سپريم ڪورٽ افغان شهري کي پاڪستاني عورت سان شادي جي بنياد شهريت ڏيڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو

87

سپريم ڪورٽ افغان شهري کي پاڪستاني عورت سان شادي جي بنياد تي ملڪي شهريت ڏيڻ جو پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
جسٽس شاهد وحيد جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ افغان شهري کي پاڪستان اوريجن ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل راڻا اسد الله عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پهرين ڊسمبر 2023ع واري پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاق درخواست داخل ڪئي آهي، هائيڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته جيڪڏهن ڪو افغان شهري پاڪستاني عورت سان شادي ڪري ته کين پي او سي ۽ شهرين ڏني وڃي، جڏهن ته حڪومت شهريت ڏيڻ تي اعتراض ڪيو آهي.
جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪندي چيو ته شهريت ڪهڙي بنياد تي ڏئي سگهجي ٿي ۽ ڪل ڪيترا درخواست ڏيندڙ آهن؟، ايڊيشنل اٽارني جريل ٻڌايو ته هن وقت تائين 117 درخواست ڏيندڙ سامهون آيا آهن.
جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته هي ته اهي آهن جيڪي سامهون آيا آهن.
نادرا جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغان شهري لاءِ ويلڊ ويزا جو به شرط آهي.
جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڪو شخص ڀت ٽپي آيو يا دروازي مان داخل ٿيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ توهين عدالت جون درخواستون به داخل ڪيون پيون وڃن.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………

Leave A Reply

Your email address will not be published.