نيتن ياهو جي خطاب دوران گڏيل قومن جي عمارت ٻاهران احجاج، اسرائيل تي پابندين جو مطالبو
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خطاب دوران گڏيل قومن جي عمارت ٻاهران وڏي انگ ۾ ماڻهن احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
هٿن ۾ غزه جي ٻارن جون تصويرون کڻندي مظاهرين غزه جي حمايت ۽ اسرائيلي جي خلاف سخت نعرا لڳائيندي نيتن ياهو جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
مظاهرين پنهنجي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا جن تي غزه کي آزاد ڪريو ۽ غزه جي عوام کي زنده رهڻ ڏيو جهڙا نعرا لکيل هئا. مظاهرين حڪومت کان اسرائيل تي پابنديون به لڳائڻ جو مطالبو ڪندا رهيا.
ياد رهي ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي وفدن به اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، نيتن ياهو خطاب جي لاءِ ڊائس تي آيو ته اجلاس ۾ شريڪ مسلمان ملڪن سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا سربراهه تقرير جو بائيڪاٽ ڪندي اسيمبلي هال کان ٻاهر هليا ويا. جنرل اسيمبلي جو منتظم آرڊر آرڊر چونڊو رهيو پر ڏسندي ئي ڏسندي هال تقريبن خالي ٿي ويو جنهن کان پوءِ نيتن ياهو ڪجهه ماڻهن جي سامهون تقرير ڪندو رهيو.