياب رهيا ۽ وڏي عرصي کان پوءِ لڳو ته ڪراچي سنڌين جي هجي…..!
انهن لانگ مارچن کان پوءِ شاهد مسعود جيڪو صدر پاڪستان (جيڪو سنڌي آهي ) ان جي افغانستان واري دوري تي اهو ڳالهايو ته صدر صاحب ننڍي صوبي جو ٿي ڪري سنڌي ٽوپي پائي گهمندو پيو وتي، اسان لاءِ پڻ هڪ سٺو سنوڻ ثابت ٿيو ته قوم هڪ دفعو ٻيهر سراپا احتجاج ٿي پئي ته اسين سنڌي هڪ آهيون ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين پاڪستان جا ٺاهيندڙ آهيون ۽ اسان کي گذريل 60 سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي اسان کي ڀت سان هنيو ويو آهي، ۽ اسين 5000 هزار سال جي تاريخ رکون ٿا. شاهد مسعود کي اهو آئڊيا نه هو ته هو ڇا پيو ڳالهائي ، اهڙا ماڻهو رڳو اسٽيبلشمينٽ جون رڪارڊ ٿيل ۽ ٽيپ ٿيل تحريرون پڙهي ڪري صحافي ٿيل هوندا آهن، جن کي نه ڪا تهذيب هوندي آهي نه اخلاق، جي هن وٽ اهي ٻ شيون هجن ها ته هو ڪڏهن به سنڌي قوم جي costume تي ڪڏهن به اهڙا رمارڪس پاس نه ڪري ها ، هن سنڌ ، سنڌين ۽ 5000 هزار سالا قوم کي للڪاري وڌو ۽ قوم پاڻ سان ڪيل ان بد تهذيبيءَ تي جاڳي اٿي آهي جيو ٽي وي جي متعصبانه رويي خلاف آواز بلند ڪري چڪي آهي ته اهڙن چئنلس جو بائڪاٽ ڪيو وڃي جيڪي قومن جي اخلاقي ۽ فطري حقن خلاف نفرت پيا پهلائن.
ان ڪري 6 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي پائڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هر سنڌي پنهنجو فرض سمجهي حصو وٺي رهيو آهي ۽ شاهد مسعود ۽ اهڙن ڀاڙيتو قسم جي صحافين ۽ بغض اوڳاڇيندڙن خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻي اسان واري قوم کي گهڻن ئي پردو پوش مڪروهه چهرن ۽ منصوبن جو پتو پئجي چڪو آهي، جن رازن کي ، بغض ڦهلائيندڙ پاڻ ئي قوم اڳيان آڻن پيا.
اسين بس هڪ اهو عرض ڪنداسين ته قوم ان ئي ايڪي ۽ اتحاد سان پنهنجو ڪم جاري رکي ۽ ڪنهن به غاصب ۽ غدار اڳيان جهڪڻ ۽ ڏڪڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، اهڙن متعصب ماڻهن کي اهو پتو نه آهي ته هنن پنهنجي ساڙ قلعا جيڪي هوا ۾ اڏيا سي ڊهي چڪا آهن ۽ اميد ته قوم آئينده به ائين ئي هر مسئلي تي گڏجي سڏجي حصو وٺندي ۽ پنهجو دفاءُ پاڻ ڪندي .
_حسام ميمڻ
02 ڊسمبر 2009
پهريون مڪمل آن لائين ناول
Oct 26th
خوابن جو سفر
مهاڳ
منهنجو هي ڪتاب، جنهن جي اختصار واري صفحي تي ’صنف‘ جي سِري اڳيان ’ناول/ڪٿا‘ لکيو ويوآهي، دراصل منهنجي ’رومانوي يادگيرين‘ جو هڪ ڳٽڪو آهي. جنهن کي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ خاطر مونکي ڪنهن معياري مخزن لاءِ هڪ ڊگهي ’مضمون‘ طور رڳو ڏهه ٻارهن صفحا لکڻا هئا. پر، جڏهن لکڻ ويٺس ته ورق ايئن وڌندا ويا جو مواد ۽ هيئت جي حساب سان تحرير هڪ ’ناول‘ جِي شڪل اختيار ڪندي وئي. جنهن تي مون مٿس ’ناول/ ڪٿا‘ جو ليبل لڳائي، کيس ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ئي وڌيڪ سيبائتو سمجهيو.
