پهريون چالان معاف آهي پر ٻيهر قانون جي ڀڃڪڙي تي چالان ڀرڻو پوندو: وڏو وزير مراد علي شاهه

91

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اِي چالان سسٽم تحت پهريون چالان معاف آهي پر ٻيهر قانون جي ڀڃڪڙي تي چالان ڀرڻو پوندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان آءِ جي سنڌ غلام نبي ملاقات ڪئي جنهن دوران ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اِي ٽڪٽنگ سسٽم تحت 35 سرڪاري گاڏين جا چالان ڪيا آهن، سيٽ بيلٽ، جمپنگ ريڊ لائيٽس، ٽينٽڊ گلاسز ۽ موبائل جي استعمال تي گاڏين جو اِي چالان ٿيو.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته لياري ايڪسپريس وي تي 28 آڪٽوبر تي هڪ لڳي 36 منٽن تي پوليس گاڏي جو پهريون چالان ٿيو.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه چيو ته ڊرائيور گارڊن لياري ايڪسپريس وي تي ٻن هنڌن تي سيٽ بيلٽ نه ٻڌو هو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پهريون ڀيرو چالان ٿيڻ تي 10 ڏينهن ۾ رابطو ڪري معافي سان في معاف ٿي سگهي ٿي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنهنجي حفاظت خاطر ٽريفڪ قانون تي عمل ڪريو، مذهب شهري هميشه ٽريفڪ قانون تي عمل ڪندا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته هن پهرين چالان جي معافي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ٻيهر ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي چالان ڀرڻو پوندو.
هن چيو ته پوليس به قانون کان مٿانهون ناهي، سنڌ پوليس جو جديد اِي ٽڪٽنگ سسٽم هاڪاري ثابت ٿي رهيو آهي، سمورين شهرين جا برابر حق آهن، قانون تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو……….

Leave A Reply

Your email address will not be published.