عمران خان جون ڀينر ڀارتي چينلز تي ملڪ کي بدنام ڪري رھيون آھن: اطلاعات وارو وزير

60

اسلام آباد :  اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي تہ پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون ڀارتي چينلز تي ملڪ کي بدنام ڪري رھيون آهن

صحافين سان ڳالهيون ڪندي عطا تارڙ چيو تہ پي ٽي آءِ  باني، شهباز شريف تي ڪوڙو الزام لڳايو هو، عدالت ۾ پيش ٿي پي ٽي آءِ جي وڪيل سوالن جو جواب ڏنو، باني شهباز شريف تي الزام مختلف فورمز ٻيهر ورجايا

هن چيو تہ باني جا جيترا فيصلا هئا اهي روحانيت جو لباس پائي سندس گهر واري ڪندي هئي، سمورا معاشي ۽ سياسي فيصلا بہ سندس زال ڪندي هئي، اڄ  سموري دنيا چئي رھي آهي تہ باني جي فيصلن جي پٺيان ڪوڙ ۽ ڪوڙن الزامن جو هڪ هٿ ٺوڪيو نظام هو.

هن چيو تہ پي ٽي آءِ باني 2017ع جي ڌرڻن دوران بہ ڪوڙا الزام لڳايا، باني بشريٰ بي بي جي چوڻ تي حڪومتي فيصلا ڪندو هو، پي ٽي آءِ باني جي سياست  منافقت، ڪوڙ ۽ الزامن کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ هئي.

وفاقي وزير چيو تہ وانا ڪيڊٽ ڪاليج واقعو اي پي ايس پشاور کان وڏو سانحو ٿي  پئي سگھيو، وانا ۾ پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري 500 کان وڌيڪ شاگردن کي بازياب ڪرايو، وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي پاڪ فوج مهارت ۽ بهادري سان آپريشن ڪيو.

وفاقي وزير چيو تہ پي ٽي آءِ جو مطالبو غيرقانوني آهي، هي ڪجهہ ماڻهو  آهن جيڪي روز امن امان جي خراب صورتحال پيدا ڪندا آهن، امن امان جي صورتحال خراب ڪري ڪنهن سان ملاقات نٿي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ جا سمورا سوشل اڪائونٽس  ڀارت ۽ افغانستان مان هلي رھيا آهن هي ماڻهو ڀارت ۽ افغانستان مان مهم هلائي پاڻ کي ايڪسپوز ڪري رھيا آھن، ھي ماڻهو دشمنن سان گڏجي  سازشون ڪندا آهن، گارين واري مهم ۽ الزامن سان ڪوبہ فرق نٿو پوي.

هن چيو تہ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڊرگ اسمگلنگ کي پروموٽ ڪري رھي آهي، تمباڪو مافيا جيڪڏھن ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪندي تہ 500 ارب جو ٽيڪس جمع ٿي سگهي ٿو، ڪي پي ڪي ۾ اقتدار ۾ اچي ماڻهن جا کيسا ڀريا ويندا آهن،  نان ڪسٽم پيڊ گاڏين خلاف ڪارروائي صوبائي حڪومت کي ڪرڻي آهي، افغانستان مان پاڪستان تي حملا ٿيندا آهن ۽ اهي ماڻهو افغان حڪومت جا ترجمان بڻيل آهن، محمود خان اچڪزئي اسيمبلي ۾ بيهي رڳو ڪابل ڪابل جي ڳالهہ ڪئي، اسان جي هٿياربند فوج سرحدن جي حفاظت ڪري رھي آهي.

وفاقي اطلاعات واري وزير چيو تہ پي ٽي آءِ جون 3 ڀينرون 9 مئي تي بہ ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ موجود هيون،  ٽئي ڀينرون جٿن کي کڻي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ موجود هيون، جنهن جون شاهديون بہ موجود آهن، ڀارت ۽ افغانستان جي چينلز تي وڃي پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون انٽرويو ڏئي ملڪ کي بدنام ڪري رھيون، اهو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.

عطاءُ تارڙ چيو تہ سزا يافتہ شخص جي لاءِ اوھان ڀارتي ميڊيا تي وڃي انٽرويو ڏئي رھيا آھيو، ڀارتي ميڊيا ۽ افغان ميڊيا تي اڄ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون  ڪاش ڀارتي ميڊيا تي مودي جي مذمت ڪن ها، هن چيو تہ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو منشيات فروشن سان تعلق آهي……..

Leave A Reply

Your email address will not be published.