لاهور جي مختلف علائقن ۾ سي سي ڊي جا مبينه مقابلا، 4 ڏوهاري مارجي ويا

50

پنجاب صوبي جي راڄڌاني لاهور ۾ ڪرائيم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ(سي سي ڊي) جي مختلف علائقن ۾ مبينه مقابلن جي دوران 4 ڏوهاري مارجي ويا.

سي سي ڊي اختيارين موجب لاهور جي علائقي شاد باغ ۾ مقابلي جي دوران جوابدار عبدالشڪور ۽ بابر پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، اهڙي طرح هربنس پوره ۾ سعيد نالي جوابدار به پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.

لاهور جي علائقي ٽائون شپ ۾ جوابدار نذير مبينه مقابلي ۾ مارجي ويو. سمورا جوابدار پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾  مارجي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلن کان پوءِ جوابدارن جا ساٿي فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي جڏهن ته مارجي ويل جوابدارن جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتان کان قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويندا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلن کان پوءِ جوابدارن جا ساٿي فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي جڏهن ته مارجي ويل جوابدارن جي لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتان کان قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويندا.

ياد رهي ته 30 سيپٽمبر تي شيخوپوره جي تعلقي مريدڪي ۾ ڪرائيم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ سان مبينه مقابلي جي دوران عورت جي قتل ۾ ملوث 5 ڏوهاري مارجي ويا هئا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.