ڪبريٰ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وَس ڪيم، انڪار ڪري ڪري نيٺ راضي ٿي وئي: گوهر رشيد

81

اداڪار گوهر رشيد انڪشاف ڪيو آهي ته ڪبريٰ خان سان محبت مون کي ئي ٿي هئي ۽ شادي جي آڇ به مان ئي ڪئي هئي پر اداڪارا پهريون ڀيرو انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هڪ انٽرويو ۾ گوهر رشيد چيو ته شادي کانپوءِ مان نه رڳو تبديل ٿيو آهيان پر شخصيت ۾ 200 سيڪڙو بهتري آئي آهي، گهرواري جي ڪري شخصيت ۾ بهتري آئي ۽ مون کي يقيني آهي ته شادي کانپوءِ ڪبريٰ جي زندگي ۾ به تبديليون آيون هونديون.
هن انڪشاف ڪيو ته مان 40 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ منهنجي خيال ۾ شادي جو عمر سان ڪو واسطو ناهي، ڪنهن به عمر ۾ شادي ڪري سگهجي ٿي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه انسان 30 ورهين جي عمر ۾ گهڻا سمجهدار ٿي ويندا آهن پر مان سمجهان ٿو ته جيترو 40 سالن جي عمر ۾ سمجهدار ٿيس، ايترو 30 ورهين جي عمر ۾ نه هيس، تنهن ڪري ان عمر ۾ شادي ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ گوهر رشيد انڪشاف ڪيو ته ڪبريٰ سان محبت مون کي ٿي هئي ۽ کيس شادي جي آڇ به مان ئي ڪئي پر پهريون ڀيرو هن انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڪبريٰ جي انڪار باوجود مان همت نه هارائي ۽ پنهنجي مقصد ۾ لڳل رهيس، ٻيو ڀيرو شادي جي آڇ ڪئي ته ڪبريٰ راضي ٿي وئي.
هن چيو ته ڪبريٰ جو شادي کان انڪار ٺهي پيو، ڇو ته هوءَ سهڻي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.