هن ناول جي ڪهاڻي منهنجي ذاتي ’پيار ـ ڪهاڻيءَ‘ تي ٻڌل آهي. پيار، جيڪو پکيئڙن، پوپٽن، گلڙن ۽ صحرائن سميت حيوانن، انسانن ۽ خود خدا لاءِ به انتهائي ضروري سمجهيو وڃي ٿو. پيار، جيڪو هر جيوت جي جياپي جو سڀ کان وڏو سهارو ۽ سڀ کان قيمتي اثاثو ٿئي ٿو. هن ناول جي ڪهاڻي ماءُ جي چادر جهڙي مقدس ۽ چانڊوڪيءَ جهڙي اُجري هڪ اهڙي محبت تي مشتمل آهي، جنهن محبت کي ڪنهن ٻئي نانءَ طور ’عبادت‘ به چئي سگهجي ٿو. هيءَ ڪٿا هڪ اهڙي پيار جي ڪٿا آهي جنهن کي فخر سان ’پيار‘ بجاءِ ’پوڄا‘ به ڪوٺي سگهجي ٿو.
هن ناول جي ڪهاڻي هڪ اهڙي زنجير آهي، جنهن جي هر ڪڙي هڪ نئين خوبصورت خواب سان منسوب آهي. خوابَ، جيڪي مونکي منهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي اکين کان به وڌيڪ عزيز رهيا آهن.
” هئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا!“ واري ڪيفيت ۾ لکيل منهنجي هن ناول جو تانڃي پيٽو هڪ اهڙي بي غرض پيار جي آڌار تي اُڻيل آهي، جنهن کي ”کِلَ جهڙو پيار!“ سڏي سگهجي ٿو. هڪ اهڙو پيار جنهن ۾ ٻاروتڻ سان گڏ جواني به آهي. هڪ اهڙو پيار جنهن ۾ بي چينيءَ سان گڏ رواني به آهي. هن ناول ۾ پکين جي اُن جوڙي جو ذڪر آهي، جيڪو ملڻ کان اڳ وڇڙي وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي باغ جو داستان آهي، جيڪو اُسرڻ کان اڳ اُجڙي وڃي ٿو. هن ناول، هن ڪتاب ۾ آسمان مان ٽٽل انهن ٻن ستارن جي ڪهاڻي آهي، جن مان هڪ هِن پار ته ٻيو هُن پار ڪريو آهي.
اسان سڀ برف جا مجسما ٺاهيندا آهيون ۽ پوءِ انهن کي پگهرندو ڏسي پاڻ به ڀُري پوندا آهيون. مون به ويجهي ماضيءَ ۾ پنهنجي ”صنم خاني“ ۾ هڪ نئون مجسمو جوڙيو هئو، پر دوزخ جهڙي هن سماج ۾ ان جي پگهرڻ بعد مان پنهنجي غم کي لُڙڪن ۾ لوڙهي رهيو آهيان، ۽ منهنجي دل جا لُڙڪ وري منهنجي غم کي مايوسي بنجڻ کان روڪيندي خوبصورت تخليقن سان منهنجي جهول ڀريندا ٿا رهن. منهنجو هي ناول منهنجي عشق، منهنجي عبادت جي پاڪائي ۽ پارسائيءَ جو چِٽو ثبوت آهي.اميد ته منهنجي پيار جو هي پورهيو منهنجي پڙهندڙن وٽ قبوليت جو درجو ضرور ماڻيندو.
مظهر ابڙو
احمر جو گهر“
گلشنِ نظير، نئين شهباز ڪالوني،
خيرپور ميرن واري، سنڌ.
0300-9317967
0334-2727004
مڪمل ناول پڙهڻ لاءِ هيٺين لنڪس تي ڪلڪ ڪندا
خوابن جو سفر (1st online sindhi novel) مظهر ابڙو _حصو پهريون
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو
Oct 26th
حسام ميمڻ
نظم
رات ٿئي ٿي
ننڊ اچي ٿي
من کي پياري
مُنڊَ اچي ٿي
گهاٽيون گهاٽيون
واديون آهن
سُندر ڏاڍيون
ساديون آهن
گاههَ لڳن ٿا
گهرا گهرا
ڌرتيءَ پاتا
ڄڻ هِن سهرا
گُل گُل بيٺو بهار جو ڄڻ باب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو
جهومي پريون
پَر ڦهلائن
گيت خوشي جا
ويٺون ڳائن
آد جڳادي
سهڻي وادي
مشڪ عنبر سان
واسيل سادي
مان ڏئي ٿي
گيت رچي ٿو
ساهن منجهه
سُرور اچي ٿو
جنتَ جو من
سارو شوق شباب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو
وهنجي ناري
وارَ ڇنڊي ٿي
ڄڻ رابيلن
هارَ ڇنڊي ٿي
مستيءَ جو ڄڻ
جُهڙ ٿوڇانئي
هن کي ئي من
هن کي چاهي
مَن ڄڻ ڦاٿو
ڀـــا لن ۾ آ
آگم نــيڻَ
غزالن ۾ آ
ڇُل ڇُل ڇلندڙ
مِٺڙي مڌ ، شراب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو
خواب ته هڪڙو
خواب هجي ٿو
جهٽ کان پوءِ
عذاب هجي ٿو
ســــارا سپنا
شيشـــي وانگر
ڪِرچيون ڪِرچيون
شيشـــي وانگر
ائين لڳو ڄڻ
سڀ اتفــــا قي
ڇا ڇا بچندو
ڪجهه به نه باقي
ياد ـ نگر ۾
پوڙهو ڄڻ ته شباب ڏسي ٿو
شاعر هڪڙو خواب ڏسي ٿو
سنڌ ، سنڌيت ۽ سنڌ فورم
