جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ واري ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري، اضافي نوٽ به شامل
سپريم ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ جي ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ جسٽس شاهد بلال 5 صفحن جو اضافي نوٽ به لکيو.
جسٽس امين الدين جو لکيل 5 صفحن جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو عبوري حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. پنج صفحن تي ٻڌل لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي جج کي عبوري حڪم جي ذريعي عدالتي فرضن کان نٿو روڪي سگهجي.
لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ پهريان آفيس جي اعتراضن جو فيصلو ڪري ۽ قانون موجب ڪارروائي اڳيان وڌائي. اميد آهي ته هاءِ ڪورٽ پهريان آفيس اعتراضن جو فيصلو ڪندي. هاءِ ڪورٽ کي قانون موجب ڪيس هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
عدالتي حڪم نامي موجب ٻڌڻي دوران درخواست گذار کان به عدالتي حڪم جي دفاع بابت پڇيو ويو ۽ سپريم ڪورٽ جي ملڪ اسد ڪيس کي تفصيل سان پڙهڻ جو حوالو ڏنو ويو. درخواستگذار فيصلو پڙهڻ کان پوءِ جسٽس جهانگيري کي عدالتي معاملن کان روڪڻ جي حڪم جو دفاع نه ڪيو.
لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جسٽس جهانگيري جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جڏهن ته جج جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ بابت درخواست تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڳ ئي موجود آهي.