دھشتگردي ۽ سرحدي صورتحال سبب ڪي پي ۾ گورنر راڄ تي غور جاري آھي: مملڪتي وزير عقيل ملڪ
اسلام آباد : قانون بابت مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آھي تہ ڪي پي ۾ گورنر راڄ بابت معاملو غور ھيٺ آھي .
خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي بئريسٽر عقيل ملڪ چيو تہ دھشتگردي ۽ سرحدي صورتحال کي ڏسندي گورنر راڄ لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ھن چيو تہ ڪي پي جي صورتحال سڀني جي سامھون آھي، اھڙو انتظامي ڍانچو ھجي جيڪو ڪجھ فائدو تہ ڏئي، ڪيستائين صوبي جي شھرين کي بي يارو مددگار ڇڏينداسين؟
ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ گورنر راڄ جي سخت ضرورت ۾ لڳايو ويندو آھي، صوبي جي جون حالتون اھا گھر ڪري رھيون آھن، ماضي ۾ پنجاب ۾ بہ گورنر راڄ لڳائڻ جو تجربو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ڪي پي جي موجودہ گورنر فيصلي ڪريم ڪنڊي معاملي کان اڻڄاڻائي ظاھر ڪئي آھي.
ذريعن موجب ڪي پي جي نئين گورنر لاءِ 5 نالا غور ھيٺ آھن، جن ۾ 3 سياسي شخصيتون ۽ 2 فوجي آفيسر شامل آھن.
ذريعن موجب سياسي شخصيتن ۾ امير حيدر خان ھوتي، آفتاب شير پائو ۽ پرويز خٽڪ جا نالا غور ھيٺ آھن.
فوجي آفيسرن ۾ ليفٽيننٽ رٽائرڊ جنرل خالد رباني، غيور محمد جا نالا غور ھيٺ آھن، غيور محمد اڳوڻو آءِ جي ايف سي رھي چڪو آھي، جڏھن تہ خالد رباني ڪور ڪمانڊر پشاور رھي چڪو آھي…..