ايٽمي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام: يورپي يونين ايران تي ٻيهر پابنديون لڳائي ڇڏيون

105

يورپي يونين ايٽمي معاهدي جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳائيندي ايران تي ٻيهر پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.

يورپي يونين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پابندين جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته ايٽمي معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ايران تي پابنديون لڳايون ويون آهن جنهن جي تحت ايران جي مرڪزي بينڪ ۽ ٻين ايراني بينڪن جا اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن.

يورپي يونين چيو ته مخصوص ايراني اختيارين تي سفري پابنديون به لڳايون ويون آهن. جڏهن ته ايران جي ٻارڻ جي تيل جي خريداري، ورهاست، سون ۽ ڪجهه بحري سازو سامان جي وڪرو تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

يورپي يونين موجب پابندين جي باوجود ايران سان سفارتي ڳالهين جي لاءِ دروازا اڃان تائين کليل آهن. ياد رهي ته 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل 2015 جي ايٽمي معاهدي جي تحت ايران کي ڏنل پابندين جي نرمي جي مدي ۾ واڌ جي قرارداد منظور نه ٿي سگهي هئي جنهن جي تحت 2015 جي ايٽمي معاهدي جي تحت ايران تان هٽايل پابنديون ٻيهر لاڳو ٿي ويون هيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.