Oct 22nd
ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي، ته انٽرنيٽ جي دنيا هاڻي ڪا ڳجهي دنيا نه رهي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ هونئن ئي تعليمي شرح گهٽ آهي ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارن جي شرح ان کان به گهٽ آهي. پر ماڻهن ۾ هڪ شعور بيدار ٿيو آهي ۽ هو آهستي آهستي مواصلات ۽ ابلاغ عامه جي جديد رجحانن ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳا آهن. ان ڪري اسين پر اميد آهيون ته ماڻهو جديد دنيا جي هن لاڀائتي عنصر کي لنوائي ڪونه ٿا سگهن.سنڌ فورم جو مقصد اهو ئي آهي ته اهو سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مامرن کي بحث هيٺ آڻي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ڏي، جتي هو هڪ ته پنهنجي مادري زبان ۾ لکي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ۽ ٻيو پنهنجي ٻولي ، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪو هٿ پير هڻن. دنيا جي سڌريل ملڪن جون ٻوليون گهڻو ڪري آپريٽنگ سسٽم جو جو هڪ اٽوٽ حصو ٿي ويون آهن ، پر سنڌي ٻوليءَ سان اڃ تائين ماٽيجي ماءُ وارو ورتاءُ آهي. سانا جي جي تازي گولڊن جوبلي آمريڪا ۾ ٿي گذري ان ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ قرارداد پيش ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. ٻولي آهي ته سنڌيت به آهي نه ته ڇا ٿو بچي، انڪري باشعور سنڌي ماڻهو پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وٽان جتي ڪٿي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششون وٺي رهيا آهن ، جيڪا هڪ چڱي ريت آهي، اسانجي ماڻهن کي به گهرجي ته هو ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙن!
سنڌ فورم ٻوليءَ جي حوالي سان اهو هڪ ٽيڪنيڪل ڪم ڪري رهيو آهي ته سنڌي ايڊيٽر معرفت سمورا ليک سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇاپي رهيو آهي ته جيئن سنڌي ٻولي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڄي سگهي ۽ جتي جتي سنڌي لوڪ وسي ٿو اهو پنهنجي ٻوليءَ کي پڙهي ۽ ڪجهه اظهاري سگهي.سنڌي ٻوليءُ جي ان پهلوءَ کان سوا سنڌ فورم پنهنجي پراڻي layout کي تبديل ڪري جديد گهرجن مطابق انهن اهم موضوعن کي ڪيٽگوري وائيز رکيو آهي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ آزاديءَ ۽ آسانيءَ سان لکي سگهي يا پڙهي سگهي.
اسين سنڌ جي سڀبي سڄاڻ ڌرين تائين اهو عرض ڪريون پيا ته نه رڳو ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ترقي وٺائڻ جي حوالي سان هو هن فورم کي جوائن ڪرن ، پر هن فورم ۾ جيڪي به ڪيٽگوريز آهين ، انهن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وٽان پنهنجو لکڻيون شامل ڪرن .
اسين اها ڳالهه به ڪندا هلون ته اسين ڪوشش ڪريون ٿا ته معيار قائم رهي، اهڙو مواد شايع ڪجي، جيڪو سچ ۾ تبديلءَ جو ڪارڻ بڻجي ۽ سنڌ ۽ سنڌيت ۾ واڌاري اچي سگهي، اميد ته سنڌ جون سموريون لائق ڌريون اسان سان ان حوالي سان سهڪار ڪنديون.
سنڌ فورم جو مقصد سنڌ ۽ ان ۾ وسندڙ سنڌي لوڪ جي علمي، اخلاقي، ادبي ۽ سماجي خدمت ڪرڻ ۽ ان جي هر مسئلي جو جائزو ، شناخت ۽ حل لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ آهي. هي فورم ڪو سياسي فورم نه پر هڪ ڪلچرل ۽ علمي قسم جو فورم آهي، اسين اميد ڪريون ٿا ته سموري سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ سڄاڻ ڌريون اسان جي ان حوالي سان هر ممڪنه سهڪار ڪندا.
ايڊيٽر: حسام ميمڻ
16 جولاءِ 2009