سنڌ تي تمام گهڻيون معافيون اوڌر آهن، مريم ڪهڙي شيءَ جي معافي گهري، شروع پ پ ڪيو ختم به انهن جي وس ۾ آهي: عظميٰ بخاري

61

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته جيڪڏهن معافي جو معاملو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ تمام گهڻيون معافيون اوڌر آهن، پنجاب جي وزيراعليٰ ڪهڙي شيءَ جي معافي گهري؟ شروع  به انهن ڪيو هو، ختم ڪرڻ به انهن جي وس ۾ آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پيپلز پارٽي طرفان روز پريس ڪانفرنس ڪئي پئي وڃي، روز گاريون ڏنيون پيون وڃن، جيڪڏهن انهن کي جواب نه ڏيون ته ڇا ڪريون؟ پيپلز پارٽي کي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ آهي انهي لاءِ انهن پنجاب حڪومت کي نشانو بنايو، مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته پيپلز پارٽي ڇا پئي چاهي. ڇا اسان جا ماڻهو پريس ڪانفرنس نٿا ڪري سگهن، سخت زبان استعمال نٿا ڪري سگهن، اسان سخت ڳالهيون ڪري سگهون ٿا پر اسان وٽ انهي جو وقت نه آهي.

هن چيو ته سنڌ جو مسئلو ڇا آهي؟ سنڌ کي پنجاب جي معاملن ۾ ڇو گهليو پيو وڃي؟ شيري رحمان سينيٽ ۾ چيو ته ايتري وڏي مصيبت آئي آهي اسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، اسان به اهو چئي رهيا آهيون ته اسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، اوهان جو مشورو اکين تي اسان اوهان کي مشوري تي جواب ڏئي ڇڏيو، صوبائيت ڪارڊ ته هر وقت سنڌ جي طرفان کيڏيو ويندو آهي. ٻوڏ جي معاملي تي پيپلز پارٽي ڪٿي مدد ڪئي آهي.

عظميٰ بخاري چيو ته بي آءِ ايس پي جي سروي تي تمام گهڻا سوال اٿيا، اها سروي غربت جي لاءِ آهي ۽ پنجاب ۾ سروي مختلف نوعيت جو ٿي رهيو آهي. مون چيو هو ته بي آءِ ايس پي جو سروي مختلف آهي انهي جي بنياد تي پنجاب حڪومت تي يلغار ڪئي وئي. اها ڪٿان جي سياست آهي. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سروي ٿي رهي آهي. 17 آڪٽوبر تي ٻوڏ متاثرين کي چيڪ ورهايا ويندا. هڪ مهيني ۾ نقصانن جو سروي ڪري ٻوڏ متاثرين کي پنهنجن گهرن ۾ رهائڻ اسان جي ذميواري آهي.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن معافي جو معاملو آهي ته سنڌ حڪومت طرف تمام گهڻيون معافيون اوڌر آهن، پنجاب جي وزيراعليٰ ڪهڙي شيءَ جي معافي گهري؟ شروع به انهن ڪيو هو. ختم ڪرڻ به انهن جي وس ۾ آهي. مريم نواز پنجاب جي ڳالهه نه ڪري ته پوءِ هو وزيراعليٰ ڇو آهي؟ سنڌ وارا هر ڳالهه تي سنڌ ڪارڊ کيڏندا آهن.

هن چيو ته ڪشمير ۾ چونڊ مهم جي دوران بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير هو، هن وزيراعظم جي خلاف ڇا چيو هو رڪارڊ ڏسي وٺو. جڏهن هن چيو ته پنجاب حڪومت وفاق جي خلاف سازش ڪري رهي آهي ته مون کي اها ڳالهه ڪرڻي پئي. بلاول ڀٽو سٺي طريقي سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته پيپلز پارٽي کي عزت ڏني وڃي ۽ اميد ڪريون ٿا ته اسان کي به عزت ڏني ويندي. بلاول ڀٽو قصور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ جي قدمن جي تعريف ڪئي هئي. سٺو هجي ها ته بلاول پنجاب جي وزيراعليٰ سان  گڏ ٻوڏ متاثرين جي معاملي تي گڏجي ڪم ڪري ها، پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ انهي جي ٽيم پنجاب ۾ بحرانن تي ڪنٽرول ڪري رهي آهي. انهي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.