گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ايران تي پابندين ۾ واڌ جي چين ۽ روس جي قرارداد رد ڪري ڇڏي

گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ 2015 جي ايٽمي معاهدي جي تحت ايران کي ڏنل پابندين ۾ نرمي جي مدي ۾ واڌ جي قرارداد منظور نه ٿي سگهي. سلامتي ڪونسل چين ۽ روس طرفان پيش ڪيل گڏيل قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب اها قرارداد رد ڪرڻ جو مطلب آهي

نيتن ياهو جي خطاب دوران گڏيل قومن جي عمارت ٻاهران احجاج، اسرائيل تي پابندين جو مطالبو

 گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خطاب دوران گڏيل قومن جي عمارت ٻاهران وڏي انگ ۾ ماڻهن احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هٿن ۾ غزه جي ٻارن جون تصويرون کڻندي مظاهرين غزه جي حمايت ۽ اسرائيلي جي خلاف سخت نعرا لڳائيندي

خانه ڪعبه جو امام شيخ صالح بن حميد سعودي عرب جو نئون مفتي اعظم مقرر

خانه ڪعبه جو امام شيخ صالح بن حميد کي سعودي عرب جو نئون مفتي اعظم مقرر ڪيو ويو آهي، هو عالمن جي سينئر ڪونسل جو سربراهه به هوندو. شاهي عدالت موجب سندس مقرري اڳوڻي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي کان پوءِ عمل ۾ آندي وئي

وچ اوڀر بحران تي آمريڪا جو نئون موقف: مسلمان ملڪن جي سربراهن کي 21 نڪتن تي ٻڌل پلان پيش ڪري ڇڏيو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي مسلمان ملڪن جي سربراهن کي وچ  اوڀر ۽ غزه جي لاءِ هڪ 21 نڪتن تي ٻڌل امن منصوبو پيش ڪري ڇڏيو، جنهن کي خطي ۾ امن جي قيام طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. اهو انڪشاف آمريڪا جي وچ

وفاقي حڪومت نئين آمريڪي پاليسي تي پارليامينٽ کي فوري اعتماد ۾ وٺي:رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني زور ڏنو آهي ته وفاقي حڪومت کي نئين آمريڪي پاليسي بابت پارليامينٽ کي فوري اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. پريس رليز ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام يا پارليامينٽ کي آمريڪا سان لاڳاپن جي نئين خدوخال بابت

ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي ۾ واڌ، حڪومت نوٽيفڪيشن ڳجهو رکيو؟

ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽننٽ جنرل عاصم ملڪ کي عهدي ۾ واڌ ڏني وئي آهي، جڏهن ته سندس سروس جو آخري ڏينهن گذريل ڏينهن هو. قانوني طور آرمي چيف کي اختيار حاصل آهي ته هو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مدت ۾ ٻن سالن تائين يا نئين حڪم تائين واڌ جي سفارش ڪري

“پ پ ۽ ن ليگ ”اصل ڦڏو“ نه پيون ٻڌائن“

سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڦڏو ڇا جو آهي،ڪير به نه پيو ٻڌائي،پ پ ۾ به جرئت ناهي ته ٻڌائي،ن ليگ به خاموش آهي،هن چيو ته جهيڙو وڌيو ته ٻنهي پارٽين جو نقصان ٿيندو،مريم نواز معافي کان انڪاري آهي،مريم نواز بلاول جي  بي آءِ

فيض حميد ڪيس ۾ نئون موڙ، عمران خان ۽ قمر جاويد باجوا کي شاهد طور سڏائڻ جي تياري؟

اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي پراسيڪيوشن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ڊفينس شاهدي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. 30 سيپٽمبر تائين پراسيڪيوشن جا سڀ گواهه پيش ٿي چڪا آهن ۽ دفاع طرفان ڪراس ايگزيمنشن مڪمل

جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: عمران خان جو طبعيت ناساز ڄاڻائي پيشيءَ کان انڪار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني جو

پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ صنم جاويد کي مبينا طور پشاور مان اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايت تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.صنم جاويد جي مبينا اغوا جو ڪيس پشاور جي اوڀر ٿاڻي ۾ ايڊووڪيٽ حرا بابر جي فرياد تي