وزيراعظم کي ملائيشيا ۾ پي ايڇ ڊي ليڊر شپ اينڊ گورننس جي اعزازي ڊگري سان نوازيو ويو

57

وزيراعظم شهباز شريف کي ملائيشيا ۾ پي ايڇ ڊي ليڊر شپ اينڊ گورننس جي اعزازي ڊگري سان نوازيو ويو آهي. ليڊر شپ اينڊ گورننس جي اعزازي ڊگري انٽرنيشنل اسلامڪ  يونيورسٽي آف ملائيشيا طرفان ڏني وئي. پاڪستاني وزيراعظم کي ملائيشيا جي رياست پهانگ جي راڻي ۽ يونيورسٽي جي آئيني سربراهه اعزازي  ڊگري سان نوازيو. رياست جي راڻي پهانگ انهي موقعي تي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي بهترين حڪمراني تي اعزازي ڊاڪٽريٽ عطا ڪرڻ اعزاز آهي، پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ مان هزارين شاگرد فيضياب ٿيا. هن چيو ته شهباز شريف ثابت ڪيو ته حقيقي قيادت طاقت نه، مقصد سان عبارت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي آف ملائيشيا جي اعزازي ڊگري حاصل ڪرڻ اعزاز آهي. هن چيو ته مسلمان دنيا جي بهترين درسگاهه سان جڙڻ تي خوشي آهي، درسگاهه، ايمان ۽ اخلاق کي گڏ ڪري اعليٰ تعليم جي مقصد کي اڳيان وڌائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ پنجاب جي عوام جي خدمت ڪئي، هن وقت به بطور وزيراعظم پنهنجن ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهيان، مان هميشه خلوص نيت ۽ ثابت قدمي سان عوام جي خدمت ڪندو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهيان، اسلامي اصولن تي عمل ڪندي سموري دنيا ۾ وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم تقرير جي دوران علامه اقبال جو شعر به پڙهي ٻڌايو. وزيراعظم چيو ته قيادت فخر جوڳي ڳالهه نه پر هڪ امانت آهي. اسان جي ذميواري آهي ته نوجوانن کي انسانيت جي خدمت لاءِ موقعا فراهم ڪريون. هن چيو ته اڄ مسلمان امت کي تڪرارن، غربت ۽ انتشار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.