خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي تبديل ڪرڻ جو امڪان

43

خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي ھٽائڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي .

ذريعن موجب ڪي پي جي نئين گورنر لاءِ 6 نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ 3 سياسي شخصيتون ۽ 3 اڳوڻا فوجي آفيسر شامل آھن.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ سياسي شخصيتن ۾ امير حيدر خان ھوتي، آفتاب شي پائو ۽ پرويز خٽڪ جا نالا غور ھيٺ آھن.

ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ خالد رباني، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ غيور محمود ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ طارق خان جا نالا بہ غور ھيٺ آھن.

ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ غيور محمود ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ طارق خان ايف سي جا اڳوڻا آءِ جي پڻ رھي چڪا آھن، جڏھن تہ ليفٽيننٽ رٽائرڊ خالد رباني اڳوڻو ڪور ڪمانڊر پشاور رھي چڪو آھي….

Leave A Reply

Your email address will not be published.