18 ھين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ سان کيڏڻ وارا باھ سان کيڏي رھيا آھن: بلاول ڀٽو زرداري

36

ڪراچي : پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ 18ھين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ سان کيڏڻ وارا باهہ سان کيڏي رھيا آھن، پيپلزپارٽي اهڙي ڪنهن فيصلي ۾ جي حمايت نہ ڪندي جنھن سان وفاق ڪمزور ٿئي.

پيپلزپارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي جلسي کي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ تاريخ جي سڀ کان وڏي ڊجيٽل جلسي کي خطاب ڪري رھيو آهيان، اسان جو معاشي فلسفو آهي تہ پٺتي پيل طبقي کي معاشي طور مضبوط ڪرڻو آھي، پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ کانپوءِ پوءِ ھي پھريون يوم تاسيس آھي، اسان جي ايئرفورسز ڀارت جا 7 جھاز ڪيرائي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ملڪ ۾ هن وقت سياسي بحران آهي، ان کي حل ڪري ڏکيائين مان نڪرڻو آھي،  پيپلزپارٽي تازو ئي حڪومت سان گڏجي هڪ آئيني ترميم پاس ڪرائي، پيپلزپارٽي جڏھن پاڻ آئيني ترميم آڻيندي آهي تہ ڪا انقلابي قانونسازي ڪندي آهي، 1973 جي آئين بعد ڪنهن ترميم ۾ جيڪڏھن ڪا طاقت آهي تہ اها 18 ھين ترميم ۾ آهي.

ھن چيو تہ ن ليگ ھڪ وفد موڪليو ۽ چيو تہ ھو آئيني ترميم آڻڻ چاھين ٿا، حڪومت چاھي ٿي تہ آئيني عدالت ۽ آرٽيڪل 243 سان گڏ ايگزيڪيوٽو مئجسٽري جو نظام آندو وڃي، حڪومت چاھي ٿي تہ جيڪو صوبن کي آئيني تحفظ ڏياريو ان کي ختم ڪيو وڃي،

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ فخر سان چئي سگھان ٿو تہ عوام جي ڪري آئيني تحفظ سان ھٿ چراند نہ ڪرڻ ڏني ۽ پوءِ حڪومت ان مطالبي کان پوئتي ھٽي وئي، اسان آئيني عدالت ٺاھي چارٽرڊ آف ڊيموڪريسي جي شق پوري ڪئي ۽ صوبن کي برابري جي نمائندگي ڏياري، ھي تاريخي ڪاميابي آھي، شايد ڪنھن کي ان جو احساس ناھي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ عدالت قائد عوام جو عدالتي قتل ڪرايو، عدليہ جي تاريخ اوھان جي آڏو آھي، اميد آھي تہ آئيني عدالت ملڪ جي وڏن مسئلن کي ڏسندي، عام شھرين کي فوري رليف ملندو، ماضي ۾ عدالتن تان اعتماد کڄي ويو ھو، ڪجہ ماڻھن جي ڪوشش آھي تہ آئيني عدالت کي تڪراري بڻايو وڃي، اميد آھي تہ آئيني عدالت پنھنجي ڪردار سان ان ماڻھن کي غلط ثابت ڪندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آھي، جيڪڏھن ڪو ڪم اتفاق راءِ سان ڪيو ويو ھجي تہ نظرثاني جو اختيار رڳو پارليامينٽ وٽ آھي، اجازت نہ ڏينداسين تہ ڪو ادارو پارليامينٽ جي دائري ۾ مداخلت ڪري، تاريخ ڀريل آھي تہ ٻين ادارن پارليامينٽ جي دائري ۾ اچي مداخلت ڪئي.

ھن چيو تہ ڪارڪن ڪنھن پروپيگنڊا تي ڌيان نہ ڏين، اسان آئيني عدالتون ٺاھيون آھن، عوام جي حقن جو تحفظ ڪندا رھنداسين، پيپلز پارٽي اھڙي ڪنھن بہ فيصلي جو ساٿ نہ ڏيندي جنھن سان وفاق ڪمزور ٿئي، 18 ھين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ سان کيڏندڙ باھ سان کيڏي رھيا آھن. ……

Leave A Reply

Your email address will not be published.