سردار اياز صادق پاران غير ذميواراڻي بيان تي سخت رمارڪس، ايوان جمهوري نظام جي دفاع جي عزم جو ورجاءُ

40

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر سردار اياز صادق هڪ اسيمبلي  ميمبر طرفان ڏنل غير ذميواراڻي ۽ چڙ ڏياريندڙ جمهوريت مخالف بيان تي سختي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ايوان کي خطاب ڪندي اسپيڪر آگاهه ڪيو ته ڄاڻايل اسيمبلي ميمبر پهرين مخالف لابي ۾ اهو اعلان ڪيو ته هو ايوان جي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ چيئر تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪا پارلياماني اصولن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ميمبر بعد ۾ هڪ ٻيو انتهائي غير ذميواراڻو بيان ڏيندي عوام کي استعمال ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪارروائي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني جيڪا نه رڳو ناقابل قبول آهي پر جمهوري  ادارن خلاف سازش برابر آهي. سردار اياز صادق ياد ڏياريو ته 2014ع ۾ به ملڪ کي ان قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو جڏهن ته ان وقت پارليامينٽ آئين ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ مضبوط ڪردار ادا ڪيو. اڄ به ايوان پوري ريت تيار آهي، ته اهڙي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور مقابلو ڪيو وڃي. اسپيڪر زور ڀريندي چيو ته ڪسٽوڊين آف دي هائوس طور پارليامينٽ جو تحفظ سندس آئيني ذميواري اهي ۽ ايوان ۽ رياست خلاف ڏنل بيان نه صرف نامناسب آهن پر هي جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ منظم ڪوشش پڻ آهي. هن سمورن اسيمبلي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي اهڙي سوچ ۽ بيانن کي اجتماعي طور تي رد ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پارليامينٽ جي بالادستي، آئيني نظام ۽ جمهوري روايتن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.