سنڌ جي باصلاحيت عورت آفيسر، ماروي لغاري آمريڪا جي گورننس فيلوشپ پروگرام لاءِ چونڊجي وئي
سنڌ جي باصلاحيت عورت آفيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر ماروي لغاري آمريڪا جي گورننس فيلوشپ پروگرام 2025 لاءِ چونڊجي وئي آهي.
ماروي لغاري سنڌ جي واحد آفيسر آهي، جنهن هيءُ عالمي سطح جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
ماروي لغاري هن وقت سي ايم او مٽياري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن پنهنجي فيلوشپ جي چونڊ تي ڳالهائيندي چيو ته،
“هي فيلوشپ منهنجي لاءِ ۽ سڄي سنڌ لاءِ وڏي عزت ۽ فخر جو لمحو آهي. آمريڪا ۾ گڊ گورننس بابت حاصل ٿيندڙ ڄاڻ ۽ تجربا سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنديس.
ڄاڻ هجي ته ماروي لغاري پهريئن سنڌي خاتون پي ايم ايس آفيسر آهي، جنهن کي آمريڪي پروفيشنل فيلوز
پروگرام لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪا سنڌ ۽ سنڌ حڪومت لاءِ پڻ فخر جو باعث آهي.
هي فيلوشپ 6 هفتن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ ڀارت، نيپال ۽ ٻين ملڪن جا آفيسر به شرڪت ڪندا. فيلوشپ دوران فيلوز کي واشنگٽن ڊي سي
۽ ٻين آمريڪي اسٽيٽس جو مطالعاتي ۽ تربيتِي دورو ڪرائبو، جتي انهن کي جديد طرزِ حڪمراني بابت عملي سکيا ڏني ويندي.