ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي تہ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاھدو ٿي چڪو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو تہ پاڪستاني معيشت بھتري جي دڳ تي آھي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاھدو ٿي چڪو آهي.
ھن چيو تہ ڪلائميٽ فنانسنگ تمام گهڻو ضروري آهي سڌارن جي عمل ۾ اڳڀرائي جاري آهي، حڪومت سڌارن تي عمل ڪري رھي آهي، اسان کي گروٿ ۾ تسلسل برقرار رکڻو آهي، ايڪسپورٽس ۾ 5سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
وفاقي ناڻي واري وزير چيو تہ ايڪسپورٽس اسان جي مدد ڪري رھي آهي، مينو فيڪچرنگ جي شعبي ۾ بهتري سٺو سنوڻ آھي، پائيدار ترقي لاءِ ادائيگي جو توازن ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ اهم آهن.
محمد اورنگزيب چيو تہ آءِ ٽي شعبي ۾ ماهوار بنيادن تي بهتري ڏٺي پئي وڃي، امپورٽ تي بہ نظر آهي، ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ بہ اضافو ٿي رھيو آهي.
هن چيو تہ وزيراعظم چيو تہ پرائيويٽ سيڪٽر ئي ملڪ جي اڳواڻي ڪندو، حڪومت خانگي شعبي جي حوصلہ افزائي ڪري رھي آهي.
وفاقي ناڻي واري وزير چيو تہ وزيراعظم برآمد تي لاڳو سرچارج ختم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، پرائيويٽ سيڪٽر جون تجويزون ٻڌيون آھن، پرائيويٽ سيڪٽر جي سٺي تجويز تي جلد کان جلد ڪم ٿيندو.
ھن چيو تہ برآمد تي لاڳو ٽيڪس جي خاتمي جي ڪابينا کان منظوري لاءِ سمري اماڻي وئي آهي. پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ جو قرض ادائيگي تي ھاڪاري اثر پيو،
وفاقي وزير وڌيڪ چيو تہ اين ايف سي ايوارڊ بابت اجلاس ايندڙ ھفتي ٿيندو…….