اسلام آباد: بچاءُ واري وفاقي وزير خواجہ آصف چيو آھي تہ چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن جو عمل شروع ٿي ويو آهي۔
پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير خواجہ آصف چيو تہ چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن بابت مختلف افواھ پکيڙيا پيا وڃن.
هن وڌيڪ چيو تہ چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن مناسب وقت تي جاري ڪيو ويندو ۽ هن معاملي بابت هاڻي ڪنهن بہ قسم جي وڌيڪ افواھن جي گنجائش ناھي،
وفاقي وزير خواجہ آصف چيو تہ وزيراعظم شهباز شريف جلد وطن واپس پهچي رھيو آهي۔