خانه ڪعبه جو امام شيخ صالح بن حميد سعودي عرب جو نئون مفتي اعظم مقرر

100

خانه ڪعبه جو امام شيخ صالح بن حميد کي سعودي عرب جو نئون مفتي اعظم مقرر ڪيو ويو آهي، هو عالمن جي سينئر ڪونسل جو سربراهه به هوندو. شاهي عدالت موجب سندس مقرري اڳوڻي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي کان پوءِ عمل ۾ آندي وئي آهي.

شيخ صالح بن حميد 1950 ۾ سعودي عرب جي صوبي قصيم جي شهر بريده ۾ پيدا ٿيو، هو 1984ع کان خانه ڪعبه جي امام جي حيثيت سان ذميواريون نڀائي رهيو آهي، انهي کي ميدان عرفات ۾ مسجد نمره ۾ خطبو، حج جي امامت ڪرڻ جي به سعادت حاصل آهي.

شيخ صالح بن حميد ننڍي عمر ۾ ئي قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو هو، هن شروعاتي تعليم بريده ۾ حاصل ڪئي. ثانوي تعليم مڪه مڪرمه ۾ مڪمل ڪئي. شيخ صالح جامعه ام القري مان شريعت ۾ بي اي، پوءِ فقه واصول الفقه ۾ ايم اي ۽ بعد ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هو سعودي عرب جي تاريخ ۾ پهريون اهڙو امام آهي جنهن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سان گڏ 1403 هجري ۾ مسجد الحرام ۾ امامت جو اعزاز حاصل ڪيو.

هاڻ انهي کي سعودي عرب جي سڀني کان وڏي ديني وفقهي منصب تي مقرر ڪيو ويو آهي. انهي جي ذميوارين ۾ عالمن جي سينئر ڪونسل ۽ مستقل ڪميٽي اسلامي تحقيق جي سربراهي، مذهبي وفقهي رهنمائي فراهم ڪرڻ، اهم مسئلن تي فتويٰ ڏيڻ ۽ ديني ڳالهيون، بيانن کي منظم ڪرڻ شامل هوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.