پاڪستان ترڪيءَ جي درخواست تي افغانستان سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو

49

پاڪستان ترڪيءَ جي درخواست تي افغانستان سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ بنا نتيجي ڳالهيون ٿيڻ تي پاڪستاني وفد اڄ ڏيهه واپس اچڻو هو، پر ترڪيءَ جي اختيارين پاڪستاني وفد کي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
ذريعن موجب افغان اختيارين به ڳالهين بابت سفارتي سطح تي رابطا ڪيا، جنهن بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر بحال ٿي رهيون آهن.
ذريعن موجب ترڪيه چاهي ٿو ته سندس ميزبانيءَ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين، تنهن ڪري پاڪستان وفد استنبول ۾ وڌيڪ ترسندو ۽ ڳالهين واري عمل کي ٻيهر جاري رکي امن کي هڪ وڌيڪ موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڳالهيون پاڪستان جي ان ئي مک مطالبي تي ٿينديون ته افغانستان دهشتگردن خلاف واضح ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري………

Leave A Reply

Your email address will not be published.